Tuesday, October 11, 2016

پاڻي -عبدالواحد سومرو

پاڻي
ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
اربيه جنهن جي مٿي ۾ وارن جي اڇاڻ هئي ڄڻڪ چو طرف سمنڊ وارو اڇو ڄميل ڪو لوڻ وارو حصو هجي. هن جي وارن ائڀن مان، هنن مان حياتيءَ جو موهه نڪري چڪو هجيس اتي خواهشن جو به پنهنجو دم گهٽي مارڻ سبب بس گوشت پوشت نما هڪ ساهه کڻندڙ ڍانڍو جيڪو وقت پورو ڪندو هجي. هڪ ضعين هڏائون پڃرو ارمانن، سمن، ڏکن ڏوجهرن جو جيئرو جاڳندو رڻ گيرٿر پهاڙي سلسلي جهڙو پار پئي، ڪٺ واقعن حادثن کي لتاڙي جواني جي دم سان اڄ هتي هن عمر جي آخرري ڏينهن ۾ هتي هن حاجي ڪيمپ ۾ اچي پوين پساهن واري حياتيءَ جا باقي به چار ڏينهن گذري رهي آهي.


وقت هيو ته هيءَ پنهنجي والدين جو گل هئي. انهنجي پيار جي باغ جي پورهيي جو بعد ۾ هن جي بت ۾ تبديلي رونما ٿي، فرق محسوس ٿيس. ڇاتي تي پيرن مان مالٽا ۽ ڏسندي ڇوڪري ۽ ٻڪريءَ جي جواني ۾ ڪا دير نٿي لڳي. ڪ پرڪشش بدڻ جي مالڪ جوان جهان مورت جي صورت ۾ ظاهر ٿي سامهون اچي بيٺي هي ميمڻ ڪميونٽي جي هڪ ٿر جي ڳوٺ مان پرڻجي ننڍي نيٽي جنهن اڃا مٿس سورهڻ ورهيه جا بهار گذري اچي ڪراچي جي کڏامارڪيٽ م رهائش سان گڏ احمد مڙس تنهنجو ڀرسان ئي ڪاروبار هيو ابن ڏاڏن کان.
اربيه هڪ صاف شفاف زندگي گذاري رهي هئي مڙس به هن جو جتي خيال ڪندڙ هيو ته هيءُ به مٿس ولهار ٿيندي هيس. مڙس ڪاروباري ماڻهو هيو.  ٻنهي کي اولاد ٿيو اڃا والدين سان رهيا پئي جنهن ۾ سس نناڻ ۽ ڏير به هيا. وڏو ڪهول هيو.
هن جي مڙس احمد ٻارن کي ڏسي سوچيو ته اڄ  ننڍا سڀاڻي جوان سو ڏسي سمجهي ڌار رهڻ جي لاءِ نئون آباد ٿيندڙ علائقو حاجي ڪيمپ هيو. جيڪو ويهه سال کن اڳ ياٿورو اڳ امن امان جي ڪري اهو ماحول هرو ڀرو نه هيو جيڪو اڄ هاڻ ڪراچي جو برو حال آهيان.
اڄ ڪراچيءَ جو هي علائقو ته ڇا پر لڳ ڀڳ سڄو ڪراچي ڀتو، چندو، فطرو، عيدالاضحيٰ ۾ کان ويندي ٽريفڪ رڪجي ويئي ته زلزلي کانپوءِ آيل آءِ ڊي پيز متاثرين پٺاڻن جي صورت ۾ انهن ڦرين، ڪار لفٽنگ، اسڪوٽر ڦرڻ، بيٺل ٽريفڪ جام جي صورت ۾ پيسا ڦرڻ، هٿيارن جي اسمگلنگ ڪرڻ، نشي جو ڪاروبار، بينڪون لٽڻ جهڙن ڪمن کان اڄ ڪراچي اچي ٽارگيٽ ڪلنگ جي طور  تي ڪراچي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ان جي سٽ ۽ لپيٽ ۾ هڪ هنن جو ڀتي نه ڏيڻ ۾ ڏير محمد حياتي وڃائي چڪو هو ۽ هڪ ٻيو نوجوان حماد الله تازو سال سوا اڳ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ور چڙهي حياتي وڃائي چڪو آهي.
اهو هينئن ته حماد الله نمازي هيو. هڪ مذهبي حلقي ۾ اٿ ويهه گهڻي هجڻ جي ناتي اهو به هن نئين روشنين جي شهر واري نالي واري شهر جي بجاءِ  نئون زيور نئون برانڊ ٽارگيٽ ڪلنگ جي صورت ۾ شهرت ماڻيندڙ شهر جي اڄ سڃاڻپ بڻيل آهي. هاڻ دنيا جهان کي حيران پريشان ڪري چڪو آهي.
اهو صرف عمل اتي نٿو رڪجي پر اربيه جو مڙس به ٻه دفعا دڪان تي ويٺي لٽجي چڪو آهي. ڇو ته اڄڪلهه بن گروپن جي وچ ۾ هنن جو ڪاروبار هلندڙ آهي.
اربيه جيڪا هوُن ته عمر جي گهڻي وڏي به ناهي. پر پوءِ پنجاهه کان مٿي جي ٿي چڪي هوندي پر هڪ گهر، ٻيو گهر، ٽيون گهر ۽ انهن حالتن سان جتي مڙس جي جدائي کانپوءِ ڪافي اڪيلي اڪيلي ٿي پئي آهي ته ڪاروبار ۽ ماحول به گهڻو متاثر ڪيو آهي. گهر پلازا ۾ هڪ فليٽ آهي، جتي ننڍا ٻار پوءِ سنهو ٿلهو سوڌو سلنف، اٽو کٽو، ماچيس، کٽو ته ڏهي ته ڪڏهن ڪو  ٻيو سودو اهو وٺي اڄڻ هاڻ هن جي خاني ۾ شامل هوندو هيو.
اربيه وڏو ڊگهو چولو پهريل، پيرن ۾ پيل، منهن ۾ گهنج، ڪنن ۾ به ٻه واليون، ٻاهر پاڻي ڀرڻ لاءِ پلاسٽڪ جا دٻا کڻي پاڻي ڀرڻ جي لاءِ نڪتي هئي ڇو جو ڪراڙي اربيه عمر جي ان وهيءَ ۾ داخل ٿي چڪي هئي جو هوءَ پاڻي ڀري؟ اهو ان جي ڪري جو اتي پاڻي هيٺ ڀرڻ وقت ويهي  واري جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. گهر ۾ رڌ پچاءُ جهڙي به ناهي ته ڪپڙن ڌوئڻ جهڙي به ناهي؟ بس ٻارڙن کي سنڀاليندي آهي ۽ هيٺ پاڻي ڀرڻ هاڻ سندس شامل هيو. فليٽ تي پاڻي جيڪو هلندو ان مان جهڙو پاڻي مشڪل سان ٿو ڀرجي سو به ٽيپو، ٽيپو هليو ته به ڪمال اداري ڏانهن به خير هجي ته پلازا سميت ٻين لاءِ به!
شهر جي مصروف زندگيءَ سان گڏ هڪ نئون رجحان وڌيڪ شهري زندگيءَ ۾ شامل ٿي ويو آهي سو آهي ته تڪڙو تڪڙو هر ڪو مارڪيٽن کان ويندي  عبادت جو ڪم مسجد ۾ جلدي جلدي نماز پڙهي فارغ ٿئي؟ ڇو ته ڪٿي رستي ۾ ڪهڙي به وقت ڪنهن به مارڪيٽ ۾ حادثو، بم ڌماڪو، توڙي جو ماڻهو کي کڻي کنڀي گم ڪرڻ ۽ بعد ۾ ٻوري بند لاش جي صورت ۾ ملي ٿو. ان سبب هر هڪ ۾ تڪڙ به وڌي ويئي آهي.
گهر جي ڀرسان هيٺ چوڪ کان ٿوري پنڌ تي لوڻ جو ڪارخانو آهي ان جي ڀرسان هيٺ هڪ پاڻي جي ٽانڪي لڳل آهي. اتي پلازه کان ويندي پاڙي مان پاڻي ڀرڻ لاءِ  ٻار، ڇوڪريون، ننڍيون توڙي بالغ، پوڙها هڪ ٻه باقي اربيه جهڙيون ٻيون مختلف رنگين ڪپڙن ۾، ڪي سنهيون ته ڪي ٿلهيون هلڻ کان هلاڪ ڪي ڪمزور جن کي ڪٿي مردن ٽڪي ڇڏيو آ ته ڪي حالتن جي ناهموار ماحول کان، ته ڪي کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب!
بهر حال ڪي عينڪن سان ته ڪي بنا اتي ٽانڪي تي ويٺي ويٺي انتطار ۾ جتي پندرهن کن ٻين ۾ هڪ اربيه به شامل آهي.
هر هڪ ويٺي اتي بيزار، شڪل، بيقرار ڇو ته لوڊشيڊنگ سبب ننڊ پوري نه ٿي هئي ته ڪن رات جو هتي هن پر رونق محلي ۾ اڄڪلهه ٽن گروپن ۾ ٿيندڙ  دوبدو زبردست گوليون نه وسنديون هجن بلڪ برسات جو وڏو ڦڙو پوندو هجي ڪن جو وري صحيح ننڊ نه ڪرڻ جو سبب رات جو بلڊ پريشر جي گوري نه کائڻ سبب ته ڪن گهر ۾ رات جو عيد مٿان هجڻ ڪري هنن پوڙهن، پوڙهي کي گهر ۾ ڇڏي پاڻ شاپنگ ڪرڻ جي لاءِ نڪري ويون ته پويان هي رات تائين جاڳي هن عمر ۾ اوٻاسيون ڏيئي ڏيئي بيک ئي نڪري ويئي هين. بت ۾ اڳ ۾ ساهه ست پورو سارو هين سو رات جي اوجاڳي ڪثر پوري ڪري ڇڏين......!!!
اتي پاڻي ڀرڻ جي وقت ڪن جو وري منهن لٿل ته ننهن اهو چئي شاپنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وئي ته: ”گهر جو سيڌو اڳ ۾ پورو نٿو ٿئي سو توهان کي وري مٿان لٽي ڪپڙي نئين پهرڻ جي خواهش ڪيئن پوري ڪجي؟ عيد تي ٻارڙن جي لاءِ هوندي آهي.“ چئي نهن خاموش ڪرائي ڇڏيو.
ڪجي به ته ڇا ڪجي؟ پيٽ ڄاوا جن جي لاءِ هنن راتيون جاڳي ننڊون ڦٽائي بيماري مان تندرست بڻايو ته ڪن پنهنجو پيٽ جو گرهن به هنن ٻچڙن کي کارايو ته شادي مرادي ۾ به بچت مان پيسا پٽن کي ڏنا ته دوستن جي تقريب ۾ وڃي شامل ٿيو ته دوستن ۾ منهن ڏيکارڻ جهڙا ٿيو. پنهنجو خون، نور نچوئي، پنهنجي ٿڃ پيئاري، چيچ مان هٿ وٺي گهمائي نازڪ نفيس ڪليءَ مان جوان گل بڻايو ته ڪنهن کي رابيل ۽ڪنهن کي موتيو. موٽ ۾ اولاد وري هنن کي ڪنڊو ٿي سمجهي؟
ٻئي طرف ڪجي ته ڇا ڪجي؟ گهر ۾ ٻارن جو خرچ، هر مهيني گهر جي گئس جو بل هيءَ شيءَ، هوءَ شئي کپي ٻارن جي اسڪول جون فيس، ڪتاب، بيماري، گهر ۾ آيو ويو، سنهي ڪڏهن ٿلهي شئي خراب ڪڏهن سلائي مشين ته ڪڏهن واشنگ مشين ته ڪڏهن استري، شادي غمي ۾ ئي وڃ ته پوءِ سڄي بجيٽ جو ٻيڙو ٻڏي ٿو وڃي.
ان سڄي عذاب واري ماحول ۾ ساهه کڻدڙن مان هڪ پاڻيءَ جي واري تي هوءَ ويٺي ويٺي اتي اوٻاسيون ڏئي مکيون پنهنجي مک تان هلڪيون پئي. جيڪي ڪلهه پرنور هيا. رت سان ڀريل ڳاڙها ڳٽا هيا. جن ۾ جواني جو واس ۽ جوان ڌڙڪندڙ دل جنهن تي ڀونئرا ڦرندا هيا ته راتين جو مڙس انهن کي چمي مزو ماڻي پوءِ ننڊ حوالي ٿي ويندو هيو.
اڄ اهي اڻڀا وار ڏرا ڏيئي ويل اکيون، ڳٽن ۾ گهنج، نرڙ تي گهنج، لڳي ۾ چمڙي لڙڪندڙ، ڀريل اڀار مان لڙڪندڙ ڇڻي پيل زندگي! کنگهندڙ بت!! اهي اوٻاسيون ڏيندي واري اچڻ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ اٿي ٻه دفعا ڀري آهستي آهستي ڪري کڻي به قدم مشڪل سان کنيا هوندا جو پريان چوڪ تان اوچتو  خطرناڪ قسم جي ڏسندي ڏسندي فائرنگ ٿي ته چوطرف خوف، ڀڄ ڀڄان جو راڪاس گهمي ويو هجي. ڪرندي ٿاٻڙجندي جنهن کي آيو ته جيڏانهن کڻي ڀڳو ته هيءَ ويچاري اربيه پاسو وٺي ٻرانگهون ڀري رستو ٽپي پئي ته رڪشا ۽ هڪ ٽرڪ گذرندڙ جو ٽڪر سبب شيخ لوهي لڳس ته ڀريل پاڻي جي دٻن مان هٿ ڇڏائجي وڃي ڪريا انهن مان پاڻي زور زور سان وهي رهيو هيو ته ٻئي طرف شيخ لوهي مغز ڦاڙي وڌو هيس ته ان ڌڪ سان وڃي ڪري ته ان مان رت پاڻي جي دٻي وانگر هن جي بت مان وهڻ لڳو. ان ۾ سڄي رت سان ڳاڙهي ٿي پئي هئي ته هن رڪشي وارو به زخمي ٿي ڦاسي پيو هيو. ٽريفڪ جام ٿي چڪي هئي رستو خالي ٿي ويو ماڻهن کان پر ... پر  پوءِ هڪ ٻن همت ڪئي. هڪ رڪشي کي زور ڏنا جيڪو پاسيرو ٿي پيو هيو ته ٻئي وري ڪراڙي اربيه  کي لوڏيو. ان جي بت جو پاڻي وهي چڪو هو. رت جي صورت ۾ پاڻي جي دٻن وانگر هو بنا احساس جي هئا ئي جذبن سان جڙيل مٽيءَ جو بوتو هو انسان!
انهن کي ڏسي پوءِ به چار ڪنڊن مان وڌي آيا جڏهن ته اربيه بيهوش پئي هئي پوين پساهن ۾ رڙين ۾ واڌ ٿيندي رهي. گوڙ شور وڌندڙ هو گاڏين جي آواز جو هارون جو زور ٻيو بيٺل گاڏين جو دونهون سڄي ماحول ۾ خوف ۽ بيزاري ڇائنجي ويئي هئي.
ٻئي طرف ڪراڙيءَ کي به کڻي پاسي تي رکيو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري لوڏيس ۽ پاڻي جا ڍڪ منهن ۾ وجهڻ لاءِ کوليا ته چپ سڪي ٺوٺ ٿي چڪا هيس، مٿو منهن، ڇاتي، پٺي سان جسم سڄو ڳاڙهو ۽ رت ڄمي چڪي هيس.

اربيه آخري ڪا پساهن ۾ هئي جو آخري دفعو اڌ کليل اکين کي کولڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي ۽ ايتر واتان نڪتس ته پاڻي.. ۽ هڏڪي سا ان ڪراڙي جو روح پر واز ڪري ويو.......!!!

No comments:

Post a Comment