Sunday, June 26, 2016

ڊاڪٽر منظور قادر جي ڪهاڻين جو مجموعو فيس بڪ - بادل جمالي

ڊاڪٽر منظور قادر جي ڪهاڻين جو مجموعو فيس بڪ
بادل جمالي
ڊاڪٽر مظور قادر پيشي جي لحاظ کان ته ڊاڪٽر آهي، پر ادب، شاعري ۽ فنون لطيفه سان سندس دلچسپي، ننڍي هوندي کان رهي آهي.  هو جڏهن اڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ته سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيل منهنجي ڪهاڻين بابت، پنهنجي راءِ خط ذريعي مون کي موڪليندو هو. اڳتي هلي هو پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز تي به پهچي ويو. جتي آئون نوڪري ڪندو هئس. مون سان روبرو ملي، هن پنهنجي ادبي ذوق جو اظهار ڪيو هو. ان سان گڏ، هن ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش به ڏيکاري هئي. مهانڊي جو ملوڪ، قدر ڪاٺ ۾ ٺيڪ ٺاڪ، ٺاهوڪو نوجوان هو. ان ڪري سڀني پروڊيوسرن کيس ڊرامن ۾ بوڪ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو ڊاڪٽر سان گڏ، هڪ سٺو آرٽسٽ به ٿي ويو.
پنهنجي ڊاڪٽريءَ واري شعبي ۾ ڪجهه عرصو اڳ هن هڪ نئين شعبي” هيئر ٽرانسپلاٽيشن“ ۾ اسپيلائيزيشن ڪري ورتي. اهڙيءَ طرح اڄڪلهه هو قوم جي خوشحال ٺوڙهن جي ٽڪڻ تي ڪاميابي سان گهاٽا واري پوکي، سندن حسن ۾ چار چنڊ لڳائي رهيو آهي.


منظور قادر هڪ انتهائي سنجيدو، بربادر ۽ ڪم گو انسان آهي، بلڪه آئون ته چوندس ته هو ڪي قدر شرميلو به آهي. هو شاعر ۽ فنڪار هجڻ سان گڏ، هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به آهي، اها خبر مونکي تڏهن پئي، جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻين جو ڇپيل ڪتاب، ”فيس بُڪ“پوسٽ ذريعي موڪلي، خواهش ڪئي، ته ان بابت ٻه اکر لکان.
”فيس بُڪ“ پنهنجي آئوٽ لڪ کان ئي عام ادبي ڪتابن کان مختلف آهي. ان جي ٽائيٽل تي هڪ خوبصورت ماڊل ڇوڪري جي ٽرانسپيرنسي ڏنل آهي. اهو اسٽائيل شوبز جي مئگزينن جو ته هوندو آهي، پر خالص ڪهاڻي جي ڪتابن جو نه، بئڪ ڪور تي ليکڪ جو پورٽريٽ ڏنل آهي ۽ ان جي هيٺان، مهاڳ واري مضمون مان کنيل هڪ ننڍري پئراگراف ڏنل آهي.
190 صفحن، پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪور سان سينگاريل هن ڪتاب ۾ 25 ڪهاڻيون ڏنل آهن ۽ ان جي قيمت 200 روپيا رکي ويئي آهي. جيڪا بلڪل مناسب آهي. ڪتاب جو مهاڳ اسانجي دوست صحافي ۽ڪالم نگار محترم اعجاز منگيءَ لکيوآهي، جيڪو پنهنجي منفرد قسم جي ڪالمن جي ڪري وڏي شهرت رکي ٿو. مهاڳ پڙهندي لڳي ٿو ته منگي صاحب جو ادبي معيار، عام پڙهندڙ کان گهڻو مٿانهون آهي. ان ڪري هو سنڌي ادب جي مڙني وڏن ليکڪن کي پنهنجي قائم ڪيل ان معيار کان گهڻو هيٺ ٿو سمجهي، ڪنهن کي پسند ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارو عمل بيشڪ انفرادي هوندو آهي، انڪري ٻئي ڪنهن کي ان تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. پر جيئن ته ان مضمون ۾ ڳالهه اجتماعي طور سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڪئي ويئي آهي. ان ڪري ضرورت ناهي ته سمورا پڙهندڙ به ان راءِ سان سهمت هجن.
منهنجي خيال ۾ هر سٺو ليکڪ، پنهنجي ٻولي، ماحول، ثقافت، ۽ زميني حقيقتن جو امين هوندو آهي. جيڪو ماحول ۽ حالتون هن جي آس پاس هونديون، هو پنهنجا موضوع ۽ ڪردار انهن مان ئي چونڊيندو. انهن جي روزمره زندگيءَ جي عڪاسي ڪندو. اهو ڪم ته اسان جي ڪهاڻيڪارن به ڀرپور نموني، پوري ديانتداريءَ سان ڪيو آهي، ان کان وڌيڪ اسان کي ڇا گهرجي؟
انهن عظيم ليکڪن کي، سندن بي لوث خدمتن جو صلو ضرور ملڻ گهرجي. صلو به ڇا ٿو ڏيئي سگهجي سواءِ سکڻي ”واھ واھ“ جي. اڄ دنيا ۾ سنڌي ادب جو ڪٿي ڪو نالو آهي، ته اهو سائين جمال ابڙي، آغا سليم، اياز قادري، سراج الحق، امر جليل، علي بابا، نسيم کرل، ماهتاب محبوب، خير النساءِ جعفري، نور الهديٰ شاھ، ثميره زرين، ماڻڪ، مشتاق ۽ موجوده دور جي بي شمار ليکڪن جو به وڏو ڪم ڪيل آهي. انهن کي به ڪريڊٽ ضرور ملڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ سنڌي ليکڪ، هڙان وڙان خرچ ڪري، جيڪي ڪجهه سنڌ ڌرتيءَ جي جهول ۾ وجهن ٿا، ان جوقدر گهٽ ۾ گهٽ اسان سنڌين کي ته ضرور ڪرڻ گهرجي.
منظور جون ڪهاڻيون، نسبتن مختصر دورانيه جون هونديون آهن، جيڪي گهڻو ڪري چئن کان اٺن صفحن ۾ سمايل هونديون آهن. مختصر هوندي به، اهي پڙهندڙ تي ڀرپور تاثر ڇڏين ٿيون. هن جي ڪهاڻين ۾ عورت، عشق پيار ۽ محبت کي وڌيڪ اهمت ڏنل هوندي آهي، جنهنجو هو پاڻ به اعتراف ڪري ٿو.  ڪٿي ڪٿي ته پيار  جي اظهار ۽ شدت کي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته شايد هن اهي ڪهاڻيون ”ٽينيج“ ۾ يا وري ”ارلي ٽوئنٽيز“ ۾ لکيون هجن. ڇاڪاڻ ته عشق محبت واري گرمجوشي وڌندڙعمر سان گڏ، جهڪي ٿيندي ويندي آهي پر هن جي ڪهاڻين ۾ گهٽ نٿي ٿئي. حالانڪه ڪٿي هو پنهنجي پنجن ٻارن جو ذڪر به ڪري ويندو آهي.

هن جي ڪهاڻين جو تاڃي پيٽو، اسان جي عام ليکڪن جي ماحول ۽ موضوعن کان ٿورو مختلف آهي. جن ۾ هاءِ سوسائٽي، برگر فئملي، ايئرپورٽ، فلائيٽ، شاپنگ سينٽر، ڪلب وغيره جو ذڪر وڌيڪ هوندو آهي، هن جي لکڻ جو انداز پڪو ۽ پختو آهي. ڪهاڻي جو موضوع ڪهڙو به هجي، پر انجي پيشڪش ايڏي ته دلچسپ هوندي آهي، جو پڙهندڙ هرگز نه چاهيندو ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي. هو لکي ٿو ته هن کي خبر ئي ڪانهي ته ڪهاڻي ڪيئن لکبي آهي. هن پنهنجا خيال ۽ تجربا لکيا آهن دوستن کڻي انهن کي ڪهاڻيءَ جو نالو ڏنو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو هن جي ڪهاڻين ۾ ٿورو گهڻو فرق رهجي ويو آهي. ادب ۽ آرٽ ۾ هڪڙو ٽرم يوز ٿيندو آهي ”ڊوز اينڊ ڊونٽس“ يعني ”ڇا چئجي، ڇا نه چئجي!“ بهتر ٿيئي ها ته هو اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پيش ڪري ها، جتي اديب ۽ نقاد انهن تي پنهنجا ويچار ونڊين ها. انهن جي روشنيءَ ۾ ڪهاڻين تي وري نظر وجهي ها ته نتيجو اڃا بهتر ٿي پوي ها هن جي ڪجهه ڪهاڻين، خاص ڪري ”گار“ ۽ ”فلائينگ ڪنڊوم“ کي ان فارمولي تحت ضرور ڏسڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment