Sunday, July 24, 2016

نوجوان دوست ياسر منگي سان مڪالمو - منظور ڪوھيار

نوجوان دوست ياسر منگي سان مڪالمو
Dialogue with Yasir Mangi
منظور ڪوھيار

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته تون نوجوان صحافي، برجستو شاعر ۽ ليکڪ به آهين. سال ڏيڍ اڳ جڏهن اسان جي سنگت (عبدالوهاب سهتو، علي شير رونگھو ۽ مان) عزيز منگي سان گڏ پنهنجي وڇڙيل دوست هدايت منگي جي قبر تي ڳوٺ بگي ۾ دعا گھرڻ وياسين. اُتي تو سان ملاقات ٿي هئي. تون مون کي موهن جي دڙي تي به هلندي ڦرندي ڏاڍو فضيلت ڀريو، باتميز، سنجيده ۽ بردبار پئي لڳين. پر اڄ جڏهن منهنجي ٽائيم لائين تي رکيل هڪ فوٽو تي، جيڪا تو راءِ ڏني آهي، ته:
What a fitness Sir!


مان سمجھي ويس ته تون وڏو شرارتي به آهين.ان ڪري مون جواب ۾ لکيو هيو، ته ’ٽيڪر بازي، پوڙهو راضي. ايڏي پوزي به نه ڏي، جو تاريخي گند ڪري وجھان‘. اهو مون ان ڪري لکيو، جو پوڙهن يا اڌڙوٽن کي پنهنجن ٽپڙن جي پوري خبر هوندي آهي. ان حوالي سان اسڪيمو وڏا حقيقت پسند هيا ۽ آهن. سندن لوڪ شاعري ۾ هڪ پوڙهي جي حقيقت پسندي وارو ڪيڏو نه خوبصورت اظهار آهي:
”مان پوڙهو ٿي چڪو آهيان
چڱي عمر گذاري اٿم
ڪيتريون ڳالهيون سمجھيون آهن
پر چار پروليون نه پروڙي سگھيو آهيان
سورج جو وجود
چنڊ جي فطرت
عورت جو دماغ
۽ اهو ته ماڻهن کي جُونئون گھڻيون، ڇو ٿيون پون.“
لاشڪ ته مان به پوڙهو ٿي چڪو آهيان. سٺ سال عمر جا گذري ويا آهن. ڪجھ گذري آ، ڪجھ گذري ويندي. گھڻيون ڳالهيون ته زندگي جي تجربي ۽ مشاهدي ماڻڻ سان سمجھي ويو آهيان. پر چار ٻجھارتون اڃا نه ڀڃي سگھيو آهيان. هڪ پنهنجي ملڪ جو وجود، ٻيو سنڌي وڏيري جي فطرت، ٽيون ديسي دانشور جو دماغ ۽ چوٿون اهو ته اسان ماڻهن جي مٿي تي، هر وقت بي سمجھي جو ڀوت ڇو سوار آهي!؟
اسڪيمو يا انيئت جي لوڪ ادب ۾ ڪراڙپ جي حوالي سان بي رحمي جي حد تائين حقيقت پسندي موجود آهي، مثلن هي شعر ان جو ثبوت آهي، ته:
”جيڪو ماڻهو شڪار نه ٿو ڪري سگھي،
ڪهڙي ڪم جو؟“
جنهن جو وات ڪاياڪ (جانور) جي پاسريءَ وانگر ڦري وڃي ٿو،
ڪهڙي ڪم جو؟
جنهن جي اکين مان موت ليئا پائي ٿو،
ڪهڙي ڪم جو؟
جيڪو ڳائي وڄائي نه ٿو سگھي،
ڪهڙي ڪم جو؟
جيڪو عورتن سان صحبت نه ٿو ڪري سگھي،
ڪهڙي ڪم جو؟
اسڪيمو عورتون ته سنئون سڌو اهڙي بيڪار مرد تي چٿر ڪنديون آهن، جيڪو ڇٽل ڪارتوس جي مثل هوندو آهي :
When a man grows old
And his balls grow cold
And the tip of his prick turns blue
And the hole in the middle refuses to piddle
I would say he was fucked, would not you.
مطلب ته ، مرد ڪراڙي جا
ٽپڙ سڀ ڍلا
ڪهڙي ڪجي گلا،
ڪم جو نه ڪاج جو،
دشمن اناج جو.
انڪري جڏهن اسڪيمو پوڙهو ٿيندو آهي ۽ ڪم ڪار جو ناهي رهندو، ته پنهنجي اِگلو (برف جي گھر) مان نڪري هلڻ شروع ڪندو آهي ۽ ايستائين هلندو رهندو آهي، جيستائين ٿڪجي ڪري نه پوي ۽ مٿائنس ڪرندڙ برف، سندس آخري آرامگاه نه بڻجي وڃي. مان جڏهن ڪجھ سال اڳ بيمار هيس. بيڊ تي سمهي سمهي تنگ ٿي پيس، ته ننڍي پٽ شيراز کي چيم، ته ”مان بليده ٿو وڃان، پر موٽندس نه!“
” ڇو!؟“، هن پڇيو.
