Saturday, November 12, 2016

بينسري -جان خاصخيلي

بينسري
ڪهاڻي
جان خاصخيلي

هن کي لڳندو آهي ته هن جي ننڊ ۽ جاڳ، سڀ روڳ ۽ ڦڪيون ان بينسري جي آواز سان ملي هڪ ٿي ويا آهن. شايد دلين جي روڳ جو علاج ان بينسري جي پڙلاءَ ۾ لڪل آهي. اهو هڪڙو راز آهي جنهن کي هوُ اڃا به ڦلهورڻ چاهي ٿو. وقت وقت جي ڳالهه آهي هن بينسري، بين، نڙن، مرلين، چمٽن، گھنگھرن ۽ چڙين جي لارن جي سُرن ۽ رڌم تي پنهنجا پيرڙا ساهيا هئا ۽ اڃا تائين اهي آواز هن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن. پر هي آواز ڪو ٻيو آهي، جيڪو هن جي جسم ۾ ساه جي سُرن سان ملي وڃي ٿو ته هو اڄاتي لهرن ۾ لڙهندو، پاڻي جي وهڪرن جي سُرن کي ڪنائيندو وڃي الائي ڪٿي ٿو نڪري. اها لهر، اکين جي ڳهر کان اڳتي، اهي سُر، اها موسيقي . . . .


گهري سانت ۾ اها سڄي مشق، اها سکيا، اهي سُر ۽ آلاپ جيڪي ڪڏهن ڪنهن ساه جي نرالي آواز جي روپ ۾، ڪڏهن فطرت جي غُبار ۽ ستارن جي ڪهڪشائن، ڪڏهن ڌنڌ، ڪوهيڙي ۽ سج جي شعاعن جي روپ ۾ هن جي اڳيا رقص ۾ محو هوندا آهن ۽ هن جو روح وندرندو ٿو رهي. ڪيترن ڏينهن کان هي ان مشق تي آهي ته سمجھجي ته هوا ۽ پاڻي جي اهميت وانگر خاموشي ۽ سانت به انسان جي حياتي لاءِ ايترو ئي اهم آهي. دل جو روڳ ڇاهي، سڪون ۽ بيقراري ڇاهي ۽ ڇا واقعي ساهن جي مشق دوران دل جي ڪنهن ڪنڊ مان نڪرندڙ آوازن ۾ انهن سڀني روڳن جو علاج لڪل آهي؟
“تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي انهن بينسري جي سرن ۾ ڪا انوکي ياد، خوابن جا منظر، تارا، جھڙ جھڙالا، ٻيلن ۾ مينهن جي ڦڙ ڦڙ جي آوازن تي ڏيڏرن جا فطرت سان محو آواز! . . . .”
هي جڏهن اکيون پوري تصور ڪري ٿو ته آبشارن مان ڪرندڙ پاڻي جي قطرن جون ڪيئي تصويرون جڙنديون، وکرنديون ٿيون رهن. پاڻي جڏهن پهاڙن تان آبشارن جو روپ ڌاري هيٺ ڪرندو آهي ته ڪيئي سُر جنم وٺندا آهن ۽ موسيقار پنهنجي سازن جي تارن کي ڇيڙڻ جي مشق ڪندا آهن ته جيئن انهن مان فطري جھرڻن جا آواز ڪڍي سگھجن.
“اچو ته ڪو نئون گيت جھونگاريون جنهن جا پڙلاءَ دور دور تائين ماڻهن لا ڪنهن سُرور جو سبب بنجن ۽ انهن جي روڳ کي ڪا ڦڪي لڳي،” هن پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو هو؛
توکي ياد آهي اها چانڊوڪي رات!
توسان درياءَ جي ڪناري تي ملاقات ٿي هئي شايد؟
چنڊ لڪي ويو هو ڪڪرن ۾،
مينهن مند ۾ دريا جي وهڪري جي شور ۾
بند سان گڏو گڏ ميلن تائين هليا هئاسين.
پري پري تائين ڇولين جو آواز،
مٿي ڪڪرن جي ڇمر ڇانو،
وڄ وراڪا، گوڙ،
مينهن جي ڦڙ ڦڙ تي فطرت جا آواز تيز ٿيندا پي ويا
۽ پاڻ ان مينهن جي وسڪار ۾ ڀڄي ڄڻ ته هڪ ٿي ويا هئاسين.
ڀنڀرڪي جو هر شيءِ ڌنڌلي هئي،
ٻيڙياتا ته گھڻو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيا هئا،
ان ئي ٻيڙي تان ڪنهن بينسري جو آواز گونجيو هو
جيڪو ڄڻ ته آسمان تان هيٺ لهندو پي آيو،
آئون لمحن لاءِ بيهي رهيو هئس ان بينسري جي آواز ڪنائڻ لاءِ.
ان ٻيڙيائتي جي دل ۾ ڇا سجھي آيو هوندو
جو هو بينسري جو سهارو وٺي
اڻ ڄاڻائي ۾ ئي سهي،
ڄڻ ته پوري ڪائنات سان مخاطب ٿيو هو.
پوءِ مينهن به بيهي رهيو هو ڪجھه لمحن لاءِ،
رات کُٽي هئي ۽ دريا جي لهرن جو آواز ڄڻ ته ڪو اڄاتو ساز هو،
۽ پاڻ به پنهنجي منزل کي ويجھو ٿيا هئاسين
جتي ساهن جي مشق لاءِ ويهي رهيا هئاسين.
هن مينهن ڇا آندو آهي،
سڀ يادون ترنديون پيون اچن من آسمان تي.
تصورن جي به هڪ دنيا آهي
پنهنجي من کي تسڪين ڏيارڻ لاءِ
۽ سڀني سوچن کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ
هي فطرت جا آواز ڪيڏو وڻڻ لڳن ٿا
۽ جڏهن اکين کي لمحن لاءِ بند ڪري
ڪنايون ٿا ته ساهه جي کڄڻ ۽ لهڻ سان
سڀ سوچون وٿيرڪيون ٿينديون پيو وڃن،
۽ دل مان نڪرندڙ انهن انوکن آوازن سان
سڀ روڳ پري ٿيندا پيا وڃن.
پوءِ اهو وقت پکين جو هو
جيڪي آکيرن مان نڪري هن وسيع ڪائنات ۾
پنهنجي پنهنجي مشقن لاءِ نڪتا آهن
چوڳ ته سڀني کي ملي ويندو آهي
پر صبح جو آسمان تي
ڇڙ وڇڙ ڪڪر ڄڻ ته برف جي تهن ۾ ويڙهيل ڪي روح آهن
فطرت وڏي ڪمال سان پکين جي اڏار سان
انهن ڪڪرن کي مالهائون پارائي ڇڏيون آهن
هر ڪڪر سينگارجي آسمان تي ڊوڙڻ لڳي ٿو
هر طرف اڇا ڪڪر
خوبصورت مالهائون پائي رقص ۾ محو آهن
۽ پوءِ اهي پکين جون مالهائون جڏهن ٽٽڻ لڳن ٿيون
ٺيڪ ان مهل شاعر ڌرتي تان بيهي
پنهنجي اڌورن نظمن جي تڪميل لاءِ تشبيهون ميڙڻ لڳن ٿا.
هي پوپٽ گلن ڦلن تي نڪتا آهن!
ڪکن پنن تي ماڪ ۽ مينهن جون ڦڙيون ملي هڪ ٿي ويون آهن.
تو ڏٺو ته پنهنجي اکين مان ٿڪ به ائين اڏامي وڃي ٿانيڪو ٿيو هو
۽ پاڻ فطرت جي آوازن سان جُڙي هڪ ٿي ويا هئاسين لمحن لاءِ
تو کي ياد آهن اهي لمحا؟
فطرت سان پيار جي اپٽار وارا لمحا!
اڪيلائي خود ڪجھه به ناهي ان ۾ به ساهن جو اهو ماٺو رڌم آهي، جنهن جي الڳ سچائي آهي.
ائين لڙڪ رڳو ڪنهن جي من اندر ۾ اٿندڙ يا اٿي تباهي برپا ڪندڙ درد جو سنيهو ناهن، اهي ته ڪڏهن ڪڏهن من جي اٿاهه خوشي وارن ٽهڪن سان گڏ به اکين مان ٽمڻ لڳن ٿا ۽ ڪو اڳيان وڌي انهن لڙڪن کي اگھي ٿو. ان اٿاهه محبت ۽ غم وارن لڙڪن جي تشريح ڪير ڪري سگھندو جو هتي ته وڏا تعليمي ادارا اڃا ته بک ۽ اڃ، انسان توڙي جانورن، پکي پکڻ جي زندگي، صحت ۽ وڻڪار جي تباهڪارين جي معنا به سمجھي نه سگھيا آهن.

سامهون پاڻي جي جھرڻن جو ترنم ۽ پسمنظر ۾ اهو بينسري جو آواز هن جي دل کي وندرائيندو ٿو رهي. ڪڏهن ته هڪ ئي آواز ۾ ڪيئي آواز ملي ڪو سر تخليق ڪن ٿا ۽ هن جون پوريل اکيون ننڊ ۽ جاڳ تي پيرڙا ساهينديون، لڙڪ لاڙينديون ٿيون رهن ۽ اهي لڙڪ هن جي پنهنجي سجاڳي جي علامت بنجي کيس وندرائيندا ٿا رهن ۽ هي آهي جو اڪيلائي ۽ گهري سانت ۾ پنهنجي ساهن جي رڌم تي جھومندو ۽ کلندو ٿو رهي.

No comments:

Post a Comment