Saturday, November 12, 2016

منهنجو من ڀنڀوري -جان خاصخيلي

منهنجو من ڀنڀوري
ڪهاڻي
جان خاصخيلي
اهو صبح جو پهر هو ۽ ڀرواري گھر ۾ بيٺل انب جي وڻ تي جھرڪين ۽ بُلبلين جي چر چر جو آواز به وڻندڙ هو ۽ ائين اوچتو هن جي ڌيءَ پنهنجي ڪنن سان اڳ ئي مانوس ٽهڪن جا پڙاڏا ٻڌا ته هن جي هٿن مان ڪورو ڪاغذ ۽ پينسل کسڪي ويا. اهو هڪڙو عجيب حادثو هو جيڪو صرف هن جي اها ڌيءَ ئي سمجھي پي سگھي.


ٽهڪ ڇا هئا من جي خوشي جو عجيب طلسماتي ڪرشمو هو. “ڇا هن مختصر ڪائنات جا مصور انهن بي انتها خوشي وارن لمحن جون تصويرون ٺاهي سگھن ٿا؟”، هن پنهنجي پاڻ کان پڇيو.
“اهو سڀ ڪجھه ڪيئن ممڪن ٿيو ته منهنجا ٽهڪ، منهنجي اها خوشي ائين غائب ٿي ويا جو مونکي خبر ئي نه پئي. اهي ته منهنجي من ۾ محفوظ هئا. رات جو سمهڻ کان اڳ ۽ صبح جو سوير آئون جڏهن ڪجھه لمحن لاءِ تنهائي اختيار ڪندو آهيان ته اهي ٽهڪ منهنجي من ۾ وڄندڙ ترنگ ۾ مون آڏو نچندي نچندي منهنجي خوشي کي سجايو بنائيندا آهن. پر . . . .”
هو ڪيترن ڏينهن کان صبح سوير روزاني ڌيان جي مشقن دوران جڏهن منترن جو ورد ڪندو آهي ته ٽهڪ به ان جو حصو ٿي ويندا آهن. انهن لمحن دوران خاموش تنهائي ۾ هي ايترو محو ٿي ويندو آهي جو کيس خبر ئي نه پوندي آهي ته واقعي هن جي پنهنجي من جي خوشي ۾ ٽهڪن جو به ڪو ڪردار ٿي سگهي ٿو. ٺيڪ ان مهل هن جي اها ڌيءَ سندس ڌيان جي مشقن دوران ڀرسان چپ چاپ ويهي پينسل سان اڇي ڪاغذ تي انهن ٽهڪن جي رڌم کي ڪنائيندي اُبتا سبتا ليڪا پائيندي آهي ۽ پوءِ سڄو ڏينهن انهن عجيب خاڪن تي مختلف رنگ ڀريندي رهندي آهي ۽ پوءِ اهي تصويرون پنهنجي دوستن ۽ مائٽن سان منسوب ڪندي آهي.
اُن ڏينهن به هن هڪ تصوير ٺاهي جنهن ۾ ٽهڪن جي ترنم مان نڪرندڙ سُرن مان هن ڀنڀوريون اڏمندي ڏيکاريون هيون. حيرت جي حد نه رهي ته هن کي لڳو ته اهي ڀنڀوريون ڪوري ڪاغذ تي سچ پچ ته انهن ٽهڪن جي ترنم تي نچنديون پي رهيون ۽ هيءَ پنهنجي ئي خيالن ۾ ٽهڪ ڏيندي پي رهي ۽ گھر ڀاتي کيس تعجب مان ڏسندا رهيا. ان تصوير کي هن نالو ڏنو “منهنجو من ڀنڀوري”.
ڪڏهن ڪڏهن هي گوتم ٻڌ سان منسوب ڪيل گيت ٻڌندي ننڊ جي وادين ۾ هليو ويندو آهي ۽ پوءِ خوابن جي تشريح ڪري پنهنجي ڌيئرن کي وندرائيندو آهي. تنهن ڏينهن هن پنهنجي هڪ خواب متعلق ٻڌايو ته “آئون اڏامندو اڏامندو ڪائنات جي بلندين تي هليو ويو هئس. اُڀ ۾ ٽمڪندڙ تارا منهنجي جسم کي ڇهندا رهيا ته لڳو ڄڻ بدن تي اهي چميون مينهن جي بُوند وانگر محسوس ٿي رهيون هيون ۽ ٻئي لمحي جڏهن چانڊوڪي جي چادر منهنجي جسم کي ڇُهيو ته مون پنهنجي من ۾ وڄندڙ ترنگ جي رڌم تي موٽ کاڌي ۽ گلن جي هٻڪار ۾ ڄڻ پوري ڪائنات جا کُڙکُٻيتا منهنجي آجيان لاءِ ٽمڪندا رهيا. اهي ٽمڪ ٽمڪ ٽانڊاڻا منهنجي ٻنهي پاسن کان ٻانهيون ٺاهي اڳيان اڳيان اڏامندا، نچندا آيا ۽ آئون پنهنجو هڪ هڪ ٽهڪ انهن کي ڏيندو واپس پهچي ويس ۽ ٺيڪ ان لمحي منهنجي ننڊ کُلي پئي. . . .”