”مان اسڪيمو جي دلير پوڙهن وانگر هلندو رهندس، بليده کانپوءِ زامران، زامران کان اصفهان، اصفهان کانپوءِ آذر بائيجان، ايستائين جيستائين پنڌ ڪندي مري نه ٿو وڃان.“
مان اها ڳالھ ڪئي ته شيراز روئڻهارڪو ٿي ويو. مون دل ۾ سوچيو، اسان جا پنهنجا اڃا ايترو حقيقت پسند ڪونهن، جيترو اسڪيمو آهن.
اسان وٽ ته پڪن ۽ پوڙهن جي لئي آهي. ڪجھ نه ڪرڻ جي باوجود عزت جي نگاھ سان کين ڏٺو ٿو وڃي، پنهنجو ڇپر ڇانوَ سمجھيو ٿو وڃي. پر انهن جو خانو خراب تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو سهڻو سيبتو جوان يا جوانڙي ٽيڪر ڏئي چوندا آهن، ”سائين، اڃا جوان يا سمارٽ ٿا لڳو.“
پوءِ سنڌي پوڙهو ٽيڪر جو ڀاڙي، هڪدم نرگسيت جو شڪار ٿي، ٻي شادي جو سوچيندو آهي يا وري ”ٻڍي گھوڙي، لال لغام“ جي مصداق پنهنجو مهڪارو ڪري (خضاب هڻي)، نوجوان ڇوڪرين کي ائين گھورڻ شروع ڪندو، جيئن ٻلو ڇپ هڻي گھمندڙ ڦرندڙ ڪُوئن ۾ جُوهَ وجھي.
پوڙهو وڏيرو، سردار، پير مير يا پوءِ-ڍايوسياستدان ٻي يا ٽين شادي ڪري، ته ان تي آڱر اُڀي نه ٿيندي، جو اهي آهن ئي آدي بڻيادي بد افعالا. پر جي اديب يا دانش ور ڪري ته پوءِ آڱر ضرور کڄي ٿي، ته ’هڪ اڻهوند، ٻيا افعال بڇڙا‘ يا ماڻهو ائين چوڻ تي مجبور ٿين ٿا، ته ’عالمن جا ابا، تو جو ٽنگون ٽيڙيون ته بندا ڪيئن ڪندا‘
عالمن جي ابن جيڪي تاريخي گند ڪيا آهن، انهن تي ڪو تحقيق ڪري، ته ڪرڻ واري کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ضرور ملندي ۽ ملڻ به گھرجي. جڏهن ته اڄڪلھ پي ايڇ ڊي جي ڊگري، ان کي به مليو وڃي، جنهن ڪجھ به نه ڪيو آهي. مثال جيئن رحمان ملڪ کي ڪراچي يونيورسٽي وارن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏئي ڇڏي. هاڻي ته ڊاڪٽر ۽ ڏاڪدر ۾ ڪو فرق ئي ناهي رهيو، ائين جيئن گھوڙي ۽ گڏه ۾.
جنهن طرف مان اشارو ٿو ڪيان، ان حوالي سان تنهنجي تحقيق جو موضوع ڪو ايڏو ڏکيو به ناهي، جو ’بدر ابڙي‘ وانگر تو کي کيرٿر جبل جي چوٽي تي چڙهڻو پوي. ڪم سؤلڙو آهي. بس تو کي رڳو انهن دانشورن ۽ اديبن کان انٽرويو ڪرڻو آهي، جن ٻي يا ٽين شادي ڪئي آهي. مزي جي ڳالھ وري اها آهي، ته اهي ئي عورتن جي حقن، بي جوڙ شادين ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي شاعري، افسانا، مضمون ۽ ڪالم پيا لکن ۽ تقريرون ڪن. اهي تو کي ڪنهن نه ڪنهن سيمينار، ڪانفرنس ۾ رلندي ڦرندي ملي ويندا. تو کي بس اها ئي نڪ جي پڪائي ڏسڻي ۽ نوٽ ڪرڻي آهي. ٻيو، اُهي سبب معلوم ڪرڻا آهن، ته ڪهڙن عالمي، قومي، سماجي، سياسي يا علمي مفادن جي مدنظر انهن ٻي يا ٽين شادي ڪئي. جي تون مثبت سبب معلوم ڪري ورتا، ته پوءِ اسان جو سر به اَڏيءَ تي. پوءِ ڀل پوزيون ڏئي، ثواب کٽ.
پر جي ڪو فائدو ناهي، ته پوءِ ڏاهو ٿجانءِ! ائين نه ڪجانءِ، جيئن هاڻي ڪيو ٿي. ان ڪري تحقيق ڪرڻ کان اڳ تڪڙ نه ڪر!... وساميل چلھ مٿان تيل نه هار!... ڀُتي ڪاٺيءَ کي باه نه ڏي!... تيلي تون ڏيندين، اندر اسان جو ٻري پوندو. جي تو کان ڪير پڇندو، ته تون صرف سرائين ورائي ايتري سچي ڪندين، ته؛ ”برابر تيلي ته مين ڏتي، ڀلا ڀڀڙ ڪنهن ڪيتا؟“



(هلندڙ)

No comments:

Post a Comment