Monday, March 13, 2017

عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪيترو حصو آهي؟ يا ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ۽ هلندڙ وقت تائين ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سندن معاونت ڪهڙي اوج تي پهتل آهي. انهيءَ جو تفصيلي جائزو ڏيڻ کان اڳ پهرين مختصر اها وضاحت ڪنديس ته ٻولي ڇاکي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي ٿي؟ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟


حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻوليءَ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ٻولي چئبو آهي اهڙن لفظي ۽ معنادار آوازن کي جن جي وسيلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻئي هم زبان ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙن کي پنهنجو مطلب پوريءَ طرح سمجهائي، مطلب ته ٻولي لفظ ”ٻول“ يعني ٻولڻ ڳالهائڻ جي معنيٰ به وٺي سگهي ٿي ۽ اهي لفظ يا ٻول بامقصد ۽ بامعنيٰ هئڻ گهرجن. رب پاڪ انسان کي قوتي گويائي جي قوت سان گڏ کيس قلم وسيلي علم حاصل ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اهڙيءَ ريت انسان علم ۽ عقل، زبان ۽ هٿن جي ميلاپ سان پنهنجي خيالن جي ترجماني زباني ۽ تحريري طور ڪري نه فقط مهذب شمار ٿيو، پر پنهنجي ٻوليءَ جو وارث ۽ نگهبان ٿيو، جيئن ته ٻولي انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. تنهن ڪري دنيا جي مختلف سماجن ۾ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون آهن. هر ڪا ٻولي پنهنجي سماج جي معرفت ترقي ڪندي آهي. هر ٻوليءَ جو بنياد ان جي بنيادي اکرن (حروف تهجي) آئويٽا تي ٻڌل آهي. ان کانسواءِ ان ٻوليءَ جو پڙهڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ مشڪل آهي. مطلب ته ٻولي انساني عمل جو ذريعو ۽ سندس ذهني ۽ عملي شعور آهي. ٻوليءَ جي سماجي، قومي، علمي ۽ ادبي اهميت اها آهي ته ٻوليءَ جي ڪري ئي انسان اشرف المخلوقات جي مٿانهين درجي تي قائم آهي ته ٻوليءَ جي بياني ۽ تحريري قوت سکڻ سان قومن ۽ سماجن جو سڌرڻ عمل ۾ آيو آهي ۽ ادب جو بنياد پيو، ڪنهن به سماج جي مهذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ اهو ادب ئي آهي جنهن جي تخليق سان هر سماج ۾ هڪ مثبت تبديلي اچي ٿي. ادب فقط انساني حياتي جو تفسير ۽ آئينو نه آهي، پر اهو ”لطيف فن“ قومن جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي. ٻوليءَ جي اوسر ڪنهن به سماج ۾ ادب کانسواءِ نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو ادب ٻوليءَ کانسواءِ جڙي ۽ وڌي ويجهي سگهي ٿو. اهي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، پر عام ٻوليءَ کان ادبي ٻولي مختلف هجي ٿي. لکندڙ پنهنجي تحرير ۾ ڪاميابي تڏهن ماڻي ٿو، جڏهن هو ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ڪري پنهنجي تحرير ۽ تقرير کي وزنائتو ڪري پيش ڪري. ٻوليءَ جي هنڌائتن لفظن جي ڪتب سان ئي سندس تحرير ۾ لطافت، نزاڪت، فڪري پختگي ۽ تاثر قائم ٿيندو آهي.
سنڌي ٻولي هڪ قديم، مٺڙي، علمي ۽ ادبي ٻولي آهي، جنهن ۾ واڌ، ويجهه، علم ۽ ادب جي رابطي جي قوت جون خوبيون اعليٰ درجي جون موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وڏو خزانو موجود آهي. هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ علمي ۽ ادبي تصنيفات موجود آهي. ادبي ڪتابن ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب جهجهي مقدار ۾ موجود آهن. نظم واري حصي ۾ ڳاهون، ڳيچ، بيت، وايون، ڪافيون، غزل، دوها، قطعا، نظم، آزاد نظم، ترائيل، سانيٽ، هائيڪا منظوم ڊراما ۽ ٻيون صنفون شامل آهن ته نثر ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ناول، ناٽڪ، مضمون، مقالا، سفرناما، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻيون، ڊائريون، انٽرويوز، خط، خاڪا ۽ ٻيون صنفون آهن، جن ۾ ڇپيل انيڪ ڪتاب موجود آهن.
ٻوليءَ جي هن ترقيءَ جي سفر ۾ اسان جي ڪيترين ئي ڀينرن پڻ پاڻ ملهايو آهي. جيڪڏهن ابتدا کان غور ڪريون ٿا ته اهو نتيجو ٿو نڪري ته تحقيق عورت ئي ٻوليءَ جي خالق آهي ۽ اها ئي ان جي امين آهي. اها ماءُ جي هنج ئي آهي، جتان ٻارڙو ٻوليءَ جي شروعات ٿو ڪري. گهرو ماحول ۾ عورتن وٽ ايترا انيڪ لفظ، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، جيڪي عام ڪاروباري، وهنواري يا ڪتابي ٻوليءَ ۾ به گهٽ استعمال ٿيل هجن ٿا. زناني عالم جو اهو قديم لفظن جو خزانو اسان کي گهڻي ڀاڱي عورتن جي تحريرن ۾ ملندو، جنهن جا مثال مون هن مقالي ۾ اڳيان هلي سندن فن جي پرک ۾ پيش ڪيا آهن.
عورتاڻي ادب جي شروعات ۽ سندن پڙهيل ڳڙهيل هئڻ جا ڪجهه ثبوت سومرن ۽ سمن جي دور جي شاعريءَ مان ملن ٿا. مائي مرکان شيخڻ جا صوفيانه ڳيچ هن ڏس ۾ اهميت رکن ٿا. سندس تعلق بدين ضلعي سان هو ۽ وفات 1300ع ڌاري ٿي. سندس ڪلام پنهنجي مرشد شيخ ڀانڊاريءَ جي واکاڻ ۾ چيل آهي. مغليه دور جي مائي ساران، سمن جي دور جي جادل جتڻي، ڪلهوڙو ۽ ٽالپر دور جي مائي نيامت ۽ نماڻو فقير ۽ پوءِ مائي غلام فاطمه جا نالا اهم آهن. مائي نعمت شاهه جي ڪلام جي شيدائي هئي. کيس ڳچ ڪلام ياد هو، سندس هٿ اکر لکيل شاهه جي رسالي جو نسخو جيڪو هن 28 جمادالثاني سن 1270 هه بمطابق 28 مارچ 1845ع تي ڪنهن قديم نسخي تان اُتاري پورو ڪيو هو، مستند نسخن ۾ شمار ٿيو، ڪنهن عورت جي تحرير جو اهو پهريون نمونو آهي، هن نسخي جي آخر ۾ مائي نعمت جي ذاتي شاعريءَ جو نمونو آهي، هن ڏس ۾ لکي ٿو ته:
مائي ملي نعمت جو هٿ اکر کليل نسخو نهايت خوشخط صحيح ۽ سنهري جدولن سان آهي. مائي صاحبه ڪمال ڪيو آهي. اهڙيون عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن ٻيا ڪتاب لکيا هوندا، پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن.“
هتي هيءَ نڪتو توجهه طلب آهي ته ”شاهه عبداللطيف جو رسالو“ جيڪو اڄ به سنڌي ٻوليءَ جي لغت جي اڻ کٽ کاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پروانو شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کي صديون اڳ هڪ عورت ايتري سهڻائيءَ سان سمجهيو،  ياد ڪيو ۽ مڪمل نسخو لکيو جو کيس هڪ وڏي عالم مٿئين ريت مڃتا ڏني آهي ۽ تحقيق انهيءَ گمان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور ۾ عورتون لکي پڙهي ڄاڻنديون هيون، ڇو جو ميرن جي دور جي علمي حالت مضبوط هئي. مير صاحبان علم جا قدردان ۽ ادب پرور هئا. گل حسن ڪربلائي هن دور جي زناني تعليم بابت لکي ٿو ته:
سنڌ جي ٽالپر شهزادين جو وڏو علمي ذوق ۽ شوق هو، وٽن نادر ڪتاب مطالعي هيٺ هوندا هئا.“
ميرن جي حرمن جي عورتن کي ڏسندي ڏسندي عام عورتن ۾ پڻ لکڻ پڙهڻ جو چاهه وڌيو ۽ ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ علم حاصل ڪنديون هيون. ٽالپر دور ۾ سنڌي عورتن جي تعليم جي سجاڳي ۽ سندن پڙهيل ڳڙهيل هئڻ باوجود به ڪا سندن تصنيف موجود نه رهي آهي. انهيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. منهنجي نظر ۾ اهو امڪان قوي آهي ته انگريز حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ اڳيان هلي هندوستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي سان ڪيترائي ذاتي ڪتب خانا تباهه ٿي ويا، جنهن جي ڪري هن دور جي عورتن جا تحرير نويسيءَ جا مثال موجود نه رهي سگهيا.
