Thursday, January 5, 2017

واعدو - منظور ڪوھيار


واعدو

منظور ڪوھيار

پهريون منظر

سنڌ جو ساڌو، سنت، پير ۽ فقير مردان شاه عرف سڪندر، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪري رهيو هيو:

”قلندر ڪبريا!..اسان جي سيوهڻ نگر ۾ انسان ذات دين ڌرم جي بنياد تي، رنگ ونسل جي بنياد تي، ذات پات جي بنياد تي، مرد ۽ عورت جي بنياد تي، امير ۽ غريب جي بنياد تي، بد ڪار ۽ نيڪو ڪار جي بنياد تي، ٻولي ۽ علائقي جي بنياد تي ايترو ته ورهائجي چڪي آهي؛ جو هڪ شهر ۾ رهندي به هر ڪنهن جا رستا الڳ، پاڙا الڳ، عبادت گاهون الڳ، خوشيون الڳ ۽ غم الڳ آهن. ڪن ماڻهن کي احساس برتري جي ڪري ڪنڌ ۾ ڪليون لڳل آهن ۽ ڪن جا احساس ڪمتري جي ڪري ڪنڌ جھڪيل آھن. هر دل ۾اَنائن ۽ تڪبر جا ٽي سؤ سٺ بت رکيل آهن. اتي اوهان جي تشريف آوري ضروري آهي.“


قلندر ڪبريا پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪرڻ کانسواءِ سوال ڪيو؛ ”ڇا ان شهر ۾ سوا لک پيرن فقيرن،بزرگن ۽ اوليائن هوندي به ايتري انڌير نگري آهي؟“

”ها، منهنجا مرشد، انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا آهي. ان ڪري جو هر پير فقير، ساڌو سنت پنهنجي ڏيڍ سري مسجد ۽ مڙهي ٺاهي ڇڏي آهي.“ مردان شاه عرف سڪندر با ادب ٿي وراڻيو.

دشت ڪلات جي ڪُور (نئين) ”گوارگو“ ۾ صاف شفاف پاڻي پٿرين جي مٿان نانگ وڪڙ کائيندي قلقل! ڪندي وهي رهيو هيو. ڀرسان هڪ پٿرائين ٿلهي تي کجيءَ جي پوٽن جي وڇايل نک مٿان قلندر ڪبريا چاليھ ڏينهن چلي ڪٽڻ کان پوءِ ڪنڌ جھڪايون ويٺو هيو. ڪرخت قسم جا وٽيل سٽيل ريش دراز ۽ ڀنڀا وار ڪلهن تي ڇڏيندڙ بلوچ سردار، تمندار ۽ ڪوهيار پنهنجي چيلھ سان ٻڌل تلوارون ڇوڙي باادب ٿي بيٺا هيا. ’گوارگو‘ جي ڪنڌيءَ تي بيگم جنگي کارڪن وارين کجيءَ جي وڻن جا ڇڳا تيز هوا جي دوش تي لڏي لمي رهيا هيا. وقفي وقفي سان پرڀرو بيٺل جتن ۽ بلوچن جي اُٺن ۽ گھوڙن جا رڙاٽ ۽ هڻڪار فضا ۾ بلند پئي ٿيا.

اوسي پاسي جا پارسيوان، جت ۽ پشتون مريد به ان سنڌي مريد جي ايڏي حجت تي حيران هيا. جڏهن ته سڀن کي خبر هئي، ته شهزادي سلطان محمد کيس ملتان اچڻ لاءِ ڪيڏا نه حيلا هلايا هيا. پاڻ تڏهن راضي ٿيا آهن؛ جڏهن سندن دلي دوستن ’شيخ بهاالدين ذڪريا‘، بابا فريدالدين گنج شڪر‘، ’شيخ شاه جلاالدين‘ برنامه موڪليا هيا. بلوچ سردار، تمندار ۽ ڪوهيار، سنڌي مريد شاه مردان عرف سڪندر کي ڏسي طنزيه انداز ۾ مشڪڻ لڳا ۽ سس پس ڪندي چوڻ لڳا:

”سندهي مريد گنوخ استئين، چه (سنڌي مريد پاڳل آهي ڇا)“

”هائو، صفا گنوخ استئين!..اين ڪجا و آن ڪُجا (هائو، صفا چريو آهي !....ڪٿي هيءُ ۽ ڪٿي هو.)، ٻين تائيد ڪندي وراڻيو. سڀن کي خبر هئي ته سانئين جن ملتان تشريف کڻي وڃڻ وارا آهن. ڪٿي شهزادي محمد بن غياث الدين بلبن جھڙي قدردان شخصيت، جيڪو بزرگن ۽ اولياءَ الله جي خاڪ پا کي پنهنجي اکين جو سرمو ڪري سمجھندو آهي ۽ ڪٿي هي سنڌ جو ادنيٰ ۽ قلاش مريد!؟.........

ان کان اڳ بلوچ سردارن، تمندارن ۽ ڪوهيارن به سائينجن کي مستقل رهڻ لاءِ حجت هلائي هئي، دشت ڪلات کي انهن عقيدت وچان دشت شهباز جو نالو به ڏنو هيو. پر سائني جن کين رشد هدايت جو سبق ڏيندي سمجھايو هيو؛ ”اسان سڀن جا ۽ سڀ اسان جا آهن. ان ڪري جڏهن به اوهان کي سڪ لڳي يا اسان اوهان کي گھرايون ته هليا اچجو!“

توڻي جو بلوچ سردارن کي ڳالھ نه وڻي، پر مرشد آڏو ٻروچڪي ضد جي ڪا گنجائش ڪو نه هئي، ان ڪري خاموش رهيا. پر هي عجيب شخص هيو، جيڪو سمجھي به نه پئي سمجھيو ۽ پنهنجي ڳالھ تي بضد هيو ته سائين جن جي سيوهڻ ۾ تشريف آوري ضروري آهي......

قلندر ڪبريا پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مردان شاه عرف سڪندر کي ڏسي مشڪندي فرمايو،”اي سنڌي مريد، هڪ نه هڪ ڏينهن اسان سيوهڻ ضرور اينداسي ۽ تنهنجا ٿي رهنداسي.“

سنڌي مريد شاه مردان سڪندر کي يقين ٿي ويو، ته دشت شهباز ۾ ٿيل واعدو وفا ضرور ٿيندو. سندس هادي ۽ مرشد ضرور ايندو. پرٻين ائين سمجھيو، ته مرشد سنڌ کان ڪهي آيل مريد جي دل رکي آهي، ته متان هو دل برداشت نه ٿئي.

جڏهن سيوهڻ ۾ موٽي اچي، شاه مردان سڪندر گھٽي گھٽي اعلان ڪيو، ته لالن جو لال قلندر ڪبريا سيوهڻ اچڻ وارو آهي. پهريائين ته ڪن ماڻهن يقين ڪيو۽ ڪن شڪ جو اظهار ڪيو. پر جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو ته سيوهڻ جي عام ۽ خاص ماڻهن کي پڪ ٿي وئي ته اها دعوى صرف احمقاڻي لافزني آهي. ان ڪري سڄي شهر جا ماڻهو کيس ”بودلو (احمق)، بودلو! چئي چيڙائڻ لڳا. پر، پورن ڏهن سالن گذرڻ کانپوءِ به مردان شاه سڪندر کي يقين هيو ته مرشد هڪ ڏينهن ضرور ايندو، جو وقت جا قلندر واعدي جا ڪوڙا ناهن هوندا......

No comments:

Post a Comment