Tuesday, November 22, 2016

وکري ويل خوابن جي وسندي - مير منصور مڱريو

وکري ويل خوابن جي وسندي
مير منصور مڱريو
Image result for Shakled dreams
صبح جو ننڊ جي غَش ۾ پيل هوءَ سٻاجهڙي سَوڙهه جي سونهن بڻيل ماءُ سياري جي صبح جو ڏڪندي اچي اٿارڻ لڳس.
ڌيءُ جلدي اُٿ يونيورسٽيءَ جي بس جو اجهو وقت ٿيو.
هائو امي اُٿان ٿي؟
ماڻس ناشتي ٺاهڻ ۽ ڪاٺيون ڀر مان کڻي جوت جلائڻ ۾ مشغول ٿي وئي.
پيءُ لڙڪيلَ چمڙي سيءَ جي سَٽ ۾ لُڏندو لڙڪندو اچي در ٽپيو،
زينب ڌيءُ اڃا آرامي آ.! .. آئون بسڪوٽن جو پڙو وٺي به آيس..


ماءُ اچي چانهه، ماني، بسڪيٽ کٽ تي رکيس. والدين هُن جي آڏو غربت کي مات ڏيندي پهرائڻ کارائڻ کان وٺي تعليم تائين ڪا ڪوتاهي نه ڪئي. هُن کي ڪڏهن غربت جو احساس به ڏيارڻ نه ڏنو. هُنن جي سپنن جو ڏيج، صرف زينب جي ڪاميابي ...
ماني کاڌي نه کاڌي جهڙي، بسڪيٽن سان چانهه پيئندي، پرس ۾ ڪتابن ۽ پينن جو جائزو وٺي رهي هئي، پهرين سيميسٽر جا ڏينهن هئس. پيءُ کٽ تي پيل هن جي وڃڻ جو شدت سان انتظار، ماڻس ڪمري جي ٻوهاري ۾ سٽ سٽ ڪري رهي هئي.
ٻانهن ۾ پيل پراڻي واچ ۾ نهار وڌائين. بس جو ٽائيم اچي مٿان پيس. .
جلدي اُٿي بابَي طرف منهن ڪري،
امي پپا الله حافظ چڱو هاڻي هلان ٿي، ڪري دروازي ڏانهن قدمن کي وڌائيندي غائب ٿي وئي.
پويان پيءُ ماءُ جي دعائن جي سدا هلڪي آواز سان ڪنن تي پوندي هيس.
ڪلاسن جا پهريان ڏينهن هُن سٻاجهڙي ۽ اٻوجهه زينب لاءِ ڀوائتا هئا.
پر جيئن جيئن وقت جي اڏام گُهلندي رهي هوءَ پنهنجي  ڦڙتاليءَ سان سڄي ڪلاس جي شاگردن ۾ نمايان نظر اچڻ لڳي. معصوم صورت ۽ هن جي دلڪش شرم سان پُر اکين جا ڪي ئي گهايل موهجي پيا. پر هُن سندس والدين جي غربت ۽ جيجل جي واپرايل سون تي تعليم جي حاصلات کي ڏسي علم جي شروعات دل کي جسم مان الڳ ڪري پوءِ ڪئي.
هر اسائنمينٽس کي وقت سِر پورو ڪري، پريزنٽيشن ۾ سڀن کان اول هُن جو نالو هر ڪنهنجي دل تي نقش ٿي ويو. دوستين جو ٽولو وڌڻ لڳس. هر ڏينهن هُن جي ڪاميابي طرف ڊوڙ پائي رهيو هو. هُن جي خوشي ۽ محنتن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. وڌيڪ ڪاميابي طرف ڊوڙڻ لاءِ ڏينهن رات جا جتن ڪري رهي هئي.
پهرين سيمسٽر جي پيپرن جا ڏينهن اچي مٿان پيس. اتاولي هئي. اُن اسائنمينٽ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ . .
جنهن لاءِ پروفيسر انور، جيڪو بي-ايڊ شعبي جو چيئرپرسن هو تنهن چيو؛ آئون پنهنجو پيپر نه وٺندس رڳو اسائنمينٽ چيڪ ڪندس. جنهن جي وڌيڪ سٺي لکيل هوندي، ان کي ٽِن پيپرن جي اَبوَ 80 مارڪس آئون ڏياريندس.
هوءَ لالچ جي لوڀ ۾ لرزجي وئي. اسائنمينٽ کڻي، پروفيسر انور جي آفيس ۾ داخل ٿي.
سَر اسائنميٽ جمع ڪرائڻي هئي!
او! زينب تون اچ ويهه! سندس سامهون ٽيبل پيل ڪرسين تي ويهڻ جي آڇ ڪيائينس...
هو خوشي خوشي ويٺي ۽ اسائنمينٽ کي پرس مان ڪڍي ٽيبل تي رکيائين،
پروفيسر اسائنمينٽ ۾ هٿ نه وڌو ڄڻ هُن لاءِ اهي ورق نه پر ڪي باهه جا پتنگا هجن هُن جو انٽرويو وٺڻ تي شروع ٿيو، ڇا ڪندا آهن بابا؟ ڪيترا ڀائر؟ ڪيتريون سسٽرس؟ اهڙي قسم جي سوالن زينب جي هوش کي خطا ڪري ڇڏيو ڄڻ هوءَ ذاتي ڪمن لاءِ آئي هجي.
سوري سَر آئون اسائنمينٽ جمع ڪرائڻ آئي آهيان، هي وٺو.
جيئن اسائنمينٽ ۾ هٿ وڌائين پروفيسر انور هٿ کي پَڪڙي.!!!
تو کي سڀ پيپر ۽ ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ ملندا گهٻراءِ نه! هٿ کي مسلسل ڳراٺڙيون پائيندو رهيس، هٿ کي سٽ ڏئي ٽيبل تي اڇلائي، اکيون ڦونڊاري، اٿي دروازي کي تيز سٽ ڏئي اچي ڪلاس ڀيڙي ٿي دل ۾ ڌم ڌم مچي رهي هيس ڄڻ بند تي ڪا ٽرين هلي رهي هجي لڙڪن کي لڪائي ڳيتون پئي ڏنائين. سندس خوشين وارا ڏينهن غمن جي گهيري ۾ گِهلجي ويس، پر هن همت نه هاري پنهنجي محنتن ۽ ڪاوشن ۾ لڳي رهي پيپر ڏئي موڪلن جي ڏينهن ۾ پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن ڏيڻ لڳي. پر وَسوِسا هن جي دل کي ڪاريهر وانگي ڪَر کڻي ڏڪائيندا رهيا، ڪٿي پروفيسر فَيل ته نه ڪندو.... نه نه فَيل ڇو ڪندو؟ ها فيل ئي ڪندو  انتقام وٺڻ لاءِ....جي فيل ڪيائين به ته ڪنهن کي دانهن ڏيندس؟ بابا کي ٻڌايان؟ نه نه بابا ويچارو اڳ ئي غمن جي گهيري ۾.. امي کي ٻڌائڻ کپي.... نه پر امي صدمي ۾ اچي ويندي. جيڪر ڳالهايانس هان ته ڇا توهان جي ڌيءُ به ايئن ڪم ڪري لنڊن ۽ آمريڪا جي ڊگري ورتي..؟ يا پنهنجي ماءُ ڀيڻ نه اٿئي.... نيرَ وهائي وهائي ٿڪجي پئي. ڳوڙهن کي اندر ۾ پيهي بيعزتيءَ جو طوق پائي موڪلن جا ڏينهن گهاريندي پورا ٿيس.
ڪلاسن جا ڏينهن شروع ٿيا، هر ڪو ئي پنهنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي انجامن کي ڏسڻ لاءِ آتو نظر آيو. ڪو نوٽيس بورڊ تي ٽنگيل پئي نظر آيو ته ڪنهن جا ٽيچرس جي آفيسن ۾ چڪر ته ڪنهن جو ڪلارڪن ڏي منهن.
زينب پنهنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو فيصلو خود ئي ڪري ورتو  هُن کان هاڻي مارڪن جي لالچ موڪلائي چُڪي هئي. ڪلاسن ۽ پڙهائي ۾ مشغول ته سندس دوستِ رضيا آيس،
يار زينب هي آخر تو کي ٿيو ڇا هي، تون هر پيپر ۾ فَيل؟
فيَل جو لفظ ٻڌي هو روئڻ، منهن مٿو پٽڻ ڪٽڻ، هڙتال، جلوسن، ماتم ڪرڻ بجاءِ هڪڙي آٿت ڀري مُرڪ مرڪي پئي زينب يار پريشان نه ٿي منهنجي ڪاميابي ۽ ٽيلينٽ انهن نمبرن تائين محدود ناهي مونکي پاڻ تي يقين آ..... ڇا اِهو ڪافي ناهي؟
ايئن ڪندي پٽيوالو ڪلاس ۾ گهڙيو زينب ڪهڙي آ؟
سڀني شاگردن وڏا واڪا ۽ آواز ڪيا هي آ زينب ....، توهان کي ڊائريڪٽر صاحب سڏي ٿو...
هو آفيس طرف وڌڻ لڳي دل ڏڪي رهي هيس. آفيس جو ڪمرو، خوفناڪ ۽ هر طرف بيعزتي جا چنبا هُن معصوم جي پَوتر جسم تي کُپي رهيا هئا. ڪنڌ هيٺ ڪندي، اچي ان وحشي پروفيسر سامهون بيٺي، اچو مِس زينب ڪلاس جي سندرتا!! ڏٺئي نه رزلٽ؟ هي ته صرف اڃا پهريون سيمسٽر آ. اٺن ئي سيميسٽرن تائين تون پاس نه ٿيندينءَ اهو واعدو آ منهنجو تو سان . . .
هن جي صدين جا دفنايل لڙڪ اوڇنگارون ڏئي، اکين مان لڙهي آيا. جيئن هن جي ڳوڙهن جو سيلاب وڌي وڻ ٿي رهيو هو تيئن پروفيسر وڏا وڏا ٽهڪ، سڏڪن جي سيراب سان چهرو سينگارجي ويس.
ٻانهون ٻڌي بيٺس سَر منهنجو ڏوھ ٻڌايو؟ آئون معافي ٿي وٺان.. روئيندي روئيندي آئم سوري سَر. سَر اڪسٽريملي سوري سَر. سَر ڪائنڊلي مونکي بخش ڪيو. هن جي معافين کي ٻڌڻ لاءِ آسمان واري به پنهنجي ڪرامتن جا دروازا ٻيڪڙي ڇڏيا.
مِس زينب هڪ شرط تي سوري قبوليندس؟
وحشي پروفيسر هن سان غليظ ڳالهيون ڪَري ڪَري، هن جي لڙڪن جي لوئي کي لوئيندو رهيو. هوءَ مقدس ڇوڪري پنهنجي سڏڪن جي سيلاب ۾ ترندي وڍيل دل سان، اڌورن سپنن سان، اڻپورين تمنائن سان، گهايل والدين جي دل سان، ماءُ جي کَپايل ڳهن جي درد سان، آفيس کان نڪري روئيندي اچي ڪنڊ وٺي بَس جي انتظار ۾ ويٺي رهي، اهو ڏينهن هن يونيورسٽي کي پاڻ لاءِ آخري مقرر ڪري ڇڏيو، ڪتابن جي ورقن کي ان ئي ڪنڊ ۾ شهيد ڪري، پنهنجي مسقبل کي رتو ڇاڻ ڪري رهي هئي.
گهر پهتي اداسيءَ جي ور چڙهيل هوءَ ڦڪي مرڪ ميڙي جي رهي هئي. هميشه لاءِ غريب ماءُ ۽ پيءُ جي خوابن کي تڪميل ڏيڻ ۾ پنهنجي ويساهه جي وسنديءَ کي ويران ڪري ويٺي زينب هاڻي شام جو ٻارن کي ٽيوشن ڏئي زندگيءَ جو گاڏو گِهلي ٿي. . .


1 comment: