Sunday, July 24, 2016

ڀنڀوري پَري اينڊ بريٽن -علي بابا

ڀنڀوري پَري اينڊ بريٽن
علي بابا
گهڻو وقت اڳي جي ڳالهه آهي، انگلينڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو. هن جو سڀ کان وڏو شوق پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائڻ ۽ گڏ ڪرڻ هو. جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي، ته هو پوپٽ ڦاسائڻ جو ڄار کڻي ساين ويڙهين ۽ باغن ڏانهن هليو ويندو هو. سندس اکيون سدائين اهڙن پوپٽن ۽ ڀنڀورين جي ڳولا پيون ڪنديون هيون، جن کي هن اڳ ڪڏهن به پڪڙيو نه هجي. هو ڪوشش ڪري نوان نوان پوپٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسائيندو هو.


هو جڏهن به ڪو نئون پوپٽ يا ڀنڀوري ڦاسائيندو هو، ته اُن کي پهرين هڪ زهريليءَ شيـشيءَ ۾ بند ڪندو هو، ۽ انهيءَ پوپٽ يا ڀنڀوريءَ کي زهريليءَ شيشيءَ ۾ اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي جو وري ڪڏهن به جاڳ نه ٿيندي هيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ، هو انهن پوپٽن کي شيشيءَ مان ٻاهر ڪڍي سندن پرن کي ڏاڍي غور سان ڏسندو هو. هن کي انهن پوپٽن جي پرن جا رنگ ڏاڍا وڻندا هئا. پوءِ هو انهن کي تصويرن وانگر فريم ۾ وجهي ڀت تي ٽنگي ڇڏيندو هو. سندس وڏي ۽ ويڪري گهر جي ڀتين تي اهڙا سوين فريم ٽنگيل هئا، جن ۾ قسمين قسمين پوپٽ ۽ ڀنڀوريون هيون، جي هو سالن کان ڦاسائيندو آيو هو.
هڪ ڏينهن هو ڄاري کڻي پوپٽ ڦاسائڻ لاءِ تمام پري نڪري ويو. هن کي اَڪ مڪڙ، مورن جي رنگ جهڙا پوپٽ، ڳاڙهيون ۽ هيڊيون ڀنڀوريون ۽ اڇا مڪڙ ڏسڻ ۾ آيا، جي هُن وٽ اڳ ئي کوڙ هئا.
”اڄ صبح ساڻ الائي ڪهڙي منحوس جي منهن چڙهيس!“ هن پاڻمرادو ڳالهايو. پوءِ اوچتو هُن هڪ گل مٿان خوبصورت ڀنڀوري ويٺل ڏٺي. انهيءَ ڀنڀوريءَ جا نيرا پَرَ چانديءَ جهڙا هئا ۽ انهن مٿان سونهن چِٽ هئس. اها عام ڀنڀوري کان وڏي هئي.
”مون ته اهڙي ڀنڀوري اڳي ڪڏهن به ڪا نه ڏٺي!“ هن وري عجب مان پاڻمرادو ڳالهايو، پوءِ انهيءَ ڀنڀوري کي ڦاسائڻ لاءِ ڄاري هٿ ۾ کڻي، هوريان هوريان، بي آواز بانبڙا پائيندو، انهيءَ گلن جي ٽاريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ زور سان پنهنجي ڄاري انهيءَ گل مٿان ڦيرائي خاموش گلن مٿان هوا جو سوسٽ ٿيو، ۽ هن انهيءَ خوبصورت ڀنڀوريءَ کي ڦاسائي ورتو.
ڀنڀوري ڄاريءَ ۾ ڦاسي، سنهڙيون ڪيهون ڪرڻ لڳي. تمام وڏيءَ ڄاري ۾ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ زور لڳائي، ڦٿڪي ڦٿڪي ساڻي ٿي پئي هئي. هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيا هئا.
پوپٽن جي شڪاريءَ جيئن ئي ڄاريءَ ۾ اندر هٿ وجهي پنهنجيءَ نئين ڦاسايل، خوبصورت ڀنڀوريءَ کي ٻاهر ڪڍڻ ٿي چاهيو، ته ڀنڀوريءَ هن کي آڱر ۾ زور سان چڪ هنيو. هن هڪدم پنهنجو هٿ ٻاهر ڇڪي ورتو. سندس آڱر مان رت ٽمي رهيو هو، ۽ هو تڪليف کان ڪـِـــنجهي رهيو هو.
انهيءَ ويل وڻن مان هڪ ننڍڙي ڇوڪري نڪري آئي، ۽ حيرت سان انهيءَ ماڻهوءَ جي منهن ۾ ڏسڻ لڳي.
”ڇا ٿيو؟“ ڇوڪريءَ چيو. ”تو ته پاڻ کي زخمي ڪري وڌو آهي!“
”هن ڀنڀوري مون کي چَڪُ هنيو آهي.“ همراهه وراڻيو.
”پر ڀنڀوريون ته چڪ نه پائينديون آهن.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ چيو، ”انهن کي ڏند ۽ ڏنگ نه هوندو آهي. هنن کي رڳو زبان جهڙي ڪا شيءِ ٿيندي آهي، جنهن سان هو گلن مان رَسُ چوسي ڪڍنديون آهن.“
”ڇوڪري، مهرباني ڪري مون کي ڀنڀورين جي باري ۾ ڪجهه ته ٻڌاءِ.“ انهي همراهه تڪليف کان ڇوڪريءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو؛ ”منهنجي سڄي ڄمار پوپٽ ۽ ڀنڀوريون گڏ ڪندي گذري آهي. ۽ هيءَ پهرين ڀنڀوري آهي، جنهن مون کي چَــڪ پاتو آهي!“
ننڍڙي ڇوڪريءَ نِوِڙي ڏٺو، ته ڀنڀوري پاڻ ڇڏائڻ لاءِ وس ڪري رهي هئي ۽ سنهڙي آواز سان ڪيهون ڪري رهي هئي!“ مون کي ٻاهر ڪڍو! مون کي بچايو..... مون کي بچايو.....!“
”يا خدا! هيءُ ڇا آهي؟“
”ڀنڀوري ته ڳالهائي پئي! ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ حيرت مان دانهن ڪئي. ”مون آواز ٻڌو آهي.... صاف صاف مون آواز ٻڌو آهي!“
”بيوقوف نه ٿيءُ.“ شڪاريءَ چيو.
”ڪجهه پوپوٽ ۽ ڀنڀوريون ڦاسجڻ کان پوءِ دانهون ڪندا آهن.“
”پر هيءَ ته ڳالهائي ٿي!“ ننڍڙي ڇوڪري ٻيهر نوڙي ڄاريءَ ۾ نهارڻ لڳي، ته سندس وات مان دانهن نڪري وئي: ”تو پري ڦاسائي آهي! هيءَ ڀنڀوري نه، پري آهي!“
”جنن ۽ پرين جهڙي دنيا ۾ ڪا به شيءِ ڪانهي.“ شڪاريءَ چيو. ”تون سچ پچ هڪ ننڍڙي بيوقوف ڇوڪري آهين. تون ان کي پري چئه يا ڇا به، پر جنن پرين ۾ منهنجو ويساهه نه آهي ۽ نه ئي مون کي ڪنهن تي ويساهه ايندو.“
”عجب آهي! تون هن ۾ نهارڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو چئين، ته هيءَ پري ناهي؟“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ڪهڪاءَ مان چيو: ”هن ۾ غور سان ڏس! هيءَ ڀنڀوري نه پري آهي. جيئري جاڳندي، خوبصورت پري! مهرباني ڪري هن کي ڇڏي ڏي!“
”نه، آ هن کي ڪو نه ڇڏيندس.“ ننڍڙي ڇوڪري خوف کان دهلجي وئي هئي. ”نه نه.... تون هڪ پريءَ کي نه ماريندين. پوپٽ ۽ ڀنڀوريون مارڻ ئي وڏي خراب ڳالهه آهي، پر پريءَ کي مارڻ ته وڏو ظلم ۽ پاپ ٿيندو. آءُ هن کي آزاد ٿي ڪري ڇڏيان!“
شڪاريءَ هڪدم ڄاري ڇوڪريءَ جي هٿن مان ڦري ورتي ۽ ان جي اندر هٿ وجهي، ڀنڀوري پريءَ کي ٻاهر ڪڍيو، ۽ پوءِ هن زهريلي شيشيءَ جو ڍڪ کولي، پريءَ کي شيشيءَ اندر بند، زهريلي هوا ۾ ساهه کڻي گهوماٽيون کائي رهي هئي، ۽ ننڍڙي ڇوڪري روئڻ لڳي هئي. ڀلا روئڻ کان سواءِ هوءَ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي؟
ان ماڻهوءَ پنهنجي پوپٽن پڪڙڻ واري ڄاري سيڙهي ڪڇ ۾ ڪئي، ۽ ٿيلهو کڻي، ڇوڪريءَ کان موڪلائڻ کان سواءِ، پنهنجي منهن وڃڻ لڳو.
”مون کي هن جو پيڇو ڪرڻ گهرجي، الائجي هن ويچاريءَ غريب ننڍڙيءَ پريءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو!“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ سوچيو ۽ هن ائين ئي ڪيو. هوءَ وڻن ٽڻن مان لڪندي ڇپندي، انهيءَ ماڻهو پٺيان هلندي رهي.
ٿوري ئي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اهو ماڻهو هڪ وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ ليٽي پيو، ۽ جلد ئي کيس ننڊ کڻي وئي.
هاڻي مون کي فائدو وٺڻ کپي، ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ سوچيو، ۽ هوريان هوريان، بي آواز بانبڙا پائيندي، انهيءَ جاءِ تي پهتي، جتي اُن ماڻهوءَ زهريلي شيشي رکي هئي. هوءَ جلدي اُها شيشي کڻي اُتان کسڪي وئي، ۽ شيشيءَ جو ڍڪڻ کولي ڇڏيائين.
ويچاري غريب پريءَ شيشيءَ اندر موت جهڙي ننڊ ستل هئي، ۽ ننڍڙي ڇوڪري ڏاڍي ڊڄي رهي هئي.
”شايد هاڻي هيءَ ڪڏهن به سجاڳ نه ٿئي!“ هن دل ۾ سوچيو.
”مون کي گهرجي، ته مان هن کي اڪ جي پنن جي ڇانوَ هيٺ سمهاريان، ۽ کيس نم جي پنن سان وڃڻو هڻان.“ هن ائين ڪيو. پوءِ اوچتو هوءَ خوشيءَ وچان جهڪي پئي. هن ڏٺو ته ننڍڙي پري هوريان هوريان وڏا وڏا ساهه کڻي، اکيون پٽيون خوبصورت نيرن پرن ۾ چُــرپُــر پيدا ٿي ويس.
”آءُ پاڻ کي بيمار پئي محسوس ڪريان.“
”تنهنجي مٿان ماڪ ڦڙو آهي، اُهو پي ڇڏ.“ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ ڏاڍي شانائتي انداز سان چيو. ننڍڙي پري لئيءَ جي ڦونڌن ۾ موتيءَ وانگر جرڪندڙ ماڪ ڦڙو پي، پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي فرحت محسوس ڪئي، ۽ اڏامي اچي ننڍڙي ڇوڪري جي هٿ تي ويٺي.
”تون انهيءَ خوفناڪ ماڻهوءَ کان مون کي بچايو آهي. ها نه؟“ پريءَ چيو؛ ”تون ڏاڍي سٻاجهڙي ۽ پياري ڇوڪري آهين. آ تنهنجون ٽي خواهشون پوريون ڪنديس. جڏهن به تون ضرورت محسوس ڪندينءَ تنهنجون ٽيئي خواهشون پوريون ٿينديون، اهو منهنجو توسان وچن آهي.“
۽ پوءِ هوءَ پنهنجي خوبصورت پَرن سان اڏامندي، غائب ٿي ويئي.

