Sunday, May 15, 2016

ملان ۽ مستانو، مَلُھ ۽ ميزان - منظور ڪوھيار

ملان ۽ مستانو، مَلُھ ۽ ميزان
منظور ڪوھيار




مستانو واٽ سان دبرندو پئي هليو؛ ”اڳي به مڇي پاڻ ڳڙڪائي وئين، هاڻي وري ميلي جي مٺائي به نه ڇڏيئي.“
ملان نهايت اطمينان سان وراڻيو؛ ”نصيب جي ڳالھ آهي، ٻيو ته ان ۾ به تنهنجي ڀلائي هئي. ميلي جي مٺائي ۽ سرڪاري مال هضم ڪرڻ ڪا سؤلي ڳالھ ناهي. ان لاءِ ڳجھ وارو هاضمو کپي، مستانه! جيڪو تو وٽ آهي، الائي نه؟“
”هروڀرو ڳِجھ جهڙو هاضمو ڇو!؟“ مستاني حيرانگي ۾ پڇيس.


”هن دنيا جي گند ۾ هاڻي اهو ئي زندھ رهندو، جنهن کي ڳجھ جو هاضمو هوندو ۽ ڪانوَ وانگر گھڻي ڪان! ڪان! يا ڏيڏر وانگر ٽان! ٽان! ڪندو. تون پاڻ ڏس، شهرن ۾ گند جا ڍير وڌندا ٿا وڃن. ننڍڙا ننڍڙا ۽ سهڻا پکي ختم ٿيندا ٿا وڃن، جڏهن ته ڪانون ۽ ڳِجھُن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي. ائين گندي معاشري ۾ سمجھدار ۽ بردبار ماڻهو ناپيد ٿيندا ٿا وڃن ۽ ان جاءِ تي نام نهاد سياستدان ۽ اينڪر وڌندا پيا وڃن.“
”ملان انسان جي لالچ ۽ هوس جي ڪا حد به آهي يا نه؟“ مستاني مُنهائي هنيس.
”بالڪل ناهي. تڏهن ته قرآن ۾ آيو آهي ته بيشڪ انسان خساري ۾ آهي.“ ملان وراڻيو.
”پر تون خساري ۾ ناهين، ڇو؟“ مستاني جي ڪاوڙ ۽ بک وڌندي پئي وئي.
”تنهنجي وات ۾ ميلي جي هڙ مٺائي، مکين سوڌي. پر تون گھڻو خساري ۾ ويندين، اها ڳالھ ذهن نشين ڪري ڇڏ!“
”ڇو!؟“
”ان ڪري جو تون نه انسان، نه ملان. صرف مستانو. نه تو کي گناھ جي خبر، نه ثواب جي.“
”پوءِ ته مونسان ضرور انصاف ٿيندو، اڻڄاڻائيءَ جو فائدو مونکي ضرور ملندو.“ مستاني خوش ٿيندي وراڻيو.
”شايد تو انگريزيءَ جو اهو پهاڪو ٻڌو ئي ناهي؛
Ignorance of law excuses no one
”جنهن جو مطلب آهي، ته قانون جي اڻڄاڻائي، ڪو جواز ناهي.“
ايما گولڊن ’اڻڄاڻائيءَ‘ بابت فرمائي ٿي، ته:
The most violent element in society is ignorance
’سماج ۾ پر تشدد عنصر اڻڄاڻائي آهي.‘“
”پر مان ڪهڙا ڏوھ يا گناھ ڪيا آهن؟ جو هروڀرو خساري ۾ ويندس؟“ مستاني وراڻيو.
”اها تڏهن خبر پوندي، جڏهن روز محشر ۾ تنهنجي گناهن ۽ ثوابن جي، ’الميزان‘ جي پُڙن ۾، تڪ تور ٿيندي.“ ملان جواب ڏنس.
