Sunday, May 8, 2016

زيب النساءِ

زيب النساءِ
عورتن لاءِ انمول تحفو
عروج جسڪاڻي
”زيب النساءِ“ ڪتاب سائين محمود مغل جو لکيل آهي. اها هڪ طويل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. انهيءَ ڪهاڻي ۾ سماج جو حقيقي عڪس نظر اچي ٿو. انهي ڪتاب ۾، هر هڪ ڳالهه ۾ ڪو نه ڪو مقصد آهي. اهو ڪتاب پڙهي مون گهڻو ڪجهه پرايو، بلڪ اهو پڙهي مونکي به زيب النساءِ ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي.


انهيءَ ڪتاب ۾ هر هڪ لکيل ڳالهه دل تي لڳي. مون کي يقين ڪو نه ٿو اچي، ته انهيءَ ڪتاب جو ليکڪ هڪ عورت نه پر مرد آهي. عورت کي سمجهڻ تمام مشڪل ڪم آهي ۽ هڪ مرد ٿي، ڪنهن عورت جي خيالن ۽ سوچن کي بيان ڪرڻ، ان کان به وڌيڪ مشڪل ڪم آهي. پر هن ڪتاب ۾ اهي سڀ ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي عورت بيان نه ٿي ڪري سگهي.
ان ڪهاڻي ۾ مونکي نصيبان جو ڪردار تمام گهڻو وڻيو. ڇو ته هوءَ بظاهر ته انهن ڳالهين کان، زندگيءَ جي انهن تلخ تجربن کان بيخبر لڳندي هئي، پر هن جي اندر ۾ اهو سڀ لڪيل هيو. هوءَ نهايت ئي عقلمند ڇوڪري هئي. هوءَ هر هڪ ننڍڙي ڳالهه، بظاهر ته کلي ٽاري ڇڏيندي هئي، پر اندر ۾ انهن ننڍڙين ڳالهين جي پٺيان وڏا وڏا مقصد به ڳولهي لهندي هئي.
زيب النساءِ به هڪ اهڙي ڇوڪري هئي، جيڪا عمر کان اڳ وڏي ٿي چڪي هئي. ان جي ننڍڙي دماغ ۾ وڏا وڏا خيال ۽ سوچون گردش ڪنديون هيون. پر اڪثر هو غلط سوچيندي هئي. مونکي هن جون اڪثر سوچون غلط لڳنديون هيون. هن کي پاڻ تي اعتماد نه هو. هوءَ پاڻ کي ڪمزور سمجھندي هئي. پر منهنجي خيال ۾ جن حالتن مان هوءَ گذري رهي هئي، ان ۾ هن کي مضبوط رهڻ کپي ها ۽ وڏي ۾ وڏي ڪمزوري ته پاڻ تي اعتماد نه هجڻ ئي هوندي آهي. زيب النساءِ انهن حالتن کي منهن ڏئي ته وئي هئي، پر جيترو مضبوط هن کي رهڻ کپي ها، ايتري هوءَ هئي ڪو نه. هوءَ هميشه ننڍي ننڍي ڳالھ تي گھڻو سوچيندي هئي. اهو ته صحيح آهي، پر هن کي سوچ به اهڙي رکڻ کپي ها، جنهن سان هو وڌيڪ مضبوط رهي سگھي ها، پر بهرحال زيب النساء ڪردار به تمام تمام سٺو هو. نيٺ ته هوءَ وقت گذاري وئي ۽ پنهنجون ذميواريون به تمام سٺي طريقي سان نڀايائين. پنهنجي پيءُ جي يقين کي ٽٽڻ نه ڏنائين ۽ همت نه هاريائين.
مون هن ڪتاب کي جنهن مهل ڏٺو، ته اتي ئي ويهي پڙهڻ شروع ڪيم. ان جا ٻه سبب هئا. هڪ ته هن ڪتاب جو ٽائيٽل اهڙو هو، جو اھو ڏسندي ئي هر ڇوڪريءَ کي پڙهڻ گھرجي ۽ ٻيو سبب اهو هو، ته هن ڪتاب جو ليکڪ سائين محمود مغل هو. انهن جون لکڻيون مونکي ڏاڍيون وڻنديون آهن.
سائين جو هڪ ڪتاب مون اڳ ۾ به پڙهيو هيو. جنهن ۾ ٻه ناول هئا. ان ڪتاب جو نالو هو ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“. ان ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ، بس، سائين جن جو نالو ڏسي ئي، انهن جي هر لکڻي شوق سان پڙهندي آهيان ۽ جڏهن زيب النساءِ ڪتاب پڙهيم، ته منهنجي دل نه پئي چيو، ته هيءُ ڪتاب ختم ٿئي. بس، دل چيو پڙهندي وڃان ۽ بار بار پڙهان.
آئون سائين جن جي تمام گھڻي شڪرگذار آهيان، ته انهن اهو ڪتاب لکي، اسان کي علم ڏنو ۽ زندگي جيئڻ جو سليقو سيکاريائين ۽ اهو ته هر مشڪلات ۽ وڏن وڏن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ عورت ٿي ڪري، گهر کي ڪيئن سنڀالجي. ڪيئن همت ڪري، اهڙين حالتن ۾ ثابت قدم رهي، مسئلن کي منهن ڏجي.
حقيقت ۾ زيب النساءِ صرف هڪ ڪهاڻي نه، بلڪ عورتن لاءِ هڪ انمول ۽ قيمتي تحفو آهي، جيڪو زندگيءَ جي اهڙين مشڪل حالتن ۾ تمام گھڻو مددگار ثابت ٿيندو ۽ انهن کي مضبوط رکندو...



زيب النساءِ

طويل ڪهاڻيءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب

مٺل جسڪاڻي

سنڌي ادب ۾ نثر، نثر ۾ ڪهاڻي، بحث جو دلچسپ موضوع رهيو آهي. هڪ طرف ڪهاڻي ختم ٿيڻ جا افواه عام آهن. ٻئي طرف ڪهاڻيون لکجي به رهيون آهن، ترجمو به ٿينديون رهيون آهن. طويل مان مختصر ڪهاڻي جو سفر وڌندو رهيو آهي ۽ هاڻي ته ”هڪ لفظي ڪهاڻي به ”ايجاد“ ٿي چڪي آهي!

زيب النساءِ، محمود مغل جي هڪ طويل ڪهاڻي آهي، جيڪا پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي اٺاسيهين ۽ محمود مغل جي ٻارهين ڪتاب طور شايع ٿي چڪي آهي. ڊيمي سائيز جي ۳۰۴ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ۴۰۰ روپيه آهي. هي ڪهاڻي، پهرين قسطوار، اخبار ۾ ڇپجي ته چڪي آهي، پر هڪ سئو قسطون پابنديءَ سان گهڻن تائين پهچنديون رهيون ۽ اهي پڙهبيون به رهيون ۽ هاڻي سانڍي رکيل به هونديون. ان نسبت سان، هن ڪتاب جي اهميت کي نظر انداز ڪرڻ بي واجبي ٿيندي.

هن ڪتاب ۾، جيڪا بظاهر هڪ ڪهاڻي آهي، اصل ۾ هڪ نه، قسطن جي تعداد برابر هڪ سئو ڪهاڻين تي مشتمل هڪ ڪهاڻي نه، هن ڪهاڻي ۾ ته تمام گهڻيون ڪهاڻيون موجود آهن. هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي سڏي ٿي. هر ڪهاڻي پڙهندڙ کي سولي نموني سمجھ ۾ اچڻ باوجود، سمجهڻ جي دعوت ڏي ٿي.

ڪهاڻي جي ابتدا، ابتدائي پهريون جملو، هر پڙهندڙ کي مڪمل ڪهاڻي پڙهائڻ تي اتساهيندڙ ابتدا آهي. جيئن جيئن ڪهاڻي کي پڙهبو، اڳتي وڌبو، تيئن تيئن ڪهاڻيءَ ۾ چاهه، اتساهه، دلچسپي وڌندي پئي ويندي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيل ٻولي، بحث ۾ آيل مسئلا، مونجهارا، معاملا، اهڙا دلچسپ آهن جو، پڙهندڙ نه صرف پڙهندو ويندو، پر ساڻس واسطي، رابطي وارن کي به پڙهڻ جي صلاح ڏيندو ويندو. ڇاڪاڻ ته زيب النساءِ، هر عمر ۽ هر جنس جي پڙهندڙ لاءِ، پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙو ڪتاب آهي، ان ڪري هر ڪنهن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيڻ تمام گهڻي ضروري ٿو سمجهان.

مون کان ڊگهيون ڪهاڻيون، ڊگها مضمون، ناول نه پڙهيا ٿيندا آهن، پر مون کي حيرت آهي ته آئون ڪيئن، پنهنجي عام معمولي ڪمن ڪارين ۽ ذميوارين باوجود، زيب النساءِ جو مطالعو ڪندو ويس! نه صرف ايترو، پر مون پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪتاب هٿ ۾ ڏٺو، ته خوش ٿيس ۽ جنهن نه پڙهيو، ان کي پڙهڻ جي صلاح به ڏنم. ڇاڪاڻ ته هن طويل ڪهاڻيءَ ۾، پنهنجي سماج، پنهنجي معاشري ۾ موجود، هر گهر جي، ڪا هڪ نه ته ڪا ٻيءَ، پر هر گهر جي ڪهاڻي، هن طويل ڪهاڻي ۾ موجود آهي.

منهنجي مطالعي جو ڪارڻ شايد ڪهاڻيڪار، يعني محمود مغل جي ڏاهپ آهي. سندس سمجھ، سرت ۽ ساڃاھ ڀريو ڪردار، عمل، رويو ئي مون کان سندس لکڻيون پڙهائيندو رهيو آهي. جڏهن ته ”پاڻ سڀ“ ان ماحول جا واسي آهيون، جنهن ۾ ڄمڻ وقت ”زيب النساءِ“، ان کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ”زيبو ٿي ويندي آهي. ان نسبت سان هيءَ ڪهاڻي ”زيبو“ هجڻ کپندي هئي، پر نه، ڪهاڻيءَ ۾ به ”زيب النساءِ“ ڪٿي ڪٿي ”زيبو“ هجڻ باوجود ڪتاب، ڪهاڻي ”زيب النساءِ“ صرف ان ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيڪار محمود مغل آهي. جيڪو سياڻو، سيبتو، علم، حلم ۽ عمل ۾ به حقيقي، اصلي اديب آهي.

محمود مغل توڙي سندس ڪنهن به تحرير تي، مون کي لکڻ جي ضرورت ئي نه آهي. لکبو آهي متعارف ڪرائڻ لاءِ، محمود کي تعارف جي ضرورت نه آهي. لکبو آهي شاهدي ڏيڻ لاءِ، محمود کي مون جهڙي ئي نه، ڪنهن به شاهد جي ضرورت نه آهي. شايد ان ڪري ئي، هن ڪتاب جي شروعات ۾ ”سڀني زيب النسائن جي نالي“ ارپنا کانپوءِ پهرين قربان منگي، چيئرمين، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران مختصر ”پبلشر نوٽ“ آهي، ان کان پوءِ ان کان به مختصر ”پنهنجي پاران“ ڪتاب ڪهاڻي جي مصنف محمود مغل جا ٻه اکر آهن. جنهن کان پوءِ ڪهاڻي شروع... نه مهاڳ، نه پيش لفظ، نه ليکڪ جو تعارف، نه ليکڪ ۽ نه ئي ليکڪ جي لکڻين تي ڪا لکڻي آهي. آئون به ائين ٿو سمجهان، ته جيڪو به پڙهندڙ آهي، جيڪو به ليکڪ آهي، جيڪو به ڪهاڻيڪار آهي، ان لاء محمود مغل جو نالو ئي ڪافي آهي. جنهن ڪهاڻي تي محمود مغل جو نالو لکيل هجي، اها ڪهاڻي ڪير نه پڙهندو؟ جيڪڏهن ڪو گهڻ-پڙهيو، پاڻ ليکي نه پڙهڻ جو فيصلو ڪري به ٿو، ته اهو ان جو سندو فيصلو آهي.

هن ڪتاب جو خوبصورت ۽ پرڪشش ٽائيٽل نعيم ديسوالي ڊزائين ڪيو آهي. ڪتاب جي لي آئوٽ ڊزائين آصف نظاماڻي جي محنت آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محمود مغل جي هڪ يادگار تصوير ۽ سندس پاران ڪجهه جملا لکيل آهن. جن کي پڙهڻ سان، هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو سولي نموني ٿي وڃي ٿو.

(هفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار“، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت حيدرآباد، آچر ۱۰ اپريل ۲۰۱۶ع)

No comments:

Post a Comment