1947ع کان اڳ سنڌ ۾ نئون تعليمي سرشتو قائم ٿيو هو يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿيون. انگريزي تعليم کي فروغ ڏنو ويو، پر سنڌي ٻوليءَ کي پڻ وڏي اهميت ملي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف، ب مقرر ٿيڻ سان ٻوليءَ کي مضبوطي ملي. هن دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي صحافت جي واڌ سان ٻوليءَ جي وڏي ترقي ٿي. نثر جي واڌاري جون راهون هموار ٿيون. مضمون نويسيءَ کي اخبارن ۽ رسالن وسيلي ابتدا ۾ ئي اوج مليو ته ناول جي صنف وڏي ترقي ماڻي. هن دور جو وڏو نالو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو آهي، جن جي معياري ۽ مقداري تصنيفات سبب کيس ”سنڌي نثر جو ابو“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ هن دور م ڪيترن ئي وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جيئن ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، شمس الدين بلبل، دين محمد وفائي، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻين ڪيترن سان گڏ عورتن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي. شاعريءَ ۾ مائي غلام فاطمه لال (1925-1865) مونس هالائي جنم 1910ع، ڀڳواني داسي، راما ٻائي، ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هنڱوراڻي، سدري ٽلهراماڻي ۽ ٻين جا نالا ملن ٿا. مائي غلام فاطمه جي ڪلام ۾ پختگي آهي پر سندس ڪلام گهٽ مليو آهي. هيٺ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو.
رهنديس ڪين منجهه ڀنڀور،
پنهل پڄاڻان جيڏيون،
بدر ڇڏي ويا ننڊ ۾،
ڪانه ڪيائون تڪ تور،
هزارين هوتن جا اٿم هينئڙي هور.
انگريز دور ۾ ڪملا ڪيسواڻيءَ جو نالو شاعره ۽ نقاد طور مشهور آهي، سندس مزاحيه نظم گوگڙن جي باري ۾ مقبول ٿيو. کيس ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ عنوان سان، هڪ تنقيدي مقالو لکيو، جنهن ۾ ليکراج ڪشنچند عزيز، بيدل، سچل، روحل ۽ بيڪس جي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس ڪري ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي گهڻن لفظن جي استعمال تي آواز اٿاريو، لکي ٿي ته:
سنڌي ٻولي جيترو ٿي سگهي اوترو نج صورت ۾ هجي ته بهتر آهي، گهڻا سنسڪرت يا عربي لفظ سنڌي نظم ۾ استعمال ڪرڻ سنڌيءَ جي سڀاويڪ صورت کي بگاڙڻ جو هڪ ڪارگر اپاءُ آهي. ديوان عزيز جي پهرين ڀاڱي ۾ عربي ۽ فارسي جهجهي وزن ۾ ٻرڪيل آهي.“
ڪيڏي نه ڪارائتي ڳالهه ڪئي، ڪملا ڪيسواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو، هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن ۽ هندوئن ۾ سياسي حالتن باعث ويڇا وڌيا هئا ۽ انهيءَ جو اثر ادب تي پڻ پيو هو. هڪ اهڙو لاڙو پيدا ٿيو جو مسلمانن پنهنجي لکڻين ۾ عربي ۽ فارسي لفظ وڌيا ۽ هندن، سنسڪرت ۽ گرمکي ۽ هندي لفظن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو ۽ اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي صورتحال بگڙجڻ لڳي. مولانا دين محمد وفائي پهريون عالم هو، جنهن پنهنجي اخبار وسيلي انهيءَ اهم نڪتي کي کنيو. کين لال چند امر ڏنو مل ۽ ڄيٺ مل پرسرام جو ساٿ حاصل ٿيو، جن جا مضمون ڀارت واسي اخبار ۾ پڻ آيا ته ”سنڌي ٻوليءَ تي مارو“، ”سنڌي ٻوليءَ سان انڌير“ ۽ ٻين عنوان سان هئا. سنڌي ٻوليءَ جي خير خواهن کي نج سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ اپيلون ڪيون ويون. هن دور جي، ”ٻولي بچاءُ هلچل تحريڪ“ جنهن ۾ اخبارن ۾ وڏا بحث مباحثا آيا، سا سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي حيثيت کي مڃتا ملي، لکندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ لاءِ هڪ محبت ۽ فخر جو جذبو جاڳيو.

