Wednesday, December 21, 2016

حُر مکيءَ جا - لعل چند امر ڏنو مل


حُر مکيءَ جا

سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جديد ڪهاڻي جيڪا 1914 ع ۾ لکي ويئي جنهن کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جديد ادب ۾ پير پاتو.

لعل چند امر ڏنو مل

_هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته حر مکيءَ جا ڦريندائي انهنن کي هئا، جن کين ستايو ھو، يا جي غريبن سان غضب ڪري، مفت جا مال ميڙي، وڏا رئيس يا سيٺيا بڻجي پيا هئا.غريبان مار وٽن ڪا نه هئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي پاڻ هڙون ڇوڙي ڏيندا هئا، جيئن ٻڌبو آهي ته گوال ۽ ٺاڪو چور ڪندا هئا.

وري ڏَکو سندن ڪهڙو هو! هڪ لڱا ٻيلي ۾ پاٿاري هنيو ويٺا هئا، ۽ جشن پئي ڪيائون. ڪنهن ويل هڪڙو ڪوري، ٿانُ جوڙيءَ جو ساڻ ڪيو، اُتون اچي لانگهائو ٿيو. هنن ھڪل ڪيس ته ويچارو واهڻ جو واهي، ٿانَ سوڌو، هٿ ٻڌي اچي اڳيائن بيٺو.


پيروءَ پڇيس :ڪر خبر.

ڪوري :سائين! سيٺ سلامت پيسا اڳواٽ ڏنا هئا،تنهن لاءِ ٿانُ جوڙيءَ جو اُڻيو، وڃي ٿو پهتو ڪريان.

پيرو:ائين?

ڪوري :وري به سائين مِلڪَ اوهان جي آھي، هي اوهين کڻو، آءٌ ٻيو ٺاهي سيٺ پهچائيندس.

پيرو :نه ميان نه. اسان کي خير ٿو گهرجي . پر تون اهو ٿانُ اکيل ته سهين.

انهيءَ دم ڪوريءَ ٿانُ اکيلي نار ڪيو.

پيرو :هاڻ سارو ٿانُ مٿي تي ٻڌ.

ڪوريءَ وري به حڪم جي بجاآوري ڪئي.

پيرو :هاڻ وڃ سيٺ سلامت وٽ، چئينس وڃي "پيروءَ مون کي هيءَ پڳ ٻڌرائي آهي. هجئي همت ته لاهيم." ورندي جيڪا واري سا کڻي اسان وٽ اچ. ڪوري "جيءُ سائين" ڪري اُڏامندو آيو سيٺ وٽ،سيٺ نياپو ٻڌي چيس :"ميان ٿورو احشان تنهنجو، پيشا به توکي ڦٻيا، اها جوڙي به تون کڻ. هاڻ شگهو وڃي اتي کبر ڏي، متان ميان نه ڏمرجن ".

ڪوري واپس حرن وٽ آيو، ۽ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. حرن پوءِ کيس ٻي به لونگي ڍڪائي چيس ته" هاڻ وڃي ڳوٺ سُکي ٿيءُ ".

اهو ڪوري پوءِ حرن جو گهاٽو يار ٿي پيو، ۽ ڏاڍيون خبرون چارون پهچائيندو هونِ. ڪوريءَ جي معرفت سيٺ سلامت جي ساڻن وهي واٽ ٿي ويئي. وقت تي سيٺ چڱي مدد ڪندو هونِ ۽ هي به سندس ٿورا رکندا ڪين هئا.


سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جديد ڪهاڻي جيڪا 1914 ع ۾ لکي ويئي جنهن کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جديد ادب ۾ پير پاتو.

لعل چند امر ڏنو مل

حُر مکيءَ جا

_هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته حر مکيءَ جا ڦريندائي انهنن کي هئا، جن کين ستايو ھو، يا جي غريبن سان غضب ڪري، مفت جا مال ميڙي، وڏا رئيس يا سيٺيا بڻجي پيا هئا.غريبان مار وٽن ڪا نه هئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي پاڻ هڙون ڇوڙي ڏيندا هئا، جيئن ٻڌبو آهي ته گوال ۽ ٺاڪو چور ڪندا هئا.

وري ڏَکو سندن ڪهڙو هو! هڪ لڱا ٻيلي ۾ پاٿاري هنيو ويٺا هئا، ۽ جشن پئي ڪيائون. ڪنهن ويل هڪڙو ڪوري، ٿانُ جوڙيءَ جو ساڻ ڪيو، اُتون اچي لانگهائو ٿيو. هنن ھڪل ڪيس ته ويچارو واهڻ جو واهي، ٿانَ سوڌو، هٿ ٻڌي اچي اڳيائن بيٺو.

پيروءَ پڇيس :ڪر خبر.

ڪوري :سائين! سيٺ سلامت پيسا اڳواٽ ڏنا هئا،تنهن لاءِ ٿانُ جوڙيءَ جو اُڻيو، وڃي ٿو پهتو ڪريان.

پيرو:ائين?

ڪوري :وري به سائين مِلڪَ اوهان جي آھي، هي اوهين کڻو، آءٌ ٻيو ٺاهي سيٺ پهچائيندس.

پيرو :نه ميان نه. اسان کي خير ٿو گهرجي . پر تون اهو ٿانُ اکيل ته سهين.

انهيءَ دم ڪوريءَ ٿانُ اکيلي نار ڪيو.

پيرو :هاڻ سارو ٿانُ مٿي تي ٻڌ.

ڪوريءَ وري به حڪم جي بجاآوري ڪئي.

پيرو: هاڻ وڃ سيٺ سلامت وٽ، چئينس وڃي "پيروءَ مون کي هيءَ پڳ ٻڌرائي آهي. هجئي همت ته لاهيم." ورندي جيڪا واري سا کڻي اسان وٽ اچ. ڪوري "جيءُ سائين" ڪري اُڏامندو آيو سيٺ وٽ،سيٺ نياپو ٻڌي چيس :"ميان ٿورو احشان تنهنجو، پيشا به توکي ڦٻيا، اها جوڙي به تون کڻ. هاڻ شگهو وڃي اتي کبر ڏي، متان ميان نه ڏمرجن ".

ڪوري واپس حرن وٽ آيو، ۽ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. حرن پوءِ کيس ٻي به لونگي ڍڪائي چيس ته "هاڻ وڃي ڳوٺ سُکي ٿيءُ".

اهو ڪوري پوءِ حرن جو گهاٽو يار ٿي پيو، ۽ ڏاڍيون خبرون چارون پهچائيندو هونِ. ڪوريءَ جي معرفت سيٺ سلامت جي ساڻن وهي واٽ ٿي ويئي. وقت تي سيٺ چڱي مدد ڪندو هونِ ۽ هي به سندس ٿورا رکندا ڪين هئا.

No comments:

Post a Comment