Saturday, November 12, 2016

رقص جي موڪلاڻي - غلام رسول چانڊيو

رقص جي موڪلاڻي!
غلام رسول چانڊيو
موھن جي شھر کان ٿورو پَرڀَرو ڌَراڙ اکيون مھٽي واڙي جو ڍينگھر ھٽائي رھيو ھيو ۽ موھن جي ناچڻيءَ جي بدن جي شاعري ڪافئي ۽ رديف مان نڪرندي پئي وئي، پياڪن جا پيگ خالي جو ٿي ويا ھئا سو سڀئي اکيون پوري اَھلي پيا ھئا ۽ کين اھڙي ننڊ آئي جو ڄڻ ته ھزارين سالن جي لاءِ سُتا ھجن. ڪلال به خالي جام جا وَٽا ويڙھڻ شروع ڪيا ۽ الاءِ ڇو کيس اھو احسان ورائي ويو  ته ھي جام جي محفل آخري محفل آھي. ھو اٿيو ۽ موھن جي اسٽوپا تي چڙھيو جِتي اڄ الاءِ ڇو ماڪ نه پئي ھئي. ڳھريل وجود سان ھن نِرڙ ھٿ ڏئي ڏور تائين ڏٺو ۽ ڏٺو ته پري کان ڪي گھوڙن جون ھڻڪارون موھن طرف وڌي رھيون ھيون... ھو ڊڄي ويو جو ھن اھو پھريون دفعو ڏٺو ھيو.... گھوڙن جي پٺن تي اگھاڙن ۽ بد شڪلن جي فوج ھئي، ڪلال تڪڙو ھيٺ لٿو پر گھوڙن موھن کي گھيري ورتو ھيو ۽ پِياڪَ پِرھَ جي پَڪِي ننڊ ۾ ھليا ويا ھئا. ناچڻي کان گُھنگھرو لاھڻ وسري ويا ھئا، سندس بدن جي شاعري به اگھور ننڊ جي ڀاڪرن ۾ ھلي وئي ھئي، ننڊ به اھڙي جو ڄڻ ھميشھ لاءِ سُتي ھجي...


