Sunday, May 8, 2016

مان زندهه رهندس - مٺل جسڪاڻي

مان زندهه رهندس
نور گهلو جي ڪهاڻين جو مجموعو
مٺل جسڪاڻي
”مان زندهه رهندس“، ”نور گهلو“ جي ڪهاڻين جو مجموعو، ”امرتا“ پبليڪيشن جو ”ٽيهون ڪتاب“ ڇپيو، منهنجي هٿن تائين پهتو، آئون پڙهندڙ آهيان، ان ڪري اِهو ڪتاب مون پڙهيو، پڙهي مون ڪنهن تي به ٿورو نه ڪيو، پڙهڻ ته منهنجي ضرورت آهي، منهنجي عادت آهي. منهنجي ضرورت ۽ عادت سان ٻين کي ڪهڙي دلچسپي؟ آئون سوچيان پيو ته ”مان زندهه رهندس“ تي آئون پنهنجي راءِ ڇو لکان؟ جيڪڏهن لکان، ته اُها ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ڇو ڇپرايان؟ آخر هن ڪتاب ۾ اهڙو ڇا آهي؟ هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جو ڪهاڻيڪار ڪير آهي؟ ڇا آهي؟ هُن ڇو ڪهاڻيو لکيون؟ اُهي ڇو ڇپيون؟ ڪنهن پڙهيون؟ ڪنهن نه پڙهيون؟ ڪنهن ڇو نه پڙهيون؟...


دراصل، پاڻ جنهن ماحول ۾ رهون پيا، ان ماحول جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ”حيثيت“ مڃاڻڻ ۽ جتائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ۽ اڪثر ماڻهو، اهو ڪجهه ڪندا رهندا آهن، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ”ماڻهو“ کي نه سونهي! آئون اهڙي ماحول ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جنهن ۾ هڪڙا پاڻ مڃرائڻ ۽ پاڻ جتائڻ ۾ رڌل آهن، ته ٻيا وري ان ماحول ۾ ”زندهه“ رهڻ جا خواهشمند آهن! ڪمال آهي!؟
مون لکيو ويٺي، ڪو اڻ سڏيو اچي ويو، هو پنهنجو ڳهو چاڙهي، روانو ٿي ويو.... منهنجو تسلسل ٽٽي ويو، رابطه نه رهيو، جيڪو جيئن ذهن ۾ هو، اهو ڇڙوڇڙ ٿي ويو...
”نور گهلو“، مون پهريون دفعو ڪٿي، ڇا ۾ پڙهيو هو، ياد نه آهي، پر اهو ياد آهي، ته ڪيترا ئي سال، اها خبر نه پئي ته ”نور گھلو“ جي جنس ڪهڙي هوندي؟ ٻئ اڪثريت سميت مون به کيس ”مرد“ نه سمجھيو هو، پر اها به چٽائي ضروري آهي، ته ”نور گھلو“ کي جنس جي نسبت سان ڳولڻ، ڏسڻ، ملڻ جي، ڪڏهن به خواهش نه رهي ۽ جڏهن خبر پئي، ته جن کيس ڏٺو، اهي کيس ”مرد“ چون ۽ مڃين ٿا، تڏهن کان اڄ تائين، ٻئي ڪنهن به خاص مقصد نه، پر ساڻس آمهون سامهون ويهي، حال احوال ڪرڻ جي خواهش بهرحال آهي ۽ رهندي.
هاڻي جنهن شخص سان ڪا ملاقات ئي نه آهي، ان لاءِ ڇا لکجي؟ ليکڪ لکن ٿا ”فلاڻو وڏو ڪهاڻيڪار“ يا وري لکندا آهن ”فلاڻو، فلاڻو ۽ فلاڻو وڏو ڪهاڻيڪار“.... ليکڪ لکن ٿا ”ڪهاڻي نه پئي لکجي“. بهرحال، لکڻ جو مقصد اهو ته ڪهاڻيڪارن جي ڳڻپ ۾، مون ڪٿي به ”نور گھلو“ جو نالو نه پڙهيو آهي! جڏهن ته سندس ڪهاڻين جو هي ٻيو مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ 29 ڪهاڻيون شامل آهن. نورگھلو جا ٽي وي تي مشهور ۽ مقبول ڊراما، ريڊيو ۽ ٽي وي تي مختلف پروگرام، انهن ۾ به ڪهاڻيون، پر ناميارن ڪهاڻيڪارن ۾، ڳڻپ ۾ آيل ڪهاڻيڪارن ۾، نور گھلو ڳولئي نٿو لڀي!؟
”نور گهلو“ ته ان عرصي کان لکندو ۽ ڇپجندو رهيو آهي، جڏهن ليکڪ جو معيار پرکڻ لاءِ ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپجڻ يا ڪنهن ٻئي اهڙي معياري رسالي ۾ ڇپجڻ ضروري سمجهيو ويندو هو ۽ ”نور گهلو“ ان دور جي انهن رسالن ۾ به شايع ٿيندو هو.
”مان زنده رهندس“ ۾ فقير محمد ڍول، اطهر منگي، سعد اعظم گھلو، نور گھلو، محمود مغل، ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ شرجيل جي قلم مان اڪريل اکر پڙهڻ کانپوءِ، مون کي خبر پئي، ته نورگهلو هڪ عام رواجي غريباڻي گهر جو، پيشي جي لحاظ کان اسڪول ۾ استاد، پنهنجي ڌُن ۾ مَگن رهندڙ، پڙهندڙ ۽ لکندڙ آهي. انهن تحريرن مان اهو به اندازو ٿيو، ته نور گهلو نه ڪنهن کي گهرائي دعوتون کارائي، نه ڪنهن وٽ ڪجھ کڻي وڃي کارائي، نه پاڻ ڪو ادبي ڪاڄ ڪرايائين، نه ئي وري ڪڏهن ڪاڄن ۾ دلچسپي ورتائين. هن ته ڪنهن شخصيت، ڪنهن ليکڪ، ليکڪ جي ڪنهن لکڻي، ليکڪ جي ڪنهن ڪتاب تي به، شايد ڪڏهن ڪجھ به نه لکيو آهي. نور گهلو تمام گهڻن رسالن ۽ اخبار جي ادبي صفحن ۾، مون پاڻ پئي پڙهيو آهي، پر مونکي لڳي ٿو، هي لکي ٿو، ڏياري موڪلي ٿو، پوءِ ڇپجي ٿو ته واه، جي نه ٿو ڇپجي، ته ڪنهن جي پٺيان ڪونه ٿو لڳي... اهڙو آهي نور گهلو... شايد ان ڪري ئي، هي ڳڻپ ۾ نه ايندڙ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهي لسٽ ۾ ته شامل آهي، پر انهن ۾ ڪونهي، جن لاءِ لکيو ويندو آهي، ته انهن ڪهاڻي ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا آهن!؟
نور گهلو جي هن مجموعي ۾ شامل 29 ڪهاڻيون ڪير پڙهي، انهن ڪهاڻين جي گهاڙيٽي تي ڪير اک ڦيري، ڪير چوي ته نور گهلو به ڪهاڻي لکي، ڪهاڻي کي زندهه رکندڙن ۾ شامل آهي. نور گهلو به ڪهاڻين ۾ تجربا ڪيا آهن.
منهنجي دل ٿي گهري ته نور گهلو جي ڪهاڻي ”اليڪشن سليڪشن“ جو حوالو ڏيان. ص 156 ۽ 157 تي، هي مختصر ڪهاڻي پڙهو ۽ ٻڌايو ته ڇا اها ڪهاڻي نه آهي؟ جيڪڏهن آهي، ته ڇا ان گهاڙيٽي ۾ ڪنهن ٻئي لکيو آهي؟ اهڙي طرح نور گهلو جون ٻيون به اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي صرف نور گهلو ئي لکي سگهيو آهي ۽ انهن مان ڪجھ ڪهاڻيون اهريون به آهن، جن کي پڙهي، هاڻي ٻيا به ساڳئي گهاڙيٽي ۾ ڪهاڻيون لکي رهيا آهن.
”مان زنده رهندس“ ۾ 29 ڪهاڻيون، مختلف موضوعن، مختلف مسئلن ۽ مونجهارن، مختلف حقيقي حادثن ۽ واقعن تي مشتمل آهن. ڪنهن ڪهاڻي ۾ منظر نگاري شاندار، ته ڪنهن ۾ مڪالما لاجواب، ڪنهن ڪهاڻي جي ٻولي نج، ته ڪنهن ڪهاڻي ۾ ٻولي کي وڌائڻ ويجھائڻ جي ڪوشش، يعني ڌارين، ٻين ٻولين جي لفظن جي ڀرمار نه، پر متعارف ٿي ويل لفظن جو بهتر استعمال ٿيل آهي. ڪا ڪهاڻي پڙهندي محسوس ٿو ٿئي، ته هي ڪو اسٽيج ڊرامو آهي، يا ڊائلاگ ڪهاڻي آهي، ته ڪا ڪهاڻي پڙهندي، ڪو تاثر محسوس ٿو ٿئي.
نور گهلو جي ڪهاڻين ۾ ڏک ۽ سور به آهن، ته غمن سان گڏ خوشيون به آهن. سندس ڪهاڻين ۾صرف مسئلا، مشڪلاتون، مطالبا نه آهن، پر انهن جو حل به موجود آهي. نور گهلو جي ڪهاڻين ۾ نفاست، سنجيدگي، طنز ۽ مزاح به آهي، ته  نور گهلو جي ڪهاڻين ۾ ٻيو به گهڻو ڪجھ آهي. ان هوندي به، ممڪن آهي، بلڪه پڪ آهي، ته انهن ماڻهن، انهن پڙهندڙن، انهن ليکڪن لاءِ نور گهلو جي ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪجھ ناهي، گهڻيون ئي اوڻايون پوڻايون آهن، جنهن جي بنياد تي نور گهلو کي سُٺن ڪهاڻيڪارن جي تمام ننڍڙي لسٽ ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي!...

منهنجي خيال ۾، نور گهلو ۽ ان جا گھڻ گھرا به، منهنجي خيال سان سهمت ٿيندا، ته نور گهلو کي مخصوص ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي، ڇو ته هن جون ڪهاڻيون مخصوص ماڻهن لاءِ نه آهن، هن جون ڪهاڻيون مخصوص ماڻهن جون نه آهن... عام سماجي ماحول ۽ انهن ماڻهن جون ڪهاڻيون آهن ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آس آهي ”مان زنده رهندس“، اها آس اوس پوري ٿيندي ۽ ڪهاڻيڪار نور گهلو زنده آهي، زنده رهندو.

No comments:

Post a Comment