ننڍڙي، ڇوڪريءَ ان ماڻهوءَ ۾ نهاريو، جيڪو اڃا تائين گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو. ڇوڪريءَ ڏٺو، ته ان ماڻهوءَ جي واسڪوٽ جي کيسي ۾ سوني گهڙي زنجيريءَ سان ٻڌل هئي. ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي ڀوڳ سُجهي آيو ۽ هن اها ٽڪ- ٽڪ ڪندڙ گهڙي انهيءَ ماڻهو جي کيسي مان ڪڍي، سندس زهريليءَ شيشي ۾ وجهي شيشي جو ڍڪڻ بند ڪري ڇڏيو. ڇوڪريءَ سوچيو، ان وقت هن کي ڪيڏي نه حيرت لڳندي، جڏهن هن کي خبر پوندي، ته سندس خوبصورت ڀنڀوري گم آهي! شيشيءَ ۾ پنهنجي گهڙي ڏسي ڪيئن نه وات ڦاٽي ويندس! ان ويل هن ڀنڀوريون ڦاسائيندڙ ظالم ماڻهوءَ جو منهن ڪهڙو نه ڀوائتو ٿي ويندو!“ اها ڳالهه سوچي ننڍڙي ڇوڪري، ٽهڪ ڏيندي خوش ٿيندي، پنهنجي گهر ڏانهن ڊوڙندي هلي وئي.

No comments:

Post a Comment