Monday, March 13, 2017

عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪيترو حصو آهي؟ يا ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ۽ هلندڙ وقت تائين ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سندن معاونت ڪهڙي اوج تي پهتل آهي. انهيءَ جو تفصيلي جائزو ڏيڻ کان اڳ پهرين مختصر اها وضاحت ڪنديس ته ٻولي ڇاکي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي ٿي؟ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟

Friday, March 3, 2017

ڦونڊڙو - محمد سليمان وساڻ

ڦونڊڙو
محمد سليمان وساڻ
ڪجهه ڏينهن اڳ اسان واري اسرندڙ فيسبوڪي دانشور دوست جو، انباڪس ۾ نياپو مليو ته؛ ”جلدي چيٽ روم/ ڪچھري واري ڪوٺيءَ ۾ اچ.“
پاڻ وري، ڪچھري ڪوٺي سدائين بند رکون.
حڪم جي پيروي ڪندي، ڪچھري ڪوٺي کوليسين. نياپي واري پيتي پڻ چالو ڪئيسين.
”يار! منهنجو لکيل اسٽيٽس پڙهيو اٿئي؟“ سنيھو موڪليائين.
”يار! الائي ڪهڙو؟ تون روز ٻه ٽي درجن اسٽيٽس لکندو آهين. لڳ ڀڳ مڙني ۾ ٽئگ به ڪندو آهين!“ ورندي موڪليمانس.
”يار ڌمڪيءَ وارو اٽيٽس!“ ورندي آئي.
”يار! ڌمڪيون ته روز ھونديون آھن. خاص طور سنڌي قوم، اديبن ۽ سياستدانن کي ڌمڪيون ڇا گاريون به هونديون آهن.“ موٽ ڏنيمانس.
”يار! مان ان-فرينڊ ڪرڻ واري ڌمڪي جي ڳالهه ٿو ڪيان. تون به ان لاءِ تيار ٿي وڃ.“ ناراض ٿيندي، ڌمڪي آميز ٻوليءَ ۾، ڏنڊو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
پڙھي، دل ۾ خوش ٿيس ته اجھا جان ڇٽي.
يڪدم ياد آيو ته واقعي ان همراهه اهڙي پوسٽ لکي هئي؛ ”جيڪي دوست فيسبڪ تي سرگرم ناهن، انهن جو آپريشن ڪندي، کين ان-فرينڊ ڪري، ڪٽلي ڪبو.“
”يار! مون جيترو سرگرم ڪير هوندو؟!؟! روزانو ڪتابن جي پوسٽ، شاهه لطيف جا بيت، خبرون، چونڊ سنڌي شاعري، سالگرهه جا ڪارڊ، ورسيون..... وغيره وغيره ته ونڊيندو وتندو آھيان. انھن کي لائيڪ کان علاوھ مٿن پنھنجي راءِ پڻ ڏيندو رھندو آھيان.“ پنھنجي ٻي مصروفيت جا عذر ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم.
”ان سان منهنجو ڇا؟ منهنجي پوسٽ تي ته؛ نه ڪمينٽ آ ۽ نه وري لائيڪ آ“. لکجي آيو.
”يار ڏس!! ھر ڪنھن جي پسند پنھنجي آ، سوچ جداري آ. ٻيو ته تو وانگر سڀئي واندا به ناهن. ٽيون ته تنهنجي هر ٻي پوسٽ سڙيل، مدي خارج يا نقل ٿيل ھوندي آهي. ان تي ڪهڙي راءِ ڏيون؟!؟!“ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي، ورنديءَ ۾ لکيومانس.
”ٻه ڏينھن اٿئي! سڌري وڃ ۽ پنهنجي سرگرمي ڏيکار. ٻي صورت ۾ ياري ختم.“
”يار تنهنجي مرضي.“ گد گد ٿيندي لکيومانس.
مان ته پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس.
هفتي کانپوءِ، همراهه جي ھڪڙي مدي خارج ۽ ردي، بي تڪي ۽ سڙيل پوسٽ ٽئگ ٿيل ملي. کيس ڪچھري ڪمري مان نياپو موڪلي، پوسٽ جي تعريف ڪيم. مٿئون راءِ واري خاني ۾ سوال ڪيومانس؛ ”ھيترا ڏينھن راءِ نه ڏنيمانءِ، تنھن ھوندي به تو ان-فرينڊ نه ڪيو. سو ڇو؟!“
”بس ادا! سوچي سوچي، ڇڏي ڏنم. ان خيال سان ته؛ فرينڊ لسٽ ۾ چار چڱا ته هجن!! ڪي دانشور ته هجن!! جي اھي به خارج ڪيم يا ان-فرينڊ ڪيم ته ٽائيم لائين ڏسڻ وارا ماڻهو، مون لاءِ ڇا تصور ڪندا ۽ مون لاءِ ڇا چوندا؟“

ھو ته اها ڳالهه لکي، موڪلي، ڳالھ ٻولھ وارو خانو بند ڪري، هليو ويو. مان ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. پاڻ کي چڱو به سمجھڻ لڳس ته دانشور به.