Friday, September 2, 2016

اسان جي ڳوٺ جو عظيم دانشور- غلام رسول چانڊيو

اسان جي ڳوٺ جو عظيم دانشور....
غلام رسول چانڊيو
Image result for Philosopher Person· تون منطق ۽ دليل تي پوءِ ڳالھاءِ! پھريان ڳوٺ وڃ جتي انتھا پسندي جا ننڍڙا ٻوٽا پوکجي رھيا آھن ۽ چاچي آچر جي چَنگُ ٻڌڻ لاءِ ڪير به اوطاق تي نه ٿو وڃي!
· سنڌ، تنھنجي شھر جي ڪنھن پوش علائقي ۾ ٺھيل گھرُ نه آھي جو گھڙي کن لائيٽ وڃڻ تي ماتم مچايو اٿئي، سنڌ ان ھزارين ڳوٺن جو نالو آھي، جتي  اونداھ جي حڪمراني آھي. منھنجا عظيم دانشور! پر پوءِ به سنڌ خاموش آھي، جو تون سالن کان ڳوٺ ناھين ويو...


· شھر جي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ ھڪ دانشور سنڌ جي ڳوٺن تي ڳالھائي رھيو ھيو ۽ آءٌ حيران ٿي ويس ته اھو دانشور ڪيترن سالن کان پنھنجي ڳوٺ ئي نه ويو ھيو....
· او ميان دانشور! خبر اٿئي ته تنھنجي ڳوٺ جي امڙ بَچُلَ گذاري وئي، جيڪا بر زبان لطيف سائينءَ جا بيت پڙھندي ھئي..
· ۽ ھا چاچي ڌڱاڻي جو به ڪالھه ٽيجھو ھيو، جيڪو تو کي کيٽو ڪرڻ تي اسڪول ڇڏي ايندو ھيو.
· ۽ اھو به ٻڌائي ڇڏيانءِ منھنجي سنڌ جا عظيم دانشور! علي بخش جي ڪکائين اوطاق به تو واري ڪلاس فيلو ڀوتار ڊھرائي ڇڏي، جتي پرائمري استاد پيرل رھندو ھيو ۽ شام جو شاگردن ۾ شاھ جي بيتن پڙھڻ جو مقابلو ڪرائيندو ھيو، جنھن ۾ تون به ڀٽائيءَ جا غلط بيت پڙھڻ تي ڇڙٻون جھليندو ھئين....
· ۽ اھو به اطلاع ھجئي ته راڄُلَ کي لڳل جواني واري ٽي بي اڃان ختم ناھي ٿي، ھاڻ ھو ھلڻ کان به ھلاک آھي، اڄ مري يا سڀاڻ!
· ڇا ٻڌايانءِ دلبر دانشور! کَمون وارا چار جريب به ڀوتار بھرام خان لکائي ورتا اٿئي ۽ ھاڻ کمون ان زمين تي ھارپو ڪندو آھي....
· پر ٻڌ! خبر اٿئي ته ڪالهھ چاچي آچر کي تو واري شھر جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو اٿن!؟ ويو آھينس!؟
· ڪالھه ڏاڏي باقر کي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيائون، چئه ”تنھنجو پٽ ڳوٺ جي ٻارن کي خاري ٿو.“
· ميان مھا ڏاھا! ٽيون ڏينھن مھيسر پاران پيٽ لکي ڏيڻ کان پوءِ خميسي جي ڌيءُ سان مڱڻو ٿيو اٿئي، سو به ڀوتار جي ضمانت ملڻ کان پوءِ....
· مائي چَڱِي جو يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ پٽ به ڪالھه مينھن جي چوري ۾ ٻڌجي ويو اٿئي... پيريِ پيرُ سڃاتو ھيو...
· عقل جا اڪابر! ٽي وي تي ويھي اھو نه چئو ته سنڌ مان جاگيرداري ختم ٿي وئي آھي.... جي سچو آھين ته پوءِ چاچي ميھار جي نياڻي جوان ٿيڻ کان ڇو ٿي ڊڄي!؟
· پاڻ واري  ڳوٺ ۾ سيتا جي ڀاءُ نانڪ ڪالھه خودڪشي ڪري ڇڏي، باگڙي ڀوتار ڏي دانھن کڻي آيا ھئا پر ان وقت سندس پُٽ گھر ۾ ڪو نه ھو.....
· نبو ۽ نياز وارن جو جرڳو به ڪالھ ٿي ويو.... نبو وارن جي ڌُر تي 5 لک چٽي پئي، چار مينھون پڙي تي ڪاھيو پئي ويا....
· شھمير پنھنجا ٽي پٽ ڪالھه مدرسي موڪلي ڇڏيا، پِن سِن جي ئي سھي پر ماني ته ملندن ۽ وري دين جو درس به وٺندا....