ڪلال کاڏيءَ تي ھٿ رکي گھڙي پل لاءِ سوچيو ۽ ناچڻي جا گھنگھرو، ۽ مڌ جي پيالي ۾ بچيل آخري سِپَ ڀري، ڳوٿريءَ ۾ وجھي موھن جي شھر مان نڪتو ۽ اچي سنڌو ڪپ تي ٻيڙِي ۾ چڙھيو ۽ موھن جي اسٽوپا ڏانھن آخري دفعو ڏٺائين جنھن کي بدشڪل ماڻھو ڊاھي رھيا ھئا. ڪلال جي اکين کي روُڻيون پيون ۽ ھن ٻيڙيءَ جا ونجھه کوليا......
درياءَ ۾ به اڄ الاءِ ڇو دھشت ھئي، ٻيڙي ٻارِ مان اڃان نڪري سير ۾ ٿي ته لھرن لوڏا ڏيڻ شروع ڪيس ۽ ڪلال ھڪدم گھنگھرن واري ڳوٿري کڻي چيلھه سان ٻڌي جو ھن طئي ڪري ڇڏيو ھيو ته اھي گھنگھرو سنڌو ماٿري جي امانت آھن، جيڪي ھن کي ھر نسل تائين رَسائي اھو ٻڌائڻو آھي ته ”اوھان جي رقص تي وار ڪنھن ڪيو ۽ اوھان جڏھن نئون رقص تخليق ڪندو ته موھن جي ناچڻي مُئي پُڄاڻان به جيئندي رھندي“ .... ۽ لَھرُن جي لوڏن تي گھنگھرن جا آواز ڄڻ ماتم ڪري رھيا ھئا. ناچڻي جي پيرن جي وڇوڙي گھنگھرن کان رِيھون ڪڍرائي ڇڏيون ھيون ۽ رقص ڄڻ ته يتيم ٿي ويو ھيو. ٻيڙي ھلندي رھي ۽ ڪلال جَھٽ لاءِ ناچڻي جي لاش جو تصور ڪيو، جنھن جي وجود جي ذري ذري مان، بدن جي شاعري جو اھو رڌم نڪتو ھيو، جنھن سان راتوڪي محفل جي ھر وجود ۾ رقص ھيو. ”رقص ماريو ويو؟“ ڪلال سوچيو ۽ ٻيڙي ھڪ ڪُن ۾ داخل ٿي گھوماٽيون کائڻ لڳي. ڪلال سوچيو ته سنڌو ماٿري جو ھي مالڪ درياهه اڄ ڇو چِڙَ ۾ آھي؟ ڇا کيس ناچڻي جي قتل تي ڪاوڙ آھي!؟ پر ڪلال کي ڪُن جي ڪَڙڪَن سوچڻ جي مھلت نه ڏني ۽ ھن ٻيڙي جي سِڙھَ جي سنڀال ڪري ڪُن مان نڪرڻ جي ڪئي ۽ ھَڪليندو ھليو ھڪ اھڙي پار ڏانھن  جنھن جي کيس به خبر نه ھئي.....
۽ جڏھن ڪلال بندر جي ڀِڪَ سان ٻيڙي جھلي ته ھڪ ڪَرڙِوڍ شخص کيس ھٿ ڏئي بندر چاڙھي ھڪ بڙ جي وڻ ھيٺ اچي ويھاريو.... ڪلال جا ڪلھا سڙھ سنڀالي سنڀالي جھري پيا ھئا، سو ڳوٿري ان شخص حوالي ڪري اھلي پيو ۽ کيس ننڊ اچي وئي ۽ جڏھن اٿيو ته سنڌو سڪي چڪو ھيو ۽ ٻيڙيون اونڌيون پيل ھيون ۽ اھو شخص به نه ھيو جنھن جي حوالي ڳوٿري ڪئي ھئائين.... پريان پيچري سان ڪي لاڏائو ماڻھو اگھاڙا ٻار ساڻ ڪري گڏھ لڏيو پئي ويا.... ڪلال کان ڇرڪ نڪتو! ناچڻي! ڪلال کان ذري گھٽ رڙ نڪتي ھئي پر ھن پاڻ سنڀاليو ۽ لاڏائُن پويان تڪڙو ھلڻ لڳو، ناچڻي سَنھي رئي سان منھن ڍڪي ھڪ پاند ڏندن ھيٺان ڏيو، ان ٽولي سان وڃي رھي ھئي.... ڪلال سڏ ڪرڻ چاھيو پر وري خاموش ٿي ويو ۽ ڏٺائين ته گھنگھرو ناچڻي جي مٿي تي رکيل کاريِ ۾ پيل ھئا ۽ ھوءَ ڪنڌ ھيٺ ڪري وڃي رھي ھئي.... ڪلال جو ھزارين سالن جي ننڊ ڪري اٿيو ھيو سو جڏھن نيڻ نھار ڪيائين ته سنڌو ماٿري جو سڀ ڪجهه بدلجي چڪو ھيو، رقص وڪامجي ويو ھيو، ھر ڪنھن پنھنجا حوض ٺھرائي ورتا ھيا، سنڌ جو سينو صفا سوڙھو ٿي چڪو ھيو، ڪيئي ملڪ جڙي ويا ھئا ۽ ھر ڪنھن پنھنجي ٻولي ۾ پئي ڳالھايو.... رھيل سنڌ جي سيني تي به موھن جا اصل وارث لڏا کڻڻ ۾ پورا ھيا. ڳوٺ ته ھيا پر انھن ۾ وھنجڻ جي حوضن بجاءِ بُک ھئي، ناچڻيون ته ھيون پر انھن جي پيرن ۾ گھُنگھرن بجاءِ قيد جون ڪڙيون پيل ھيون، ھو ھليون ڦريون ته پئي پر سندن وِکُن ۾ رقص نه ھيو ۽ ڪلال سنڌ جي سيني تي گھوڙن جي سُنبن جا نشان ڏٺا ۽ پھريون دفعو ھن جي ڪنن تي اول تراڙين جي چمڪاٽن جا آواز آيا ۽ پوءِ ھن عجيب ٺڪاءَ ٻڌا.... ھراسجي ۽ حيران ٿي ويو، بندر ۽ بازاريون سُڃيون ٿي ويون ھيون ۽ جي بچيون ھيون اتي گلابن جي خوشبو بجاءِ بارود جي بوءِ ھئي. درياهه بچيو ئي نه ھيو جو ان کي عورتون کٿوري آڇين.....