۽ پوءِ هن جون ڌيئرون هن جي ئي ٻڌايل خوابن جي تعبير بدران صرف انهن خوابن جي تشريح ٻڌائڻ تي ضد ڪنديون رهيون ته “پوءِ اڳتي ڇا ٿيو. اهي کڙ کُٻيتا واپس ڪيڏاهن ويا ۽ اڀ جا تارا واقعي مينهن جي بُوند وانگر توهان جي بدن سان ڇهندا رهيا ۽ چانڊوڪي جي چادر . . . ؟” ۽ پوءِ ڇوڪريون انهن خوابن جي تلاش ۾ ڪيتريون راتيون اها آس رکي جلدي سمهڻ کي ترجيح ڏينديون رهيون ته ڪاش اهڙو خواب اهي به ڏسي سگھن. تارا، چانڊوڪي، کڙکٻيتن پاران ائين آجيان ڪري ٽم ٽم ڪري اڏامڻ . . . !
هن جي ڌيءَ کي اهي ٽهڪ ڏاڍو وڻندا آهن ۽ اها پنهنجي گُڏين سان ڳالهائيندي ڪاغذ تي اتاريل انهن ٽهڪن کي آواز ڏيندي آهي ته اهي سندس گُڏين جي شادي جي رسمن کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ جي لاءِ ساز ۽ ناچ جي سنگم تي هڪ تصوير جوڙيندا آهن جيڪا خود هن جي ڌيءَ کي اتساه ڏيندي آهي ته ان کي ئي پنهنجي ڪوري من تي اتاري ڇڏجي!
زندگي جي هن موڙ تي صرف انهن ٽهڪن جو ئي ڪمال آهي جيڪي هن جي من کي خوش رکندا آهن ۽ هن جون ڌيئرون انهن ٽهڪن سان پنهنجون مرڪون تراشينديون آهن. اهو به خوشي ۽ تنهائي جو عجيب سنگم آهي جو سندس ڌيءَ جو چوڻ هو ته “بابا پنهنجي تنهائي ۾ اسان لاءِ ٽهڪ اُڻندو آهي”.
اهڙا حادثا هن جي زندگي ۾ ٿيندا رهيا آهن ۽ هي پنهنجي تنهائي سان ان روڳ جو علاج ڪري وٺندو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هاڻي هي پنهنجي خوابن جي ٽُٽل تندن کي به جوڙي سگھي ٿو.
ان ڏينهن به هن ڏٺو ته سدائين وانگر صبح جو سوير جھرڪين ۽ بلبلن جي آوازن جي رڌم تي هن اکيون کوليون هيون ته سندس ڌيءَ کيس احساس ڏياريو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سندس ٽهڪ ٻڌڻ ۾ نه آيا آهن ۽ هن جي پينسل ۽ ڪورو ڪاغذ بي معنا رهجي ويا آهن.
ڌيءَ جي ان نشاندهي تي کيس لڳو ته هن جو من واقعي خوشين کا خالي ٿي ويو آهي ۽ پوءِ پنهنجي ئي خوشين جي تلاش ۾ هي گھٽي ۾ نڪري ويو ۽ پاڙي واري دوڪاندار کان پڇيو ته “منهنجا ٽهڪ هتي ڪٿي ڪريا آهن، شايد؟”
دوڪاندار لمحي لاءِ خاموش رهيو ۽ پوءِ وري پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويو. پوءِ وري هن جڏهن سندس ڌيان ڇڪايو ته هو کانئس ڪجھه پڇي رهيو آهي ان تي دڪاندار حامي ڀري ته “ها! ها! هڪڙو بلڪل ئي منفرد ترنم وارو ٽهڪ منهنجي ڪنن تائين پهتو هو پر آئون جڏهن ڪم ڪار ڇڏي ٻاهر نڪتس ته اهو نظرن کان اوجھل ٿي ويو. ان جا پڙاڏا آئون هن وقت به ڪنائي سگھان ٿو، مهنجي خواهش هئي ته ڪاش اهڙو ٽهڪ منهنجي گلي مان نڪري ها ته منهنجي ڪڏهوڪو شادي به ٿي وڃي ها. آئون يقين سان چوان ٿو ته مون اهو ٽهڪ سڃاتو هو ڇاڪاڻ ته اهو مون اڳ به صبح جي پهر دوران هتي ڪٿي ٻڌو هو ۽ خواهش ڪئي هئي ته ڪاش اهو ٽهڪ منهن جي گلي مان نڪري ته منهنجا خواب سجايا ٿي وڃن.”
گھٽي مان ڪچرو کڻڻ واري ڇوڪري به اهڙي ڳالهه ڪئي ته هي جڏهن ٽرالي ۾ ڪچرو کڻڻ لاءِ وڌيو هو ته هن جي ڪنن سان هڪ ئي وقت الائي ڪيترا ٽهڪ ٽڪرايا هئا. “اهو منهنجي سانڀر ۾ پهريون ڀيرو هو جو آئون اهڙا طلسماتي ٽهڪ ٻڌي سگھيس. پوءِ مون ٽرالي ڇڏي انهن ٽهڪن کي ڪنائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي مٿي ڪٿي گم ٿي ويا ۽ آئون هڪو ٻڪو رهجي ويس. مون کي سخت افسوس آهي ته انهن ٽهڪن کي مون جيئن ئي ٻڌو ته منهنجي پنهنجي من جي تارن مان آواز اچڻ لڳا ۽ منهنجا پنهنجا ٽهڪ نچڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ آئون هن ٽرالي کي ڇڏي لمحي لاءِ اڄاتي خوشين ۾ ائين ئي ڌوپي ويو هئس،” هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون. هن خواهش ڏيکاري ته “آئون انهن ٽهڪن کي ڪنائي پنهنجي معصوم ٽهڪن کي تراشڻ چاهيان ٿو. ڇا مونکي ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته اهي ٽهڪ هاڻي آئون ڪيئن ٻڌي سگھندس؟”.
محلي جي هڪ ٿري چوڪيدار جو چوڻ هو ته “اهي بلڪل هتان منهنجي مٿان کان ئي اڏامندا پي ويا پر انهن جي سُرن ۾ جيڪو آلاپ هو تنهن مونکي ڌونڌاڙي ڇڏيو هو. ان وقت آئون ريڊيو تان سُر سارنگ ٻڌي رهيو هئس ته جيئن پنهنجي ديس جي اڃايل ڀٽن کي ياد ڪري سگهان. پر جيئن ئي مون ٽهڪ ٻڌا ته مون کي لڳو ته منهنجي ٿر تي ڪا وسڪار ٿي آهي ۽ پوءِ مون ريڊيو بند ڪري انهن ٽهڪن کي ڪنائڻ چاهيو پر مون کي مايوسي ٿي”.
ڀاڄي کپائڻ واري گھورڙئي کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اها بلڪل ڪجھه ئي سيڪنڊن جي ڳالهه هئي ۽ هن به هڪڙو ٽهڪ ٻڌو هو. پاڙي جي عورتن پاران پنهنجي درن تان ڀاڄي لاءِ سڏڻ باوجود هي اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهيو هو. پاڙي واري هڪ مائي ته اهو به چئي ڏنو ته “هن مُئي کي به عشق انڌو ڪيو آهي جو هلندي وڃائجي پيو وڃي. “ميها کپن ميها”،؟ هن مائي کيس چيو ۽ هي ميها تورڻ لڳي ويو.
هي ڪچي منجهند تائين هڪ گھٽي کان ٻي تائين پڇندو رهيو ۽ جڏهن واپس گھر پهتو ته انب جي وڻ تي جھرڪين ۽ بلبلن جو شور صبح جي پهر سان گڏ ڪجهه مٽجي رهيو هو. هن ڏٺو ته سندس ڌيءَ ڪاغذ ۽ پينسل سان هڪ ٽهڪ جو تصور ڪري ڪاغذ تي اتارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڇوڪري پنهنجي اڻپوري تصوير کي ڏٺو ۽ سوچ ۾ ٻڏي وئي ۽ پوءِ ان تي هن نالو ڏنو “مکڙيون مکڙيون مرڪون، ٽهڪ ٽڙيل گل.”
هن ڏٺو ته رنگين ڀنڀوريون هن کان وٿيرڪيون گلن جي ٻوٽن مٿان اڏامنديون پي رهيون. “بهار جي مند آهي شايد”، هن ڀڻڪيو. هن اُڀ ڏانهن نهاريو ته ڪڪر هڪٻئي سان ڇُهندا، سج آڏو لنگھن ٿا ته لمحي لاءِ ڇانورو ڇانئجي وڃي ٿو. هن پنهنجي ڌيءَ کي ڏٺو جيڪا اڃا تائين تصور ۾ انهن ٽهڪن جا خاڪا جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ظاهري طور تي اهي آڏيون ڦڏيون لڪيرون هيون پر سندس ڌيءَ انهن کي نالا ڏيندي پنهنجي ئي منهن مرڪندي ۽ خوشي ۾ ٻهڪندي رهي.

۽ پوءِ هي ڪڪرن جي ڇانوري ۾ ٻيهر پنهنجي ئي ٽهڪن اُڻڻ جي مشق ۾ لڳي ٿو وڃي. . . .

No comments:

Post a Comment