· تو وارا ٻار ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھندا آھن؟ پاڻ واري ڳوٺ ۾ ته ماسترياڻيون ڪونه اچن ۽ ڇوڪرن واري اسڪول ۾ ڀاڻ جون ٻوريون رکيل آھن.....
· شڪر آھي جو پنھنجي ڳوٺ جا ذري گھٽ سڀ نمازي ٿي ويا آھن، اڳي ته رڳي عيد نماز پڙھندا ھيا، مالڪ جا احسان آھن.
· مولوي عبدالغفار جي اچڻ کان پوءِ ھاڻ ڳوٺ ۾ دھل ڪو نه وڄي، ڳوٺاڻا مٿو اگھاڙو ڪو نه ڪن، شادين جون ريتون به بدلجي ويون آھن، نڪاح ٿيو جان ڇٽي، نه ڪي ڳيچ، نه ڪي نچڻ ڪڏڻ، نه ئي لائون ۽ ڳانا.... بس مالڪ جي ٻاجھه آھي، ھاڻ سنڌ جا ڳوٺ سڌرن پيا....
· شھر ۾ رھندڙ منھنجا ڳوٺائي دانشور! ڏي خبر چاچي مولا بخش توکي فونون پئي ڪيون، تو نه کنيون ته پوءِ وري ڀوتار ڏي پٽ کي يونيورسٽي ۾ ھاسٽل وٺي ڏيڻ لاءِ عرض کڻي ويو ھيو.... خبر ناھي ڪم ٿيس الاءِ نه!
· پاڻ واري ڳوٺ جي ھٽ تي اڳي رڳي دال ۽ چانھ جي پتي ملندي ھئي پر ھاڻ اتي گٽڪي کان ويندي سوپارين تائين ۽ چرس کان وٺي آفيم تائين سڀ ڪجھه مليو وڃي.... ۽ نڀاڳن ڇورن وري ٺَري جي بٺي به ٺاھي آھي. مولوي عبدالغفار جي به نه ٿا ٻڌن.... ٻيلي تون ڪو ٽيم ڪڍي ڇورن کي سمجھاءِ.... ٺري پيئڻ کان پوءِ ته مائُرن کي به مارين ٿا... گھڻا ڪونھن بس مڙئي پنڌرھن ويھه ڇورا اچي کريا آھن.... تون سموري سنڌ کي ڪلھي تي کنيو بيٺو آھين، ڳوٺ جا ڇورا توکان ڪيڏانھن ويندا....؟ ٻيلي اسان تي قرب ڪري ھڪڙو دفعو پنھنجي ڳوٺ مان چڪر ڏئي وڃ...
· ڪالھه ته حد ٿي وئي، چاچي متاري واري ڇوري ولڻ ٺرو پي ماءُ جو مٿو ڦاڙي وڌو، رت ئي نه پيو بيھيس پر ماسي جِوائي ھيڊ چپٽي وڌس ته پوءِ وڃي رت بيٺس...
· ان ڏينھن ڳوٺ جي ڇوڪرن بھادر واري ھوٽل تي ٽي وي ۾ توکي پئي ڏٺو، پر ابا تو واري ڳالھه ڪنھن کي به سمجھه ۾ نه پئي آئي، ڇورا چون ته ”اھو سي پيڪ ڇا آھي؟“ اصل کڻي ٺٺول ٺاھيائون... ھاڻ ته ھڪ ٻئي تي نالا به رکيا اٿن.... منطقي فقير، جدلياتي ڏيڏر، سي پيڪ خان ۽ ماسي جمنا کي وريو مائي اقتصاديات ويٺا سڏين....
· ادا دانشور سچ ٿو چوان ته تو تمام وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون پر اسان وارن ڇورن کي اچي مشڪري لڳي سو چون ته اٽي سستي ٿيڻ جي خبر به نه ٿو ڏي، بجلي ڪڏھن ايندي ان جو به نه ٿو ٻڌائي، ڳوٺ وارو پنج ڦٽو ڪڏھن پڪو ٿيندو، ان بابت به ڪو نه ٿو ڳالھائي.... باقي اسان ان منطق ۽ جدليات مان ڇا ڄاڻون... اسان واري ان پاڙھو ڳوٺائي کان ته ڀوتار ڀلو جيڪو صوبيدار کي به ھڪ فون سان گھرايو وٺي...

· سو ادا دانشور! اسان جي ڳوٺ جو حال ڪونھي، عقل واري ڳالھه ته سمجھن ئي ڪو نه.... تڏھن ته اوھان جھڙا ڏاھا به سنڌ جي سادگي جو سوڳ پيا ملھائين.... سدائين گڏ، شھر آيس ته تو سان ملندس، اڳئين ڀيري وانگر نه ڪجانءِ ته آءٌ اچان ۽ تنھنجو نوڪر چوي ته صاحب اسلام آباد ويل آھي...

No comments:

Post a Comment