Tuesday, June 21, 2016

فيصلن جي ڀڃڪڙي - نثار مصطفيٰ کوسو

فيصلن جي ڀڃڪڙي!
نثار مصطفيٰ کوسو
سڄي اوڙي پاڙي ۾ هُل مچي ويو ته سنڌ جي برک استاد سائين رب ڏنو رازي کي سرڪار سڳوريءَ سٺ سالن جي عمر هئڻ ڪري رٽائر ڪري ڇڏيو آهي. سائين جن جي خدمتن کي وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پاڻ پيشي ۾ استاد هئا، سندن پڙهايل ٻار اڄ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ سائين انسان دوست ماڻهو آهي. سائين جن کي وڏو داناءُ ليکيو وڃي ٿو، پر ڇا ڪجي گورنمينٽ جو اهو مؤقف آهي ته 60 سالن جي عمر ۾ ماڻهوءَ کي اها سگهه ۽ شعور نه رهندو، ڇو ته ماڻهو پيريءَ جي اسٽيج تي پهچي وڃي ٿو. بس معمول وانگي شام جي وقت سڄي ڳوٺ جا نوجوان سائين رب ڏنو وٽ ملڻ لاءِ اچن ٿا. سائين جن جي چهري تي اها ئي مسڪراهٽ، هر ڪنهن سان اها ئي نيازمندي، وريام وردي سميت ڊيوٽيءَ تان ورڻ مهل (وريام به سائين جن جو شاگرد آهي، پر پوليس جي نوڪري ڪرڻ جي شوق مان وڃي پوليس جي نوڪري ورتس) سائين رب ڏنو وٽ آيو، سائين رب ڏني پري کان وريام کي ايندو ڏسي کلي ڏنو. ڇو ته وريام جون خبرون ئي پنهنجون هونديون آهن.


”ابا وريام ڪهڙا حال اٿئي، ڪيئن پئي هلي تو واري نوڪري؟“ سائين جن مسڪرائيندي پڇيس.
وريام مڇن کي تاءُ ڏيندي چيو؛ ”سائين وڏا مزا لڳا پيا آهن، ڏوهارين جا اگهه به اصل چوٽ چڙهي ويا آهن، جڏهن کان حيدرآباد ضلعي ۾ عرفان بلوچ آيو آهي، جنهن ماڻهوءَ کي 10 هزار ۾ ڇڏي ڏيندا هئاسين، ان جي سرڪاري فيس چاليهه، پنجاهه هزار روپيه ايس ايڇ او صاحب مقرر ڪري ڇڏي آهي، ماڻهو به ڏيو وڃن، هاف فِرائي ۽ فل فرائي ٿيڻ جي ڊپ کان.“
سائين رب ڏني ٿڌو ساهه کڻندي چيو؛ ”هائو يار وريام ڪٿي ننڍا آفيسر راشي ته ڪٿي وري بالا آفيسر وات ڦاڙيو ويٺا آهن. بلوچ صاحب ته ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي.“
وريام مڇن کي هٿ ڦيري چيو؛ ”سائين عرفان بلوچ وڏو دلير آفيسر آهي، اصل ٽانڊا ڏئي ڇڏيا اٿس ٽانڊا، پوليس محڪمي جو وڏو نالو ڪڍرايو اٿس. اڳي ويچاري پوليس واري کي ڪو اهميت ئي نه ڏيندو هو، پر هاڻي شهرن ۾ ڊيوٽي ڪندي دڪاندار ڪرسي ڪڍي ويهڻ لاءِ ڏيندا آهن.“
سائين رب ڏني جي ڪامريڊ سجاد تي نظر پئي ته سائين ڪامريڊ سجاد کان پُڇيو؛ ”ابا ڏي خبر تو وارو جهان ڪيئن پيو هلي؟“
ڪامريڊ سجاد زبان سان گهٽ ۽ هٿ جي اشارن سان وڌيڪ ڳالهائيندو آهي. ”سائين جهان مڙوئي ڀلو پيو هلي. الله حياتي ڏي زرداري صاحب کي جنهن غريبن کي گهٽ پر اميرن کي بينظير ۽ وطن ڪارڊ ڏئي اسان جهڙن واندن جو ڀلو ڪيو آهي. اڻ پڙهيل غريب ته لائينن ۾ بيهي بئنڪ جي پٽيوالن ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي ٻه ٽي سؤ ڏئي سڄو ڏينهن دربدر ٿي اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي اچن، پر اميرن کي لائينن ۾ بيهڻ جي ڪهڙي ضرورت، سو اسان مڙيو ئي ٻه ٽي سؤ وٺي گهر ويٺي پئسا آڻي ڏيون، هو به خوش ته اسان به خوش!“
سائين رب ڏنو جي چهري جو رنگ زرد ٿي ويو، چيائين؛ ”ابا سجاد ڇا بينظير ڪارڊ جي ورهاست واقعي ائين ٿي آهي ڇا؟“
”هائو سائين ٻيو ڀلا سروي ڪرڻ وارا ڪهڙا مقامي ماڻهو هئا، جن کي خبر هجي ته امير ڪير، غريب ڪير. هو ٻاهر جا، مڙيوئي فارملٽي پوري ڪري پنهنجو ٽي اي ڊي اي ٺاهي ويا هليا، اڳيان عوام ڄاڻي ته عوام جو ڪم.“
سائين رب ڏنو ڪامريڊ سجاد جي ڳالهين ۾ صداقت ڏسي وائڙو ٿي ويو. وارو مليو جانو جذباتيءَ کي، جيڪو ڳالهه کي سمجهندو دير سان ۽ ڳالهائڻ مهل سوچيندو ئي ناهي ته سامهون ڪير ويٺل آهي. ان ڪري سڀڪو هن کي جانو جذباتي سڏي، نالو جان محمد اٿس. سائين رب ڏني پڇيس؛ ”ٻيو ابا ڏي خبر؟“
”سائين منهنجون خبرون ته توهان کي خبر آهي ته هونديون آهن 11 وڳي واريون.“ جانوءَ جي انهيءَ ڳالهه تي ٽهڪڙا مچي ويا.
سائين رب ڏني چيو؛ ”نه ابا تون ڳالهه ڪندو آهين صفا تڪي توري.“
جانو چيو؛ ”سائين ڇا ڀلا توهان کي رٽائر ڪري ڇڏيائون ڇا؟“ جانو ڪنهن جي واتان ٻڌل ڳالهه ڪئي.
سائين رب ڏني ٿڌو ساهه کڻندي چيو؛ ”هائو يار! عمر وئي هئي پوري ٿي.“
جانو وري جذباتي ٿي ويو چيائين؛ ”سائين عمر وري ڪهڙي پوري ٿي وئي اٿوَ، انصاف ۽ قانون ته سڀني لاءِ برابر هجڻ کپي، هي حڪومت وارا به ڪي چريا آهن، پاڻ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهن، تڏهن به سيٽون ڪو نه ٿا ڇڏين، اسان جي وزيراعظم جي عمر گهٽ هوندي، صدر صاحب ڪو ڪالهوڪو ٻار ته ڪو نه آهي، گورنر جيڪو پندرهن ويهه سالن کان چنبڙيو پيو آهي ڪرسي کي، پاڻ واري وڏي وزير جي عمر گهٽ آهي، عقل ته انهن جو به ڪم نه ڪندو آهي، نه ڪو دهشتگردي تي ڪنٽرول، نه بجلي جو بحران ختم ڪري ٿا سگهن ۽ نه ئي پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار ڏنو ٿو وڃي. هٽائڻ ته انهن کي کپي، جيڪي وڏن وڏن عهدن تي ڦڻ ڪڍيو ويٺا آهن ۽ ملڪ جو ٿا ٻيڙو ٻوڙين!“
سائين رب ڏني جانو کي چيو؛ ”ابا چپ ڪر، چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪَنَ هوندا آهن، متان ڪا ڳالهه نڪري وڃي ڀوتارن جي ڪنن تائين پهچي.“
سائين آسمان ڏانهن نهارڻ لڳو ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس، ڇو ته سائين سمجهي ٿو ته جانو ڳالهه ڪندو آهي کري ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي.

No comments:

Post a Comment