Wednesday, June 29, 2016

هيري جو قدر - چنديرام جيرامداس

هيري جو قدر
چنديرام جيرامداس ڪلوئي
ڪنهن زماني ۾ مٽي ڍوئيندڙ هڪ غريب ماڻهوءَ وٽ چاليهه پنجاهه گڏهه هوندا هئا. انهن تي هو مٽي ڍوئي پنهنجو گذر سفر ڪندو هو.
هڪ ڏينهن هو جيئن ئي ڪم تي وڃي رهيو هو، ته هن مٽيءَ ۾ هڪ پٿر چمڪندي ڏٺو. هن اهو کڻي پنهنجي وڏي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو.


ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو گڏهه وٺي نديءَ تي آيو، ته هڪ ٻيڙيءَ واري اهو پٿر ڏسي ورتو. هن کي اهو چمڪندڙ پٿر وڻي ويو. ان ڪري شوق ٿيس ۽ گڏهن واري کي چيائين؛ ته اهو پٿر مون کي ڏئين، ته تنهنجا سڀ گڏهه مفت ۾ درياء جي هن پار وٺي هلندس.
گڏهن وارو ويچارو غريب هو. ان اهو سودو سستو سمجهيو ۽ پٿر ٻيڙيءَ واري کي ڏيئي ڇڏيو. جنهن اهو پٿر پنهنجي ٻيڙيءَ جي سڙهه ۾ ٻڌي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن  هڪ مسافر درياءَ جي ٻئي طرف وڃڻ لاءِ انهيءَ ساڳيءَ ٻيڙي ۾ اچي سوار ٿيو، جنهن ۾ اهو پٿر رسي ۾ ٻڌل هو. هن سڃاتو ته اهو هيرو آهي. اهو ماڻهو شهر جو وڏو جواهري هو. هن ٻيڙيءَ واري کي ڏهه رپيا ڏئي اهو پٿر خريد ڪيو. جڏهن دڪان تي موٽي آيو، ته هيري کي سينگاري هڪ سهڻيءَ پيٽيءَ ۾ بند ڪري رکيائين.
ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ان ملڪ جي بادشاهه کي پنهنجي دوست کي تحفو ڏيڻ لاءِ هڪڙي هيري جي ضرورت ٿي. هن وڏي وزير کي گهرائي حڪم ڏنو. وزير سڌو ان جواهريءَ جي دڪان تي پهتو. جواهريءَ اول ته انڪار ڪيو پر پوءِ کيس چيو ته :”مون وٽ تحفي جهڙو هڪ ئي هيرو آهي، پر مون کي بادشاهه ان جو ملهه نه ڏيندو“.
وزير چيس: ”تون فڪر نه ڪر تو کي مرضيءَ مطابق رقم ملندي“.
جواهريءَ پنجاهه هزار رپيا طلب ڪيا.
وزير قبول ڪري چيو: ”هيرو کڻي هل.“
جواهري هيري واري پيٽي کڻي بادشاهه وٽ پهتو. پر جڏهن کوليائين، ته هيرو ان ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو هو.
جواهريءَ ڏاڍي ڏک سان چيو: ”ڪنهن ٿي سمجهيو، ته اصل هيرو به ائين ڀڄي پوندو.“

اتي هيرو خود ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين :”اي لالچي جواهري! تون ڪو به ڏک نه ڪر! اها ڪا عجب جي ڳالهه نه آهي! پهرين آءُ مٽيءَ ڍوئڻ واري وٽ هئس، جنهن مون کي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌو. ان کان پوءِ ٻيڙيءَ واري مون کي سڙهه واري رسي ۾ ٻڌو. اهي ٻئي پارکو ڪو نه هئا. پر تون ته جواهري هئين. تو کي ته منهنجي قيمت جي خبر هئي. پر تو مون کي ڏهن روپين ۾ خريد ڪيو ۽ هاڻ تون اصل قيمت وصول ڪري رهيو آهين.، منهنجي دل اهو برداشت نه ڪري سگهي، هاڻي منهنجي ڪا به قيمت نه آهي.“

No comments:

Post a Comment