هلندي هلندي واٽ تي کين هڪ ننڍڙو دوڪان نظر آيو، جنهنجي ٻاهران اَن تورڻ وارو پراڻي دؤر جو ڪانٽو ۽ ڇلي لڳي پئي هئي. ملان هڪدم ڪانٽو ۽ ڇلي ڏسندي چيو؛ ”پهريان دوڪان تان پاڻي پي، نڙيءَ ۾ اٽڪيل مٺائيءَ کي هيٺ لاهيان ۽ پوءِ تنهنجن گناهن ۽ ثوابن جي، اتي جو اتي خبر پئجي ويندي.“
ائين چئي، ملان دوڪان جي اندر گھڙي، پاڻيءَ جا ٽي چار ڪُپڙا ڏوگھي، اچي ٻاهر ڪانٽي تي ٿي بيٺو ۽ مستاني کي چوڻ لڳو:
”پنهنجا نيڪ اعمال کڻي آءُ ته توريون. ڏسئون ته جھنمي آن، يا جنتي؟“
”پر ملان هن روايتي ڪانٽي مان ڪيئن خبر پوندي؟“
”اهڙو ئي پر وڏو ڪانٽو، ’الميزان‘ قيامت جي ڏينهن الله جل شانہٗ جي اڳيان رکيل هوندو ۽ انسانن جا اعمال ترندا ۽ جيڪي کين جنت جو رستو يا دوزخ جو دڳ ڏيکاريندا. تون صرف اهو تصور ڪر ته روز محشر ۾ الله جي آڏو نماڻائيءَ سان ڪنڌ جھڪايون بيٺو آن ۽ پنهنجا نيڪ اعمال ڇليءَ ۾ وجھندو ٿو وڃين. جيڪڏهن نيڪ ۽ صالح اعمالن جي ڇليءَ، هن اڌ-مڻي ڌڙيءَ کي جؤک سوڌو مٿي کڻي وئي، ته جنت ۾، نه ته پوءِ پاڻ سمجھين ٿو ته پادر پُسيا پيا هوندءِ.“ ملان تفصيل سان نتيجو ٻڌايس.
مستانو، حيرت ۽ تجسس وچان، ڪانٽي وٽ آيو ۽ الله کي حاضر ناظر ڄاڻيندي، ڪنڌ جھڪائي، تصور ئي تصور ۾ پنهنجا اعمال ڇليءَ ۾ وجھندو ويو. پر ڌڙو مٿي ئي نه ٿيو. ملان ٽهڪ ڏيندي وراڻيو؛ ”مستانه، جي مونکي اها خبر هجي ها ته دوزخي آن، ته خدا جو قسم تو سان سنگت ته ڇا، پر پري جي دعا سلام به نه رکان ها. پر هتان هاڻي تنهنجو دڳ جدا ته منهنجو رستو الڳ.“
”پر مونکي ته ياد نه ٿو پئي، ته ڪي مان گناھ ڪيا آهن!؟“
”اهو جو ماڻهوءَ کي احساس هجي ته هو ڏوھ يا گناھ ڪري رهيو آهي، ته جيڪر ڪري ئي نه. جيئن پوليس کي سڀ خبر هوندي آهي، ته شهر ۾ ڏوھ ڪنهن ڪيو آهي، جو هو ڏوهارين سان ٻِٽُ هوندي آهي، تيئن ملان کي سڀ خبر هوندي آهي، ته هن جھان ۾ گناهن جو ڪير مرتڪب ٿي رهيو آهي.“
”پوءِ ڀلا منهنجو ڪو هڪڙو گناھ ته ٻڌاءِ؟“ مستاني چئلينج ڪندي چيس.
