Sunday, May 8, 2016

دشمن مريي، خوشي نه ڪريي.- منظور ڪوھيار

دشمن مريي، خوشي نه ڪريي.
منظور ڪوھيار
زاهد ڄامڙي جي ٽائيم لائين تي فوٽن سان گڏ خبر لڳل هئي؛ ”گمس، گمبٽ جي دل واري شعبي ۾ هڪ ئي وقت ٻه مريض فوت. سڄي اسپتال ۾ هڪ ايمبولنس موجود. ايمبولنس نه ملڻ ڪري مريضن جي وارثن ۾ ڏند چڪ فائرنگ. آءِ سي يو جا در ۽ شيشا ٽٽي پيا.“


ان ڏکوئيندڙ خبرکي هن وقت تائين ۳۰ ڄڻن لائيڪ ڪيو آهي. ڏهن ڄڻن پنهنجا ڪمينٽس ڏنا آهن. مان ان خبر ۾ ان خوشخبري کي ڳولڻ لڳم، ته اها ڪهڙي شيءِ آھي، جيڪا دوستن کي پسند آئي آھي، جنھن تي اھي ڪمينٽس ڏنا اٿائون. آيا ماڻهن جو مرڻ، ڏند چڪ، فائرنگ يا اسپتال جو نقصان؟... جي اهي چار ئي دکدائڪ ۽ افسوس ڪرڻ جھڙيون ڳالهيون ته روئيندڙ منهن وارو ڪارٽون به ته لڳائي سگھجي پيو يا وري جيئن ٻين دوستن رايا يا ڪمينٽس ڏنا آهن، ڏئي سگھجن پيا. گھڻا اهو به چئي سگھن ٿا ته سائين زاهد ڄامڙي جي ان ڏهڪاءَ ڦهلائيندڙ خبر کي لائيڪ ڪيو ويو آهي. اهو دليل به سٺو، پر نثار کوکر جي ٽائيم لائين تي لڳل هن خبر جي باري ۾ ڇا خيال آهي:
پليز، هن پوسٽ کي لائڪ نه ڪندا.
Sad moment
My young brother in law Aamir Ali passed away due to cardiac arrest. He was loving, caring and energetic man.
منع ڪرڻ جي باوجود به ماشاءَالله، ۴۰۴ ماڻهن کيس لائڪ ڪيو. صرف ۱۶۲ ماڻهن روئيندڙ، منهن وارو نشان لڳايو آهي، جن ٿورن کي سمجھ هئي، تن فضيلت سان تعزيت ڪندي پنهنجا ڪمينٽس لکيا.
اُستاد خالد، فيس بوڪ جي حوالي سان به هڪ متحرڪ دوست آهي. سياسي سماجي نقطه نظر پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪنهن سياسي اڳواڻ، ڪارڪن، اديب، دانشور يا ساڃاھ-وند جي مرتيي جي خبر به هلائي ڇڏيندو آهي، ته جيئن فيس بوڪ استعمال ڪندڙ ساٿي سنگتي، مٽ مائٽ يا همدرد کي خبر پوي. جيستائين تڏي تي پهچي پهچي تيستائين فيس بوڪ تي ئي پنهنجي غم جو اظهار يا تعزيت ڪري ڇڏي. پر مون ڏٺو ته اهڙن خبرن ۾ همدردي جو اظهار يا تعزيت ڪرڻ کان وڌيڪ لائيڪ ڪرڻ وارن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. ڄڻ چوندا هجن؛ ”مري ويو مردود؛ نه ختمو، نه درود.“
گھڻا مثال آهن، پر آخري مثال، محترمه پروفيسر قمر واحد صاحبه جي ٽائيم لائين جي حوالي سان پيش ڪجي ٿو. جنهن پنهنجي مرحيات دوست سان نڪتل تصوير سان گڏ هيٺين ريت لکيو، ته:
Bad news from USA, my friend SARA, the smiling lady with golden hair passed away three months back of brain tumor.
ان پوسٽ کي ۱۷ ڄڻن لائيڪ ڪيو، ٽن ڄڻن ڏک جي اظهار وارو نشان ڏنو. ڪجھ ماڻهن ڪمينٽس ڪندي تعزيت ڪئي ۽ هڪ هونهار لکيو؛ ”زبردست“.
مونکي اهو واقعو ياد اچي ويو، جڏهن محترمه جي اقتدار وارو پهريون زمانو هيو. محترمه کي احساس ٿيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪي پارٽي جا پراڻا ماڻهو آهن، تن جي ڪنهن رشتيدار يا عزيز جي مرڻ تي تعزيت ضرور ٿيڻ گھرجي. جنهن تي پاڻ وڃي پئي سگھي، ته محترمه وئي پئي، نه ته پنهنجن ويجھن ماڻهن کي اوڏانهن موڪلي تعزيت پئي ڪرائي. سو پنهنجي سؤٽ مشير ۽ ڀٽا ڪُوم (قوم نه) جي سردار کي به اهو ڪم سونپيائين. سو لاهوري محلي ۾ هڪ پراڻي ڪارڪن جي مرڻ تي، سندس پٽ سان تعزيت ڪرڻ آيو. اسان به تڏي تي ويٺا هياسين. اچڻ سان پڇيائين؛ ”ڪيئن مري ويو؟“
کيس ٻڌايو ويو، ته؛ ”دل جو دؤرو پيس.“
هڪدم چيائين؛ ”زبردست!“
ساڻس هڪ پراڻو نوڪر به ساڻ هيو. تنهن هڪدم ڳالھ کي کڻندي چيو؛ ”سائين دعا گھرو!“
دعا کانپوءِ سردار صاحب، نوڪرن چاڪرن سميت اُٿي ويو. پٺيان تڏي تي ويٺلن غصي ۾ وراڻيو؛ ”اسان جي بابي، ان جي ڪهڙي ڳنر تي لت ڏني هئي، جو ان کي ايڏي خوشي ٿي.“
سو اصل چوڻ جو مقصد اهو آهي، ته تعزيت ڪرڻ جا به ڪي قدر ۽ ڪي معيار مقرر ٿيل آهن. ان ڪري سنڌ جي پنج هزار پراڻي تهذيب جو وارثؤ فيس بوڪ ضرور استعمال ڪيو، پر سوچي سمجھي ڪيو. تعزيت ڪرڻ جا به ڪي معيار ٺاهيو. حالانڪ سچن صوفين ته اهڙا آفاقي معيار ٺاهيا آهن، جو هر دؤر ۾ قابلِ عمل آهن. ميان محمد بخش ڇا ته معيار مقرر ڪيو آهي:
دشمن مريي تي خوشي نه ڪريي،
اڪ دن سجڻ ڀي مرجاڻا.

دشمن جي مرڻ تي به خوشي نه ڪبي آ، اسان تي سڄڻن جي مرڻ تي به آڱوٺو اُڀو ڪيون بيٺا آهيون!

No comments:

Post a Comment