ورهاڱي کان اڳ گلي سدا رنگاڻي پهرين سنڌي عورت هئي، جنهن تخليقي ادب ۾ مڪمل ڪتاب لکيا، هن ڪماري ڪرپالاڻي جي نالي سان پهريون ناول 1938ع ۾ ”گورا“ جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جورابندر ناٿ ٽئگور جي ناول تان ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ”جواهر لعل نهروءَ جا ڌيءَ ڏانهن خط، انگريءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ 1936ع ۾ ترجمو ڪيائين، شاديءَ کانپوءِ هن گلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان ”اتحاد“ ناول طبعزاد لکيو جو موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان هڪ وڻندڙ ناول آهي. موضوع جي حوالي سان اهو ناول سنڌي مسلم اتحاد جو سڏ هو، پر انهيءَ ناول جي ڪاميابيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي استعمال جو ڪمال به آهي. ادبي تاريخن ۾ انهيءَ جي نشاندهي نه ٿي آهي، بلڪه هڪ وڏي محقق محترم منگهارام ملڪاڻي صاحب لکيو آهي ته:
”هن ناول جي عبارت ۾ هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ اتحاد رکيل هو. درحقيقت ائين نه آهي، ملڪاڻي جو مٿيون جملو گليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي لاجواب خدمت کي ڪسو ڪري رهيو آهي. اتحاد ناول جي غور سان اڀياس بعد، ذاتي طور آئون انهيءَ نتيجي تي پهتيس ته هيءُ ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ جاندار ناول آهي، جنهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن ته فارسي لفظ نه هئڻ برابر آهن. فاضل ليکڪه بيشڪ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيل هئي، پر کيس سنڌي ٻوليءَ تي عبور هو، ٽئگور جو ناول گورا جو قوميت جي باري ۾ هو، تنهن منجهس پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ فخر جو جذبو جاڳايو ۽ ليکڪه اهو اظهار ”اتحاد“ ناول جي مهاڳ ۾ پڻ ڪيو آهي. هن سوچي سمجهي نج سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي. 1941ع ۾ لکيل اتحاد ناول جي ٻولي هيٺين ريت آهي، ليکڪه لکي ٿي ته:
”آشا سٻاجهي هئي، پر همت ڀري، ڄاڻ هئس ته هوڏي ۽ مورکن سان پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻ ٿيندو. ”رڃ ۾ ٻج ڇٽڻ“، ”صبر جنين جو سير تير نه گسي تن جو“. اهو ئي وشواس سندس شڪتي هئي. سندس ظاهري ماڻيٺي پر مرڪندڙ مکڙي مان ائين پيو لڳندو هو ته کيس يقين آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سڳوري ڏينهن کيس ضرور هن پڃڙي مان پر پکيڙڻ جي آزادي ملندي. ماندي ٿي نه مارئي الله اوڏو آهي. سور ورهين جا ڏکڙا هڪڙي لحظي ۾ لاهي، اهڙي ئي اميد تي آشا پيئي تڳندي هئي. هوءَ ڄڻ ته ڪنهن اڻ سڃاتل سونهين لاءِ سيڙي ويٺي هئي.“
”گورا“ ۽ ”اتحاد“ کانپوءِ هن ليکڪه ٻه ٻيا ناول ”آخرين انقلاب“ ۽ ”ساڌنا جو سپنو“ لکيا. هوءَ گلستان مخزن جي ايڊيٽر پڻ هئي، کيس ڏسندي ڪيتريون ڀينرون ادب جي ميدان ۾ آيون. اخبارن ۾ سندن مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون ته ناول جهڙي ڏکيءَ صنف ۾ پڻ لکيائون. سيتا ديويءَ جو ”سرجا“ چندرا آڏواڻيءَ جو ”پريم جيون“ اندرا هيمرا جاڻيءَ جا ”ڪانتا“، ”ٻه دليون“ ۽ ٻيا ناول ميدان ۾ آيا. مائي واساڻيءَ جو ڪهاڻين جو مجموعو ”مائي واساڻي جون ڪهاڻيون“ 1947ع ۾ شايع ٿيو. عورتن هن دور ۾ مضمون، خط ۽ ڪتابن جا مهاڳ لکيا. پهرين خط 1890ع جو لکيل ملي ٿو جو هڪ گهرو خط آهي جو ريٽا شهاڻيءَ جي ڏاڏيءَ وشني ٻائي جو آهي ۽ اهي ڪل اٺ خط آهن. ريٽا موجب ته انهن خطن ۾ سنڌي ٻولي ساڳي اڄ جي سنڌي پئي لڳي، جڏهن ته انهن خطن کي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي.
حاصل مطلب ته انگريز دور ۾ سنڌي عورتن جي ادبي صنفن ۾ شموليت رهي. هنن ڪهاڻيون، ناول، مضمون، مقالا، مهاڳ ۽ خط لکيا ۽ شاعري پڻ موجود آهي. وٽن سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شانائتو رهيو. ڪي قدر لفظ ٻين ٻولين جا پڻ ڪجهه ليکڪائن وٽ ملن ٿا، پر مجموعي طور نج سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان جيئن ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ ڦيرو آيو، تيئن ماڻهن جي سوچ ويچار جي تبديليءَ جو اثر ادب تي پڻ ٿيو. غير سنڌين جي اچڻ ۽ هندوئن جي هتان لڏي وڃڻ سان اردو ٻولي ۽ ماحول جو اثر سنڌي ادب تي پوڻ لڳو. سنڌ جي وڏن شهرن جي گهرن ۾ اردو ٻولي ڳالهائڻ ۾ استعمال اچڻ لڳي ۽ ڪيترائي اردو رسالا ۽ اخبارون سندن گهرن ۾ اچڻ لڳا، پر پوءِ جلد ئي سجاڳيءَ جي لهر شروع ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ون يونٽ خلاف تحريڪون شروع ٿيون. پنهنجي سڃاڻپ جو شعور وڌيو، عورتن جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالن کانسواءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ عورتون لکڻ لڳيون. عورتن جي طرفان نڪرندڙ رسالن ۾ ”مارئي“ 1957ع ۾ بيگم زينت عبدالله چنا، ”اديون“ 1965ع بيگم خانه خديجه دائود پوٽو، ”سوجهرو“ 1972ع گلبانو سلطانه شايع ٿيڻ لڳا. ان کانسواءِ ماهوار نئين زندگي، سنڌي ادبي بورڊ جو ٽه ماهي مهراڻ، طارق اشرف جو ”سهڻي“ ۽ ٻيا رسالا جن ۾ عورتون لکڻ لڳيون. سرحدن جي پابندين جي ڪري هندستان ۾ ڇپيل ادب هتي مشڪل سان ملندو هو. حالانڪه هندوستان ۾ ڪيتريون ئي ڀينرون لکندڙ هيون ۽ اڄ به ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيون آهن. شروع دور کان اڄ تائين جي ليکڪائن ۽ شاعرائن جا جيڪڏهن فقط نالا ئي هن مقالي ۾ ڏجن ته مواد طويل ٿي ويندو. مختصراً چند هن ريت آهن، پوپٽي هيرا ننداڻي، سندري اتم چنداڻي، بيگم زينت عبدالله چنا، روشن آرا مغل، بادام ناتوان، نور شاهين، رضيه ناز ڀٽي، عطيه بيگم جوڻيجو، ثميره زرين، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، خيرالنساءِ جعفري، جيجي زرينه بلوچ، ڪلا پرڪاش، وينا شرنگي، ريٽا شهاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، لڇمي اميسر، اندرا شبنم، سوني مولچنداڻي، رتنا گوديا رولاڪ، رشمي راماڻي، زيڊ اي شيخ، ثريه ياسمين، اقبال پروين سومرو، ثريا ڀٽي، مهتاب اڪبر راشدي، ثريا سوز ڏيپلائي، ليليٰ بانا، پروفيسر تنوير جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجا، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، نيلوفر جويو، اختر بلوچ، زبيده ميتلو، رضيه کوکر، نذير ناز، ڊاڪٽر قمر واحد، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، گلبدن جاويد، ثمينه ميمڻ، نجمه پنهور، ماهين هيسباڻي، خديجه شيخ، مريم مجيدي، زيب نظاماڻي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڀينرون جن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سَوَن جي حساب سان سندن ڪهاڻين جا مجموعا، ناول، آتم ڪهاڻيون، سفرناما، سوانح عمريون، ڊائريون ۽ شاعريءَ جا ڪتاب ملن ٿا. ورهاڱي کانپوءِ نور شاهين پهرين شاعره شمار ٿئي ٿي، جنهن جو شاعريءَ جو مجموعو ”رس مَ رسڻ گهوريو“ 1968ع ۾ شايع ٿيو. هوءَ ڪافيءَ جي ڪلاسيڪل شاعري کان متاثر هئي. سندس شاعري ٻوليءَ جي لحاظ کان ميٺاج واري ۽ پخته آهي. چوي ٿي ته،
