Friday, September 2, 2016

اجائي ڳالھ - مٺل جسڪاڻي

اجائي ڳالھ
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ڳالھ ٿا ڪن ته 'الف' ۽ 'بي' پاڻ ۾ دوست ھئا. اھي ڪي روايتي نه، نئين دور جا اھڙا دوست ھئا، جن کي ھڪ ٻئي جي باري ۾ ڪا خاص معلومات نه ھئي، ڇو ته ھو پاڻ ۾ ڪڏھن به، ڪٿي به مليا نه ھئا، نه ئي جديد دور جي جديد سھوليت موبائيل جو فائدو وٺي پاڻ ۾ ڳالھايو ھئن!


جيءُ، ھا، اوھان جو اندازو مُنڊيءَ تي ٽڪ، ھڪ نه، ٻه بلڪ ٻارھن سؤ سيڪڙو درست آھي. الف ۽ بي جي عالمي اوطاق يعني فيس بوڪ دوستي ھئي.
الف ۽ بي، عالمي اوطاق جا ٻئي مثالي يار رھندا پئي آيا. ھڪ ڏينھن 'بي' عالمي اوطاق تي سندس تصوير آويزان ڪئي، ته 'الف' ياري نڀائيندي، ان تي "واھه، بھترين، زبردست، خوبصورت، پُرڪشش، وڻندڙ" لکي، پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو.
چون ٿا ته ھڪ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ 'بي' سندس آويزان ڪيل تصوير سان گڏ، سندس نڪور شاعري جي مختلف صنف وارا ڪجھه اسم رکي ڇڏيا. ان کان پوءِ، جيئن ئي 'بي' جي دوست 'الف' اھا شاعري ڏٺي، ته شاعري پڙھندي، ھن جو رنگ ڪنھن مھل ڪھڙو ته ڪنھن وقت ڪھڙو، سانڊي وانگر جلدي جلدي بدلبو ويو.
'الف' جڏھن سندس دوست 'بي' جي شاعري پڙھي ورتي، پھرين ته ھو خاموش سوچيندو رھيو، پوءِ ھن جيڪا تصوير ڏسڻ وقت راءِ لکي ھئي، اھا ميساري، ٻين دوستن پاران ونڊيل تصويرون، خبرون، احوال وغيرھه ڏسندو، پڙھندو، ڪنھن تي صرف پسند جو اظھار ڪندو ويو، ته ڪنھن تي ڪھڙي، ڪنھن تي ڪھڙي راءِ به لکندو ويو.
ھي ڳالھه جيئن جو تيئن به نه آھي، ھٿ جي گھڙيل ڪھاڻي به نه آھي، نه زماني جي ڳالھه آھي، نه زماني کان اڳ يا وري زماني کان پوءِ جي ڪا ڳالھه آھي، ھي مڙئي ڳالھه آھي.

اوھان پنھنجو ڪم ڪريو، ڪو سٺو، فائديمند ڪم ڪريو، ڪنھن به اجائي ڳالھه تي، ذرڙو به ڌيان نه ڏيو.

No comments:

Post a Comment