Thursday, February 4, 2016

نذرانو - عڪاس بلوچ

نذرانو
عڪاس بلوچ
امتحانن کانپوءِ فريش ٿيڻ لاءِ ڪجھ ڏينهن سنڌ جي ٻهراڙي ۾ گذارڻ سٺو لڳندو آهي ۽ ان لاءِ مان هر سال چاچا عنايت وارن جي ڳوٺ ڏانهن رخ ڪندو آهيان، موسم به نه ايتري سرد نه گرم ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي سيزن ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻا ۽ انهن جون ڪچهريون دل کي وڻنديون اٿم.


چاچو عنايت تمام سادو ۽ سڌو ماڻهو آهي، هارپي جهڙي سخت پورهئي ۾ به صوم صلوات جو پابند، ڏيڻ وٺڻ ۾ پاڻ کي ڪس ڏيندو ۽ اڳئين کي هميشه ڪثر، چوندو آهي، ”ابا مرڻو به آهي، خدا کي جواب ڏيڻو آهي، پوءِ اهي ٻه چار روپين لاءِ ڪهڙي ٺڳي، ڪهڙو ڪوڙ.“
مان صبح جو سوير ئي گھران نڪتو هوس ۽ ٽن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ چاچا عنايت جي گھر پهتس، معمول موجب منهنجي هٿ ۾ ٿيلهيون ڏسي چاچا عنايت ميار واري انداز ۾ چيو، ”پُٽ، جيڪڏهن ٻه ويلا ماني جي عيوض اسان لاءِ هي خرچ ڪيو ته پوءِ نه ايندا ڪيو.” چيم چاچا هڪ سال ۾ اچان هڪ دفعو ۽ اهو به هٿين خالي، سٺو نه ٿو لڳي. خير ... ... ... ... ... ... ... . کٽ تي ويهندي پڇيم ”چاچا، هاشم نظر نه ٿو اچي. چيائين ”پُٽ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق اٿس، هتي ته نه جهڙا پنج پاس ڪري، ضمير وارن جي ڳوٺ، ڇهين ۾ داخلا لاءِ ويو آهي.“ چيم ۽ ننڍڙو مٺل... ... ... ... ..
مٺل جي نالي تي ڄڻ چاچا عنايت غم ۾ ٻڏي ويو، چيائين ”ٻچڙو مٺل بيمار آهي، اندر کٽ تي پيو آهي، ڊاڪٽر چون ٿا رت گھٽ اٿس، شهر جي اسپتال ۾ لاڳيتو علاج ٿيندس، سڀاڻي پرينهه گابو کپائي شهر وينداسين. بس ابا غريب جو ڀاڳ به غريب، چاچهينءِ کِر ميڙي ٽوپا ڏيئي ڳئون جو ٻچڙو ورتو، چئه ان کي وڌائينداسين پر جيڪو نصيب، چاچهينءِ کي اهو گابو به مٺل جهڙو پيارو اٿئي.“
اڃا چاچي جا ڏک سُور هلي رهيا هئا ته ڳوٺ ۾ گوڙ ٿي ويو، ”سائين اچي ويو، سائين اچي ويو.“ چاچا عنايت ۽ مان به ٻاهر نڪتاسين ته مرشد سائين به ڇهن گاڏين جي قافلي سان اچي چاچا جي گھر وٽ بريڪ ڏني. ڊزن کن هٿياربند باڊي گارڊ ۽ ويهارو کن مريدن سان سائين، چاچي عنايت جي گھر جو رخ ڪيو. سڄو ڳوٺ اچي چاچا جي گھر گڏ ٿيو. سڀ ئي سائين جا قدم چمندا، دعا وٺندا، ڪنڌ جھڪيل سائين جي سامهون عاجزيءَ سان بيهندا ويا. سائين ڏاڍي رعبدار شخصيت نظر پئي آيو، خبر پئي ته سائين سالياني ”تبليغي سفر“ تي نڪتل آهي.
سائين چاچا عنايت کي پاڻ ڏانهن گھرايو. چاچا ڏاڍي عاجزيءَ سان گوڏا کوڙي هيٺ ويهي رهيو. وڏي خليفي چاچا کي چيو، ”فقير، ايندڙ مهيني وڏي سائين جو عرس آهي، لنگر ۾ تنهنجو نالو لکيل آهي، هن سال مڻ ٻه مڻ ڪڻڪ مان ڪم نه هلندو، ٻيو ڏسين ٿو سائين پاڻ قدم پاڪ کڻي آيا آهن. گھر ۾ ڪو ڍور ڍڳو آهي.”اتي هڪ باڊي گارڊ چيو اهو سامهون گابو ڪنهن جو آهي، فقير جي گھر ۾ آهي ته ظاهر آهي فقير جو ئي هوندو. چاچي عنايت مٿان ڄڻ جبل ڪري پيو، هٿ ٻڌندي چيائين ”سائين اهو ننڍڙي مٺل جي علاج ... ... ... ... ... ... ... ” اڳتي ڳالهائي نه سگھيو.
وڏي خليفي کڙڪندي چيو، ”فقير! سائين جي لنگر ۾ نذرانو ڏيندي بيماري کان گھٻرائين ٿو، سائين تنهنجي گھر ۾ ويٺا آهن، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپئي؟ سڀيئي ڏک، درد سائين جي صدقي ختم ٿي ويندا.“ ۽ پوءِ وڏي خليفي سائين کي عرض ڪيو، ”سائين، فقير عنايت عرس ۾ گابو ٿو ڏئي، قبوليت لاءِ دعا فرمايو“. سائين دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ هر طرف کان آمين، آمين جي صدا لڳي ويئي، سائين پوءِ چاچا جي گھران اٿي ٻئي پاسي روانا ٿيا. واپسيءَ تي سائين هڪ غريب ڳوٺ جي ”تبليغي سفر“ ۾ ڏهاڪو کن ڍور ۽ ڪيترا ئي مڻ ڪڻڪ گڏ ڪرڻ کانپوءِ روانا ٿي ويا.
مان به ٻيءَ صبح جو، چاچا کي ڪجھ پئسا زوريءَ ڏيئي واپس ٿيس ۽ اهو ارادو ڪيم ته چاچا لاءِ پئسن جو بندوبست ڪري واپس ايندم.
تقريباً ٽن هفتن کانپوءِ، مان ۲۵۰۰۰ کڻي چاچي عنايت جي گھر ويس، پر اجڙيل چاچو ۽ اجڙيل سندس گھر ڏسي اندازو ٿي ويو ته عرس ۾ چاچا عنايت گابو نه پر ننڍڙو مٺل ڏئي ڇڏيو هو.


No comments:

Post a Comment