راڻي ۾ هئي ڪاڻ، جو بيهي نه سگهيو ڪين،
تکا هئا ڪي ٻاڻ، برهه سندي بيراڳ ۾. (نور شاهين)
نور شاهين کانسواءِ ٻين جي شاعرائن جا ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ۾ ”مان سنڌڻ“ پوپٽي هيراننداڻي، ”هڳاءُ“ سندري اتم چنداڻي، ”ممتا جون لهرون“ ڪلا پرڪاش، ”منهنجي حد آڪاش“، ”ارٿ جو آواز“ ريٽا شاهاڻي، ”خوابن جا ايوان“، ”رولاڪ خواب“ ج ع منگهاڻي، ”سنڌ تنهنجا سڏ“ شمشاد مرزا، ”دونهاٽيل درشن“ سلطانه وقاصي، ”ڳولا“ منور سلطانه، ”سروم دکم“ مريم مجيدي، ”ڏات منهنجي ڏوهاري آ“ زبيده ميتلو، ”بند اکين ۾ آسمان“، ”دريءَ کان ٻاهر“ پشپا ولڀ، ”لوچين سي لهن“، ”مون ۾ آهين تون“ ميمڻ روشن تبسم، ”قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ“ نورالهديٰ شاهه، ”آءٌ غزل ڇو نه چوان“ نذير ناز، عطيه دائود، ”ريشمي آواز“ پارس عباسي، ”پياسي ساڀيان جل ٿيل خواب“، ”نگاهن جا سجدا“ رخسانه پريت چنڙ، ”لفظن ڀڳيو آ بنواس“ سيما عباسي، ”درد جي خوشبوءِ“، ”تون ۽ مان“ حميره نور، ”چنڊ، سمنڊ ۽ مان“ شبانه سنڌي، ”چنڊ ۽ چاهيون“ فضا غزل، ”آخري لفظ“ شبنم گل، ”وفائون اڪيليون“ شبانه عالماڻي، ”رڻ رڙيون ٿو ڪري“، ”درد جي پاڇي ۾“ نسرين الطاف، ”ڪنهن ڪنهن جي ننڊ چورائي“ نسرين سيد، ”منهنجي ڌرتي“ ارم محبوب، ”تون“ ماهين هيسباڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شاعريءَ جا ملن ٿا، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، بيت، گيت، وايون ۽ ٻين صنفن جو مواد ملي ٿو. هيٺ چند مثال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿي ته جيئن موضوع ۽ مواد سان گڏ خاص طور ٻوليءَ جون خاصيتون پسي سگهجن.
سورن جي سنجوئي مالا،
گيت بنايا مون متوالا،
چاهت جي چانڊاڻ لڻي مون،
چوڏس ڪيڙا جوت اجالا.

شاعريءَ ۾ ڪتب آندل، لفظ، استعارا، تشبيهون، تلميحون، علامتون ۽ ٻيون سڀ فني ضرورتون ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ وسعت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هجن ٿيون. نذير ناز ڀٽ ڌڻيءَ جي وستيءَ کي ڀيٽا ڏيندي چوي ٿي ته:
وسن شل ڳوٺ ۽ واهڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾،
سدائين هون شل سانوڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾،
مرادون پڙ مٿي، پوريون ڪرين سانگين سنگهارن جون،
ورهايون ڪي مٺايون مڻ، ڀٽائي تنهنجي وستيءَ ۾.
ماهين هيسباڻيءَ جو فقط هڪ ڪتاب ڇپيل آهي پر هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جو سهڻو استعمال سندس فن جي پختگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. هيٺين چؤسٽي ۾ هن شاعريءَ جي اهميت هن ريت ظاهر ڪئي آهي.
شاعريءَ کي زندگي ارپي ڇڏيم،
زندگيءَ کي عاشقي ارپي ڇڏيم،
عشق کان ناهي اُتم ڪا ذات ٻي،
عاشقيءَ کي بندگي ارپي ڇڏيم.