”اجايو وات نه کولاءِ ملان جو. هي فيس بوڪ تي، جو پراين ماين سان ڪلها هنيون بيٺو آن. ڪنهن سان بيٺو جھمريون ٿو هڻين. يورپ ۾ يل گھمندو ٿو وتين. ڪنهن فوٽو ۾ سونهاري سان ته، ڪنهن ۾ ڏاڙهي ڪوڙ لڳو ٿو وتين. اهي تنهنجا گھٽ گناھ آهن. وڏي ۾ وڏو گناھ ته اهو ٿي، جو ڪراچي مان ٿو اچين، ته هٿين خالي. ٺٽي مان ته ضرور ٿيندو آيو هوندين، ٻيو نه ته شربتِ ابريشم جا ٻه ٽي شيشا وٺيون اچين ها. هل کڻي تو کي ياد نه پيو، ته حيدرآباد مان ٽي چار ڪلو رٻڙي کنيون اچين ها. ڀلا جي تو کان رٻڙي وسري وئي، ته دادوءَ جو اُگم جو حلوو ته نه وسارين ها. دادوءَ جي دوڪاندار ويچاري، لڪيءَ جي پهاڙين کان وٺي بيت الخلائن جي ڀتين تي به، تو جھڙن کي ياد ڏيارڻ لاءِ لکي ڇڏيو آ، ’فياض ڪا اُگم حلوه‘. ڀلا ميهڙ مان گذرندي، ڪنن ۾ ڪپھ وجھي ڇڏي هيئي، جو ”ميهڙ جو مائو! ميهڙ جي ميندي!“ جھڙا هيانءَ-ڦاڙ هوڪا نه ٻڌئي. مائو نه ته ميندي وٺيون اچين ها. ڪو اونهارِي کي سُونهارو ڪيون ها. هاڻي ٻڌاءِ ته اهي گناه ڪبيرا آهن يا نه؟“ ملان ٿڌو ساھ ڀريندي پنهنجي چٽڪٻري ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چيو.
”ملان، جي اعتبار ڪرين، ته مونکي هڪ ته ويسر گھڻي ٿي پئي آ، ٻيو ته ويجھي ۽ پري جي نظر ۾ به گھٽتائي اچي وئي آ، ٽيون ته آهيان ئي مستانو، ته ٻئي جي گھٽ ٻڌندو آهيان. مجبور آهيان، ڇا ڪيان؟“ مستاني، سبب ڳڻي ٻڌايس.
”ٻئي جي نه ٻڌندو آهيان، رڳو پنهنجي ٻڌندو آهيان، پڇ، ’ڇو؟‘، چئي، ’مستانو آهيان‘. پڇ، ’نماز ڇو نه ٿو پڙهين؟‘. چئي، ’صوفي آهيان‘. پڇ، ’منهن ڇو نه ٿو ڌوئين؟‘، چئي، غريب آهيان‘. پڇ، ”نشو ڇو ٿو ڪرين؟“، چئي، ’غمزده آهيان‘. پڇ، ”پڙهي يا پڙهائين ڇو نه ٿو؟“ چئي؛ ’قوم پرست آهيان.‘ پڇ، ’عوام سان ٺڳي ڇو ٿو ڪرين؟“ چئي، ’وفاق پرست آهيان‘. اڄ هيءَ ملان جي فتوا ٻڌي ڇڏيو، سڀ دوزخي آهيو، دوزخي!“، ملان، مستاني سان گڏ ٻين تي به فتوى ڏيندي چيو.