۽ ڪلال واپس موھن جي شھر ڏانھن ان اميد ساڻ موٽيو ته من اتي ڪنھن نئين ناچڻي جنم ورتو ھجي. من اھي گھٽيون ۽ حوض سلامت ھجن ۽ اسٽوپا....؟ ياد آيس ته اھو انھن بدشڪلن ته ھزارين سال اڳ ڊاھي ڇڏيو ھيو پر ھو موٽيو ان اميد ساڻ ته من ڪو ڪنگ پريسٽ وري پيدا ٿيو ھجي ۽ پھتو موھن جي شھر وٽ، جتي ناچڻي جو رقص دفن ٿي چڪو ھيو ۽ اسٽوپا کي ماڻھو لتاڙي رھيا ھئا، حوض جو پاڻي سڪي چڪو ھيو ۽ گھٽيون ته ھيون پر انھن مان ڪنھن جو به گذر نه پئي ٿيو. اھي نوجوان ناريون الاءِ ڪيڏانھن ويون ھيون جي انھن ئي گھٽين مان سَڳِين کي ڦيرائيندي گذرنديون ھيون ته ڪيئي الڙ جوانيون جھُرندي، ٿڌا ساھ کڻنديون ھيون. سمورو شھر ويران ھيو...... ۽ ھا! اسٽوپا به اھو ساڳيو نه ھيو..... ڪلال جي اکين مان ڳوڙھن جو مينھن اُٺو ۽ ھو پلٿي ھڻي سڪي ويل حوض جي ڪناري سان ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيو ته ڪنھن اچي ڪلھي تي ھٿ رکيس...... ھن مٿي نھاريو ته ھڪ جھور پوڙھو شخص ھزارين پيڙائن جي بارن کڻڻ باوجود مسڪرائي رھيو ھيو ۽ سندس ھٿ ۾ ھڪ ھڙ ھئي جا ھو ڪلال جي حوالي ڪري ھليو ويو... ۽ ڪلال اتان اٿيو ۽ ان ساڳي بڙ جي وڻ وٽ پھچي، ٿڌو ساھ کڻي ھڙ کولڻ لڳو....... حيران ٿيو جو ان ھَڙ ۾ ھڪڙو جھان ھيو جنھن ۾ سنڌو ماٿري جون سموريون ڪٿائون ھيون ۽ ھا ان ھڙ مان ھڪ تنبورو، ھڪ ڪتاب ۽ ھڪ گيڙو ويس به نڪتو ۽ جڏھن ڪلال گيڙو ويس ڍڪي، ڪتاب کوليو ته سندس ھٿ تنبوري ڏانھن وڌيا ۽ ھن اَلو ميان جو آلاپ ڏئي اڃا بس ئي ڪئي ته کيس ڀٽ جي فقيرن وراڻو ڏنو ۽ ھن سسئي جي پھرين سر کان شروعات ڪئي ۽ پوءِ ويو پڙھندو تان جو پرھ ڦٽي جي پکين پر ساھڻ شروع ڪيا ۽ ڪلال اٿيو ۽ ڀنڀور جي دنگ وٽان پنڌ شروع ڪيائين...

1 comment: