Saturday, July 30, 2016

صابو ڌاڙيل - نعيم ملڪ

صابو ڌاڙيل
ڪهاڻي
نعيم ملڪ
گذريل 15 ڏينهن کان آءٌ پريس ڪلب جي سامهون بک هڙتال ڪري رهيو آهيان. اڄ تائين هڪ به حڪومتي نمائندو يا ڪو وزير منهنجي بک هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ نه پهتو آهي ۽ اڄ تائين منهنجا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا آهن. مون به پڪو پهه ڪيو آهي ته جيستائين منهنجا سڀ مطالبا نه مڃيا ويندا آءٌ پنهنجي بک هڙتال ختم نه ڪندس.


جيئن ئي مون بک هڙتال شروع ڪئي آهي ته ٿڌ به پنهنجو جوڀن ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت برسات پوڻ، ٿڌ ۾ ڇا ته وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙين حالتن ۾ به منهنجا حوصلا ڪمزور نه ٿيا آهن. آءٌ پنهنجي ارادي تي اٽل آهيان.
مون هيءَ بک هڙتال پنهنجي پيءَ کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ شروع ڪئي آهي.
”منهنجو پيءُ عظيم انسان هو. هو وڏو ناليوارو شخص هو پر حڪومت هن سان انصاف نه ڪيو آهي. حڪمران ڪالهه تائين هن جي حلقي ۾ رهڻ کي فخر سمجهندا هئا. هن سان گروپ فوٽو ڪڍرائڻ کي پنهنجي شان مان وٽان سمجهندا هئا. ڇو ته اهي فوٽو انهيءَ حقيقيت جي نشاندهي ڪندا هئا ته بابا جي حمايت انهن سان گڏ آهي. حقيقت ۾ به ائين ئي هو. منهنجو پيءُ، جنهن به ڌر جي حمايت ڪندو هو، اهو چونڊن ۾ کٽي ويندو هو. ڇو ته منهنجي والد جو اثر رسوخ تمام گهڻو هو. ڪنهن به ووٽر کي همت ئي نه ٿيندي هئي ته هو ڪنهن ٻئي کي ووٽ ڏئي. وڏا وڏا سياستدان ۽ حڪمران جيڪو ڪم ڪري نه سگهندا هئا، اُهي سڀ ڪم منهنجو والد ڪري ڏيکاريندو هو. هن کان دنيا ڊڄندي هئي. هن جي فيصلي کي حرف آخر سمجهيو ويندو هو. پر هاڻي ته حڪمران ڌر ناانصافي جي حد ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه تائين شهر جون رونقون هن جي مرضيءَ سان بحال رهنديون هيون. وزارتون هن جي فيصلي تحت ورهائبيون هيون. سندس ناراضگي حڪومت کي لوڏي ڇڏيندي هئي. هاءِ ... هاءِ..... بابا سائين واقعي مڙس ماڻهو هئين.“
مون پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪندي ٿڌو ساھ ڀريو.
جڏهن به ماڻهو پريس ڪلب جي ٻاهران لنگهندا هئا ته آءٌ وڏي آواز سان چوندو هئس؛ ”مطالبا منظور ڪريو... مطالبا منظور ڪريو...
پنهنجين مطالبن جي حل ڪرائڻ لاءِ، روزاني جيان، جيئن ئي نعرا هڻي رهيو هئس ۽ منهنجن زورائتن نعرن پهريون ڀيرو ٽي وي رپورٽر کي مون ڏانهن متوجهه ڪيو. مون ڏٺو ته رپورٽر پنهنجي وڊيو ڪئميرا سان گڏ سڌو مون وٽ آيو. اچڻ شرط ئي مائيڪ منهنجي اڳيان جهليندي سوال ڪيائين، توهان بک هڙتال ڇو ڪئي آهي؟
”حڪومت منهنجي پيءُ سان انصاف ڪري، پنهنجي پيءُ کي حقيقي مقام ڏيارڻ لاءِ ئي مون بک هڙتال شروع ڪئي آهي.“ مون جواب ڏنو.
”توهان جو پيءُ ڪير هو؟“ رپورٽر سوال ڪيو.
”منهنجو پيءُ وڏو مشهور ۽ عظيم ماڻهو هو.“ مون موٽ ۾ وراڻيو؛ ”اهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن.... پر حڪومت هن سان انصاف نه ڪري رهي آهي.“
رپورٽر حيرانگيءَ مان پڇيو؛ ”حڪومت توهان جي والد سان ڪهڙي ناانصافي ڪئي آهي؟“
ناانصافين جي ڊگهي قطار آهي!!“ مون ڏانهنس ڏسندي چيو.
”اسان توهان جو  آواز، اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين.“ رپورٽر وراڻيو.
ادا صدين تائين عوام جو آواز، اهنج، تڪيلفون، سور، هڙتالون، مسئلن جي حل لاءِ آپگهات ايوانن تائين نه پهتا آهن ته تون منهنجو ڪهڙو آواز ايوانن تائين پهچائيندي،“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
”توهان ڪجهه ٻڌائيندو ته اسان خبر رپورٽ ڪري سگهنداسين.“ هن مون کي سمجهائيندي وراڻيو.
”جيڪڏهن حڪومت منهنجو آواز ٻڌي رهي آهي ته انهيءَ کي گهرجي ته اها قومي اسيمبلي، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ يا گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن يونيورسٽي يا شهر تي منهنجي پي جو نالو رکيو وڃي. هن ملڪ ۾ کوڙ شهرن تي هندن جا نالا آهن، جن کي تبديل ڪري، منهنجي پيءُ جي نالي تي رکيا وڃن. ڇو ته اهڙي وڏي ماڻهوءَ جي هن ملڪ ۾ مڃتا نه آهي؟ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ منهنجي پيءُ جو نالو لکڻ گهرجي ها! ته جيئن تاريخ ۾ سندس نالو روشن رهي ها.“
”ٻڌاءِ ته سهي تنهنجي پيءُ آخر ڪهڙا ڪارنامه سرناجام ڏنا آهن؟“ رپورٽر يڪ ساهي سوال ڪري ويو.
هڪ هجي ته ٻڌايان! هزارين ڪارناما آهن! جيڪڏهن هو ملڪ کان ٻاهر هجي ها ته اڄ تائين هن تي ڪيترا ئي ناول ۽ فلمون ٺهي چڪيون هجن ها!“ مون ٿڌو ساھ ڀريندي چيو؛ ”هتي ته ڪير به پڇڻ وارو ئي نه آهي؟ ڇا اهڙي وڏي ماڻهو سان زيادتي نه آهي؟ مون اچرج مان سوال ڪندي ڳالھ کي اڳتي وڌايو؛ ”ڪالهه تائين وزير هن سان ملڻ لاءِ ٽائيم گهرندا هئا. اربن ۽ ڪروڙن جا ٺيڪا هن جي هڪ فون تي ملي ويندا هئا، صنعتڪار ۽ واپاري هن جي در تي مٿو ٽيڪيندا هئا!ٰ جيڪڏهن هو اسٽاڪ ايڪسچينج مان پنهنجا شيئر ڪڍندو هو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ڪريش ٿي پوندي هئي. ريئل اسٽيٽ جا ڪاروباري، سندس در جا دربان هوندا هئا. هن جو ڇاڙتو به اربين رپين جي زمينن جا قبضا خالي ڪرائي ويندو هو. هن جي چٺيءَ تي، ڪنگلا ڪروڙ پتي بنجي ويا هئا. هو جنهن به بئنڪ مان پنهنجا پئسا ڪڍندو هو ته اها بئنڪ ڏيوالو ٿي ويندي هئي. تون ئي ٻڌاءِ ايڏي وڏي ماڻهوءَ سان ايتري وڏي ناانصافي.“ مون لڳاتار ڳالهائيندي چيو.
”حڪومت ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل وڏا وڏا ماڻهو، سيڙپڪار، ڪارخانيدار، رئيس ۽ سردار منهنجي پيءُ جي آشيرواد سان هلندا هئا! ان جي باوجود به کيس جائز مقام ڏيارڻ لاءِ تيار نه  آهن! گهٽ ۾ گهٽ وزارت انصاف ۽ قانون هن جي نالي سان منسوب ڪئي وڃي. ايتري وڏي ماڻهوءَ اسان ناانصافي بي قدري آهي!
رپورٽر منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ ”پر اڃا تائين ته تو اهو نه ٻڌايو  آهي ته تنهنجو والد ڪير هو؟ ڇا هو سياستدان هو؟“
”نه، توهان کي هن جو نالو ٻڌائيندس ته توهان ڇرڪي ويندا، پر مون کي اچرج آهي ته هن جيئن ئي اکيون بند ڪيون ته هن جا رفيق، هم نشين انهيءَ کان اهڙو منهن موڙي ويا جو اکر به ڪڇڻ لاءِ تيار نه آهن.“ مون دليل ڏيندي چيو.
توهان اسان کي ٻڌايو ته جنهن عظيم شخصيت جي نالي سان توهان قومي اسيمبلي، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ، يونيورسٽي يا ڪنهن شهر جو نالو سندس نالي پٺيان منسوب ڪرڻ چاهيو ٿا ان مهربان جو نالو ته ٻڌايو.“ رپورٽر خفا ٿيندي چيو.

صابو ڌاڙيل......... مون وراڻيو

No comments:

Post a Comment