هڪ ملھ پهلوان به جيڪو ميلي تان موٽندي سندن پٺيان اچي پهتو هو، سو به اهو لقاءُ ڏسندي حيرانگيءَ جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگھيو. چي؛ ”ملان، اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، ته قيامت کان اڳ تون ڪيئن هتي محشر مچائي سگھين ٿو. توبہ نعوذ باالله، تون ڪو داورِ محشر ته ناهين؟“
”پهلوانن کي؛ طاقت گھڻي، سمجھ ٿوري هوندي آ. مولانا جو مطلب آ؛ مولا جو ماڻهو. بيشڪ ملان کي محشر مچائڻ جا پاور ته ناهن، پر حشري مچائڻ جا ته پاور آهن نه؟... شايد تو تاريخ ناهي پڙهي، ته هن دنيا جي، هر دور ۾ اسان ڪيئن نه حشري مچائي قيامت کان اڳ قيامت صغرى برپا ڪري ڇڏيسي. جي هاڻي مولا ۾ تنهنجو ايمان پختو آهي، ته پوءِ تو کي ملان جي ڳالهين تي به يقين ڪرڻو پوندو، نه ته پيو جنازو رلندئي.“
ٿلهو ٿنڀرو پهلوان ڊڄي ويو؛ ”ملان مان تو سان بحثابحثي نه ٿو ڪيان، صرف سمجھڻ ٿو چاهيان، ته گناھ ثواب جي خدا جي وڏي تارازي ’الميزان‘ کان اڳ تڪ تور ڪيئن ٿيندي؟“
ملان، پهلوان جي مٿي تي هٿ گھمائيندي وراڻيو،”اچ ته توکي سمجھايان. جي تو سٺا اعمال ڪيا آهن، ته ڏس ڪيئن نه ڇلي ڀرجي وڃي زمين سان لڳي ٿي ۽ ڌڙو هوا ۾ شيطان جي ايجنٽ مستاني وانگر لٽڪي ٿو. جي خدا ۾ ايمان ٿي ۽ مون تي اعتبار ٿي، ته پاڻ آزماءِ ۽ ميدان مار. جي تون ان آزمائش مان پار پئجي وئين، ته پوءِ پڪ سمجھ ته کير جي لهرن ۾ لڙهندين، ماکيءِ جي نهرن ۾ غوطا کائيندين ۽ سچي مکڻ جي ڌٻڻ ۾ گچي پوندين. ڪٿان غلمان گھلي ڪڍندئي ته ڪٿان حوران هٿ ڏئي.“ ملان آزمائڻ واري ڳالھ ڪري، پهلوان کي پنهنجو حشر ڏسڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
”ملان، اهو ڪهڙو ملھ آ، جنهن کي جنت ۾ وڃڻ جي خواهش نه هوندي. هتي ڏسين ٿو، ته پهلوان، ڪڃري، فنڪار ۽ اديب جي پڇاڙي ڏاڍي خراب ٿئي ٿي. پنهنجي وقت جا نامي گرامي ماڻهو به ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي آڏو ڪاسه گدائي کنيون بيٺا آهن.“ اهو چئي، ملھ، خدا ۾ ويساه ۽ ملان تي اعتبار ڪندي تصور ئي تصور ۾ پنهنجا چڱا اعمال ڇليءَ ۾ وجھندو ويو. پر ڏٺائين ته ڇليءَ کي ڇِٻي ئي نه آئي. ملان رڙ ڪري هڪدم فيصلو ٻڌايس؛ ”پهلوان، انصاف ان اکين تي پٽي ٻڌل مائيءَ جي مثال آ، جيڪا ڪورٽن آڏو هڪ هٿ ۾ تارازي ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار کنيون بيٺي هوندي آ. سمجھ ته تو تي به ترار وهي وئي. تون به وئين دوزخ ۾!“
”پر مان ته مولا عليءَ جو پهلوان آن، مون کي ته ياد نه ٿو اچي ته مان ڪي گناھ به ڪيا آهن؟“ ملھ پهلوان حيرت جو اظهار ڪندي چيو.
”مولا علي ته سڪل ماني کائي به پهلواني ڪئي. تون ٻڌاءِ ڪڏهن اڻڀو ٽڪر به پيٽ ۾ وڌئي؟.. سچي گيھ جو ڪال توهان پهلوانن پيدا ڪيو يا نه ؟.. ان ڪري ماڻهن ڪُٽيون ۽ بصريون ٺاهڻ ڇڏي ڏنيون. اهو نقصان به ته اسان کي ٿيو يا نه؟.. هاڻي الله کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ ٻڌاءِ! متان سچ ڳالهائيندي تنهنجي بخشش ٿي وڃي. ٻڌو نه ٿي، ته لطيف سائين چيو آهي، ته ’اگھي ته پاءُ، نه ته مڻن کي به موٽ آ!‘ هن ميلي ۾ تون ڪا به ڪُوڙي ملھ نه وڙهي؟“ ملان سمجھائيندي سوال ڪيس.
