Friday, May 27, 2016

منزلِ عشق - منظور ڪوھيار

منزلِ عشق
منظور ڪوھيار

ٽئي ڄڻا؛ ملان، مستانو ۽ ملھ، دوڪان کان پرڀرو ڇاپري جي هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ اچي ويٺا. هر ڪو پنهنجي خيال ۾ مگن هيو. اوچتو ملان، مستاني کي ڏسي چيو، ته؛ ”مستانه، ائين ٿو لڳي ڄڻ کنڊ جو جھاز ٻڏي ويو ٿي، خير ته آهي ڪهڙين سوچن ۾ گم آهين؟“
”سائيڪل واري همراه تي حيرانگي آ، ته هڪ انسان، بي جان سائيڪل سان عشق ٿو ڪري. وري وڌيڪ اهو ته ان کي ڪنهن قيمت تي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. عشق ڪا اهڙي عجيب شيءِ آهي، جو نفعي نقصان کي به نه ٿو ڏسي!“
”عشق چئبو ئي ان کي آ، عشق جي لغوي معنى آهي، ’چنبڙي پوڻ‘. شايد تو پارسي جو اهو شعر ناهي ٻڌو، جنهن جو مطلب آهي ته:
عام ترار سان ته هڪ ماڻهو ٻه اڌ ٿي وڃي ٿو، پر عشق اها ترار آهي، جنهن سان ٻه ڄڻا هڪ ٿي وڃن ٿا.“