”شڪسته زندگي“، ”خوش خصلت خاتون“ بادام ناتوان، ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ڊاڪٽر شمس عباسي، ”ٻولي منهنجي ماءُ“، ”ڏاهي مَ ٿيان“، ”منهنجي حياتي جا سونا رويا ورق“، ”پوپٽي هيرا ننداڻي“، ”گهنڊ ڄاڻ وڳو“، ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ ريٽا شهاڻي، ”منهنجا معصوم سڄڻ“، وينا شرنگي، ”جي هينئڙي منجهه هُرن“، ڪلا پرڪاش، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ سندري اتم چنداڻي، عيبن هاڻي، تنوير جوڻيجو، ٽي مسافر ٽي شهر، اختر بلوچ، قيدياڻي جي ڊائري، اختر بلوچ، اندر جنين اُڃ، ”سرهي سرهي سار“ ماهتاب محبوب، “هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ فهميده حسين، ”مارئي ۽ مان“ روشن ميمڻ، ”پائي پٽ ڪڻا“ ڊاڪٽر نور افروز خواجا، ”اکيون ميگهه ملهار“ خديجه شيخ، ”محبت جو مينهن“ مايا راهي، ”اڌوري زندگي“ سروج گوپال، ”سپنو ساڀيان ساڻ“ شبانه سنڌي ۽ ٻيا ڪافي ڪتاب آهن، انهن ليکڪائن جي ڪيترن ئي ڪتابن تي کين ادبي ايوارڊ پڻ مليا آهن.ٻوليءَ جي تعليم يا تعليم جي ٻولي؟؟

ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن به تخليق جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ٿي ته انهيءَ فن ۾ ٻوليءَ جي تحرڪ کي ڏسڻ واسطي ماهرن هيٺين نقطن کي ذهن ۾ رکڻ ضروري قرار ڏنو آهي. اسلوب بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، اصطلاح، استعارا، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، تشبيهون، علامتون، تجنيسون، نج سنڌي لفظن جو استعمال، سلاست، بلاغت، فصاحت ۽ ٻيون خوبيون آهن. مٿي ڄاڻايل ٻوليءَ جي خاصيتن مطابق تحقيق کانپوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته اسان وٽ سنڌ توڙي ان جي ليکڪائن پنهنجي تحريرن ۾ اعليٰ ادبي زبان آڻڻ لاءِ نوان نوان لفظ، ترڪيبون ۽ بامعنيٰ اصطلاحات ڪم آندا آهن، پر جتي جتي اهو استعمال نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي، اتي ڄڻ سندن تحرير سنڌي ٻوليءَ کان اوپري ٿي بيٺي آهي. هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا ته جيئن ليکڪائن جي لکيل نثر جي پرک ٿي سگهي. پوپٽي هيرا ننداڻي لکي ٿي ته:
”تڏهن مان ڄڻ ڇيهون ڇيهون ٿي پيس، جيئن ريشمي ڪپڙن کي پٿر تي سٽبو آهي ته ليڙون ليڙون ٿي پوندو آهي، تيئن منهنجو من ڇڄي تندون تارون ٿي پيو.
مٿين حوالي ۾ خيال جي بلنديءَ سان گڏ هم قافيه لفظن جو شانائتو استعمال ته آهي، گڏوگڏ تجنيس حرفيءَ جي سونهن به وڻندڙ آهي.
بادام ناتوان اسان وٽ شروع جي نثر نگار عورتن ۾ شمار ٿئي ٿي، سندس لکيل نثر ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪڏهن عام فهم ۽ سليس آهي ته ڪنهن وقت هن نه سمجهه ۾ ايندڙ دقيق ٻولي پڻ ڪتب آندي آهي. هيٺ ساڳيءَ ليکڪه جي نثر جا ٻه مثال سندس ٻن مختلف ڪتابن مان پيش ڪجن ٿا. ”خوش خصلت خاتون“ ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته: ”قدرت الاهي، انسان ذات کي ڏيکاري ٿي ته دنيا ۾ خوشي ۽ غم لازم و ملزوم آهن. هميشه نه خوشي رهندي ۽ نه ئي غم رهندو“.
ڪتاب ”شڪسته زندگي“ ۾ لکي ٿي ته، ”جذبات هڪ بيخود سرمايو آهي، جنهن کي ادا ٿيڻ بغير آرام نه ايندو آهي، دک جو ٻيو نالو سانت آهي، خاموش آنسو گونگي آهه.
پهريون حوالو عام فهم ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ته ٻيو ڪي قدر منجهيل ۽ ڏکيو آهي. ماهتاب محبوب جو نالو سنڌي ٻوليءَ نثر جي صف اول جي ليکڪائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هوءَ اڌ صديءَ کان سنئين سڌي ۽ بامحاوره نثر ۾ لکندي اچي پئي. هن طنزيه ۽ سنجيده هرهڪ لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي فطري انداز کي اهميت ڏني آهي. سندس فقط ٻن ڪتابن ”لهر لهر زندگي“ ۽ ”مٺي مراد“ ۾ ٻوليءَ جي اصطلاحي جزن جي ڪتب جو جائزو وٺجي ٿو ته حيرت ٿئي ٿي. هن ڪيڏي نه شاندار نموني سان پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ گفتارن کي ٻوليءَ جو حصو بڻائي ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ آندو آهي، جيئن مثال طور:
”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو“، ”ڪٿي ڍور سڃا ڪٿي چور سڃا“، ”ڪريان ٿي ڪيهه مڙندا ٽيهه“، ”پيرن مان لاهي منهن تي هڻڻ“، ”پيرين پوڻ“، ”لکيو لوڙڻ“، ”ديرو دمائڻ“ وغيره. سندس ڪهاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي گهرو ماحول جو نقشو چٽيل آهي. انهيءَ مناسبت سان هن زناني عالم جي ٻوليءَ کي آندو آهي.
ثميره زرين جي لکڻين ۾ ڪٿي ته نج سنڌي ٻوليءَ جا جنسار آهن ته ڪٿي ڪٿي هُن اردو ٻوليءَ جي لفظن جو غير ضروري واهپو پڻ آندو آهي، جيئن ”روشن ڇانورو، ڪتاب ۾ لفظ، خنڪي، مرمين، سرگوشي، سنسني، نڪ ۾ دم، ساڪت و جامد جهڙا لفظ آهن.
سندس فن ۾ نج سنڌي لفظ پڻ آهن، جيئن لوساٽيل، اوجهڙ، جهاڳڻ، جهٻو، تاڃي پيٽو، هوائن ۾ هٻڪارون، ڏکن ۾ ڏنجهه، اونهي ۾ اسرار ۽ ٻيا مثال آهن. سندس افسانوي مجموعن ۾ ”گيت اڃايل مورن جا“، ”روشن ڇانورو“ ۽ ”آءٌ اهائي مارئي“ ڪهاڻيون آهن، جن مان ”پر-وس ٿيم پراڻ“، ”آءٌ اها ئي مارئي“، ”وڏيري“، ”مومل“، ”غيرت“، ”سوريءَ سزا وار“ ۽ ”پلئه پايو ڪچ“ ٻوليءَ جي حوالي سان مضبوط ۽ لاجواب آهن.
نورالهديٰ شاهه اردو ۽ انگريزي ادب جي اثر هيٺ پنهنجي فن جي شروعات ڪئي، پر جڏهن هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ته خوب اثرائتو لکيو. سندس لکيل ڪهاڻين، ناٽڪن ۽ ناول ۾ شاندار، لطيف ۽ وزنائتي ٻولي آهي، جا سندس فني شعور جي ساک ڏئي ٿي. نه فقط ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ ۽ سفرناما پر اسان وٽ علمي ۽ ادبي خطن لکڻ جو پڻ ڪمائتو رجحان رهيو آهي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر در شهوار سيد، مهتاب اڪبر راشدي، ليليٰ بانا، جيجي زرينه، اختر بلوچ، سحر امداد، ماهتاب محبوب، ثريا سوز ۽ ٻين ڪيترين ئي ليکڪائن خط لکيا آهن، جيڪي ادبي تاريخ ۾ خطوط نويسيءَ جي ارتقا جي حوالي سان ڳڻڻ جوڳا شمار ٿيندا.
هتي جيجي زرينه بلوچ جو هڪ خط پيش ڪريان ٿي جو هن پنهنجي ڌيءَ زينا/ اختر بلوچ کي جيل ۾ لکيو.
مٺي ڌيءَ زينا
جيئي سنڌ
آئون توتي جيترو فخر ڪريان، اوترو ٿورو، صرف مون کي تنهنجي صحت جو خيال آهي.
عظيم آهي اها قوم جنهن جون زالون ۽ مرد بهادر آهن. هيءَ ته سزا آهي پر جي توکي ڦاسي ڏين ته به اسان کي لوڏو نه ايندو. هڪڙي ڏينهن ائين ئي مرڻو آهي. تون منهنجي هڪڙي ڌيءَ آهين ،جي مون کي سؤ ڌيئون هجن ته به سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ ان تان گهوري ڇڏيان. منهنجون توکي هردم بهادري، سچائيءَ ۽ جرئت جون دعائون آهن.
عورتن جي فن جي ڳوڙهي اڀياس مان اهو نتيجو ظاهر ٿيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ عورتن پنهنجي مرد ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي معاونت ڪئي آهي. سندن سماجي، علمي ۽ ادبي حيثيت تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف رهي آهي، ته به باهمت ۽ باشعور عورتن پنهنجي تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيتن سان سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي. نظم ۽ نثر کانسواءِ صحافت، درسي ڪتابن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ به هنن لکيو آهي. سندن فن ڪڏهن ڪسو ته ڪڏهن جاندار رهيو، پر مجموعي طور سنڌ توڻي هند ۾ ليکڪائن جو ڇپيل ادب اها شاهدي ٿو ڏئي ته هنن سنڌي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.


No comments:

Post a Comment