بخشش جي آسري تي ملھ سچ ڳالهايو؛ ”ها، صرف هڪڙي ملھ، سجاول واري ميلي ۾.“
”ڀلا ان کان اڳ حاڪم شاھ پٽ واري جي ميلي ۾؟“
”ها، ياد پوي ٿي رڳو هڪڙي ملھ!“ ملھ وري ٻي سچي ڪئي.
”ڀلا ڀٽ شاھ واري ميلي تي؟“
”اها به کڻي هڪڙي چئه!“
”۽ قلندر جي ميلي تي؟“
”قسم سان ته رڳو هڪڙو دفعو!“
”ان هڪڙي دفعي ته ويچاري جوڳيءَ جا لاھ پٽيا. رن به ويس ته رِلي به ويس. جي جوڳي ۽ اوهان سچيون ملهان وڙهو ها، ته اڄ جنتي هجو ها. هاڻي تون به پهلوان دوزخ ۾ داخل ٿيندين. مونکي هاڻي ان قادر قهار جو قسم! ته توهان ٻئي سنوان سڌا دوزخي آهيو. توهان مونکان پرتي ٿيو، متان توهان جي ڄر مونکي نه ساڙي ڇڏي.“ ائين چئي ملان اُٿي هلڻ لڳو ته ملھ پهلوان جي چنبي پئجي ويس؛ ”ملان، ڀڳو ڪاڏي ٿو وڃي، تون به پنهنجا اعمال تور ته خبر پئي نه!“
”مونکي پنهنجن نيڪ ۽ صالح اعمالن تورڻ جي ڪهڙي ضرورت. مان ته مسيت جو ڪک آهيان.“ ملان وراڻيو.
مستاني هڪدم ملان جو دامن پڪڙيو؛ ”ملان جيستائين تون پنهنجا اعمال نه توريندين، تيستائين نه ڇڏيندوسانءِ.“
ملان ڏٺو، ته يڪ نه شد، دو شد واري ڳالھ ٿي وئي. سوچڻ لڳو، ته هڪ ئي وقت پهلوان ۽ مستاني سان منهن ڏيڻ ڏکيو آ. ان ڪري مجبورن ڪانٽي وٽ بيهي رهيو. گھڙي کن مراقبي ۾ وڃي، پاڻ کي خدا آڏو پيش ڪندي، پنهنجا اعمال ڇليءَ ۾ وجھڻ لڳو ۽ پوءِ معجزي جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کانپوءِ جو کڻي اکيون کولي ته ڇلي اها ئي مٿي ٽنگي بيٺي آهي ۽ منافق ڌڙو جؤک سوڌو زمين تي ليٽيو پيو آهي. اهو ڏسي ملھ پهلوان هڪدم پڇيس؛ ”ملان، هاڻي ڏي خبر؟“
مستاني وري مٿان ٽوڪ هنيس، ”ڪيڏانهن ويا تنهنجا اعمال؟“
ملان هڪدم حاضر جوابي سان وراڻين؛ ”اڙي ملن جا اعمال نيڪ هوندا آهن، پر افعال بڇڙا هوندا آهن. ان ڪري بڇڙا افعال، نيڪ اعمالن کي کائي ويا. جڏهن به افعال ٺيڪ ٿي ويا، ته ڌو جنت ۾.“
”پر هاڻي ته جاڙي به جڳ سان آهي.“ مستاني اوڙاپي سان چيس.
ملان وراڻيو؛ ”مستانه ڏند نه ٽيڙ! اسان کي پنهنجن دوستن لاءِ عزت آ. شايد تون پارسيءَ جو اهو پهاڪو نه ٻڌو آهي، ته ”همين ياران دوزخ، همين ياران بهشت.“

1 comment:

  1. Scales of justice
    Balance have had strong beliefs in many religions.
    Al- Mizan (Arabic) refers to the scale of balancing a measuring deeds against their sins on the day of Resurrection. So, we three friends are trying to weigh our good deeds by traditional scale, before the Day of Judgment. Let us see, what happens?


    Manzoor Kohiar

    ReplyDelete