”پوءِ مان انهن سان هڪ ڇو نه ٿي سگھيس، جن سان منهنجو عشق هيو؟“ مستاني، ملان کان پڇيو.
”ان ڪري جو تو کي عشق جي خبر ئي ڪونهي، ته عشق بلا ڪهڙي آ. تون ته پنهنجي خرابات ۾ گم؛ جيئن چئبو آهي، ته ’چريءَ کي چوڙو؛ ڪڏهن ڄنگھ ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾‘. تو رڳو نالو ٻڌو آ عشق جو. ’عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي.‘ تو چريي کي عشق جي ڪهڙي خبر!“
”تون صحيح ٿو چوين، مون کي ته عشق جي پوري خبر نه هئي. شايد ان ڪري نه ڪنهن جو ٿي سگھيس، نه ڪنهن کي پنهنجو ڪري سگھيس. پر تو کي ته سڄي خبر هئي، پوءِ تون جنهن سان عشق ڪيو، اهو تنهنجو ٿيو يا نه؟“
مستاني جي ان سوال، ملان کي منجھائي وڌو. ملان ڪياڙي کنهندي چوڻ لڳو؛ ”اڃا تائين ته مان نه ڪنهن جو ٿي سگھيو آهيان، نه ڪو منهنجو ٿي سگھيو آهي. باقي عشق ته الله سان آهي، سڄو ڏينهن مسجد ۾ پيا آهيون.“
”اهو ته هر ملان چوندو آ. اڄ سچي ٻڌاءِ، واقعي تو ڪنهن سان عشق ڪيو آهي؟“
”ها، ڇو نه؟.. پنهنجي پياري نبي محبوب مٺڙي محمد سان!“
”پوءِ محبوب تنهنجو ٿيو يا تون ان جو ٿئين؟ “
”اُميد ضرور آهي. دعا ڪر، من منهنجي واعظ جي صدقي ٿي وڃي، جيڪي مان مٺڙي، کٽڙي ۽ ٽوھ جھڙي اُمت آڏو هر جمعي تي ڪندو آهيان.“
”ان جو مطلب ته تنهنجي واعظ ۾ اثر ڪونهي.“
”زمانو ئي اهڙو آهي، جو ماڻهو ملان نصرالدين جي گڏھ جي هينگ تي ته اعتبار ڪن ٿا، پر اڇي ڏاڙهي واري ملان جي ڳالھ تي اعتبار نه ٿا ڪن.“
”ڀلا ڪو خواب ۾ محبوب جو دم ديدار يا درشن نصيب ٿيو ٿي؟“ مستاني سوال ڪيس.
”ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪندس. سچي ڳالھ اها ٿي، ته مستانه، اهو دم ديدار شايد ’مولانا جامي‘ جي نصيب ۾ هيو، جنهن اهڙي نعت لکي جو حضور صلعم جن هر جمعي تي کين خواب ۾ ديدار پئي ڪرايو. پر هو شاعر هيو ۽ مان صرف خطيب.“
”خدا جي ڏني مان ٿي وڃي.“
”جي اجازت هجي، ته مولانا جامي جي سهڻي نعت جا بند ڪجھ عرض ڪجن“، ملان نڙيءَ کي صاف ڪندي چيو.
”ارشاد!“ مستاني وراڻيو.
”تنم فرسوده جان پاره
ز هجران يا رسول الله
دِلم پز مرده آواره
ز عصيان يا رسوالله
(توهان جي هجر ۾ ذره ذره ٿي چڪو آهيان، اي الله جا رسول.
گناهن جي بار کان دل مرده ٿيڻ لڳي آهي، اي الله جا رسول!)
ز جام حُب تو مستم
به زنجير تو دل بستم
نمي گويم ڪه من هستم
سخن دان يا رسول الله
(تنهنجي محبت جي ڏنل جام ۾ مست آهيان. منهنجي دل کي تنهنجو زنجير لڳل آهي. مان ته اها هام به نه ٿو هڻان ته ڪو شاعر آهيان، اي الله جا رسول)
چون بازو ئي شفاعت را
ڪُشاني بر گناه گاران
مَڪُن محروم جامي را
دَر آن يا رسول الله
(جڏهن گناه گارن جي مٿان پنهنجي شفاعت جو هٿ رکجو، ته ’جامي‘ کي نه وسارجو، اي الله جا رسول)
ٻڌڻ کانپوءِ مستاني راءِ ڏيندي چيو؛ ”مولانا جامي ايڏي وڏي پايي جو شاعر هئڻ جي باوجود به پاڻ کي شاعر نه ٿو تسليم ڪري، شايد اها ادا ’نبي ڪريم‘ کي وڻي وئي هجي. نه ته اڄڪلھ جا شاعر ٻه ٽي شعر لکي، پنهنجي چوٽي آسمان سان ٿا گسائن، ته هاڻي عقل ۽ علم سندن وٽ دنگ آهي.“
ملان ٿڌو ساه ڀري، اکيون اشڪبار ڪري وري چوڻ لڳو؛ ”ڪاش! مان امير خسرو جھڙو ئي غزل لکي، پنهنجي دل کي تسڪين ڏئي سگھان ها. جنهن لکيو هو ته:
نمي دانم چه منزل بود شب جائي ڪه من بودم
به هر سُو رقص بسمل بود شب جائي ڪه من بودم
(مونکي خبر ناهي، ته ڪالھ ڪهڙي منزل تي هيس. هر طرف اُتي رقص بسمل ٿي رهيو هيو، جتي مان ڪالھ رات هيس)
پري پيڪر نگاري، سرو قد لاله رخساري
سراپا آفت دل بود، شب جائي ڪه من بودم
(پري پيڪر محبوب هيو. سندس قد سرو جھڙو ۽ رخسار گل لاله جھڙا هيس. اها سراپا آفتِ دل هيو، جتي مان ڪالھ رات هيس)
رقيبان گوش بر آواز، او در ناز من ترسان
سخن گفتن چه مشڪل بود، شب جائي ڪه من بودم
(رقيب ٻڌڻ لاءِ ڪن اُپڙا ڪيون ويٺا هيا. هو سراپا ناز هيو ۽ مان ڊڳل هيس. اتي ڳالھ ڇيڙڻ به مشڪل هئي، جتي مان ڪالھ رات هيس)
خدا خود مير مجلس بود، اندر لامڪان خسرو
محمد شمع محفل بود، شب جائيڪه من بودم
(اي خسرو! لامڪان ۾ خود خدا مير مجلس هيو ۽ محمد ان محفل ۾ شمع محفل هيو، جتي مان ڪالھ رات هيس)
افسوس اهو آهي، ته نه مولانا حالي ٿي سگھيس ۽ نه وري مولوي احمد ملاح!“
ملان جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي، مستاني چيس؛ ”ملان جڏهن تو کي عشق جي سمورن گُرن جي خبر به هئي، پوءِ به رهجي وئين. ملان، حيف آ تنهنجي حال تي! هاڻي وري واڳونءَ وارا ڳوڙها ٿو ڳاڙين. تڏهن ته لطيف سائين توهان جھڙن لاءِ چيو هو:
”محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
چڙيءَ جي چهنج جيان، لَڏيائون لُئا،
حُباب ئي هُئا، انهيءَ وادي وچ ۾.“
”اي صاحبِ خرابات و خُرافات! تون وري ڪهڙو منزل رسيو آن، جو مونتي ٽوڪان ٿو ڪرين؟.. اڳ ۾ پنهنجي گريبان ۾ جھاتي پاءِ، گناهن سان چور ۽ مهجور لڳو پيو آهين. مينهن ٿي چئي ڳئون کي، ’هل ڙي پڇ ڪاري!‘“ ملان جلال ۾ اچي، مستاني کي دٻ پٽي.
”تون پنهنجي جاءِ تي صحيح آهين، پر مان هاڻي کان ئي ان جستجو ۾ لڳان ٿو ته عشق ڇا آهي؟.. جڏهن اها خبر پئجي ويندي، ته پوءِ ڏسجانءِ ته پنهنجي محبوب سان رلي ملي ڪيئن نه هڪ ٿي وڃان ٿو. با خبر هوندي به جيتري تو لڳائي آ، ايتري دير هرگز نه لڳائيندس.“
”پر اهو ٿيندو ڪيئن، جو تون هڙئي عشق جون منزلون طئي ڪري، اتي پهچندين. نه تو کي عشق و محبت جي خبر، نه ڪامل اُستاد ورتو اٿئي. ائين عشق، ڪا انڌن جي مالي آ، جو اُد تي محبوب سان وڃي ملندين ۽ هڪ ٿي ويندين؟“ ملان هڪ سوال جي جواب ۾ الائي ڪيترا سوال ڪري ڇڏيس.
”جستجو ۽ تلاش جاري رکندس؟.. تو جھڙي ڪنهن فرزاني کان هڪ شعر ٻڌو هيم، ته
”نه باغ ، نه بستان، نه چمن مي خواهم،
نه سرو، نه گل، نه ياسمين مي خواهم،
خواهم ز خدائي خويش ڪنجي ڪه در آن،
من باشم و آن ڪسي ڪه من مي خواهم،
(نه باغ، نه بستان، نه چمن کپي
نه سرو، نه گل، نه ياسمين کپي
کپي ٿي ته خدا کان رڳو گوشِ تنهائي
جتي مان هجان ۽ هو هجي، جنهن کي چاهيان ٿو)
”اهو شعر ابو سعيد ابوالخير جو آ، ايتري به ڄاڻ ڪو نه ٿي“، ملان طنزيه انداز ۾ ٻڌايس.
”چڱو، هاڻي يارو ياري، جي ملياسي ته ملنداسي، نه ته گھوري جان جتن تان!“ ائين چئي مستانو ڪپڙا ڇنڊي اٿي پيو.
”ملان! مان به هلان ٿو!“ اهو چئي ملھ به اُٿي هلڻ لڳو، ته ملان چيس؛ ”تون ته ويھ! ڪاڏي ٿو وڃين؟.. اهو مستانو غونڪائي آ، اڳتي وڃي وري موٽي ايندو. مستاني جي ڳالھ گڏھ جا ٽٽَ.“
” مستانو موٽي يا نه، ان جي مرضي، پر مونکي لڳي آهي بک، مان گھر ٿو وڃان!“ ملھ، ڪکين تي هٿ رکندي، چيو.
”سڀني جي بک، الله پوري ڪري. ڀلا! ميلي ۾ ڍؤ نه هنيئي ڇا؟“
”نه اهڙي ڳالھ ڪونهي. ٽي ڪلو ناريل جي مٺائي، ٻه ڪلو کن سـڱر نختي، ڪلو مڱيرا، اڌ ڪلو ڪشمش، پاءُ کن پڪوڙا کاڌم ۽ مٿان ڏه کن شربت جا گلاس به هنيا اٿم. پر ان مان ڇا ٿيندو.“
”اهي سڀ تو هڪڙي ڄڻي کاڌا پيتا؟“. ملان حيرانگيءَ مان پڇيس.
”اڃا وائي جي سور ماري وڌو آ، نه ته پنج سير ناريل جي مٺائي، چار ڪلو مائو، ٽي ڪلو سڱر نختي، ٻه ڪلو ڪشمش، هڪ ڪلو مڱيرا ۽ ويھ گلاس شربت جا هڪ هنڌ تي کائي پي پوءِ گوڏن تي هٿ رکي اُٿندو هيم. پر هاڻي ٿورو هاضمو خراب ٿو رهي.“
”اسان ملان ته رڳو نالي ۾ بدنام آهيون. هر ڪو اسان تي چڙهت ڪيون بيٺو آ. توهان ڏانهن ته ڪنهن جي نگاه ئي نه ٿي وڃي. ٻڪري چري ٻٽيھ، ته اُٺ چري ڇٽيھ. اُٺ کي ڪير ڏسي ئي نه ٿو، ته وڻ چري ٿو وڃي.“
”ملان انسان پيدا ئي کائڻ پيئڻ لاءِ ٿيو آهي، ڪو بک مرڻ لاءِ ته ناهي ٿيو، مان هلان ٿو. الله واهي.“ ائين چئي ملھ اٿي پيو.
”اهو ئي فلسفو اڄوڪي مومنن مسلمانن کي بار بار سمجھايون ٿا. پر هدايت به ته متقين لاءِ آ نه!؟..“ ملان زور سان چيو، پر ملھ پٺتي نهاريو ئي نه، لُرَ ڪيون نڪتو ويو.
پوءِ به ملان آسرو ڪيون ڇاپري ۾ ويٺو رهيو، ته مستانو موٽ کائيندو. پر جڏهن ڪافي دير ٿي وئي، ته ملان اهو سوچيندي آسرو پليو، ته ”جي مستانو پنهنجي خرابات جي اسرارن کي ڳولهڻ لاءِ ’ابو سعيد ابوالاخير‘ جو شعر پڙهي ڪمر ڪشي نڪري پيو آهي، ته پوءِ مان ڇو گھٽ ڪيان. منهنجا ته کوڙ اُستاد ڪامل آهن. مولانا رُوم فرمايو آهي، ته:
هم خدا خواهي وهم دنيائي دون
اين خيال است و محال است جنون
(تو کي خدا به کپي ۽ دنيا به، ته پوءِ
اهو جنونيت وارو ۽ مشڪل خيال آهي)
هاڻي مستاني سان مقابلو آهي، ڏسئون ته ڪير ٿو عشق جي اُتانهنين منزل تي رسي. ڀل هو بي خودي ۽ رندي واري اڻانگي واٽ وٺي. مان عبادت ۽ زهد واري سڌي راه رمندس. هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي محبوب کي ضرور راضي ڪري وٺبو.“
ملان، دل ئي دل ۾ عهد ڪندي، بوڇڻ ڇنڊي اُٿي پيو.



1 comment:

  1. Friendship is a magical Shelter, where you feel comfortable.

    ReplyDelete