Monday, October 19, 2015

سڃاڻپ جي ڳولا ۾ سرگردان ڪردارن جو ليکڪ - امر لغاري

سڃاڻپ جي ڳولا ۾ سرگردان ڪردارن جو ليکڪ
امر لغاري
وي ايس نائيپال کي اڪيلائي، جلاوطني ۽ سڃاڻپ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ڪردارن جو ليکڪ پڻ سڏيو وڃي ٿو. اڄ جي ذڪر ۾ ڪجھه ڳالهيون پاڻ هن جي اهڙن موضوعن بابت ڪنداسين. شروعات ڪريون ٿا هن جي نوبيل انعام واري تقرير ۾ ڪيل ان انڪشاف سان، جنهن ۾ هن چيو هو ته فرانسيسي ناول نگار مارسل پرائوسٽ جيئن هو به وجدان تي ڀروسو ڪري لکندو رهيو آهي. سندس ئي لفظ آهن ته:


I have trusted to intuition. I did it at the beginning. I do it even now. I have no idea how things might turn out, where in my writing I might go next. I have trusted to my intuition to find the subjects, and I have written intuitively. I have an idea when I start, I have a shape; but I will fully understand what I have written only after some years ...
”مونکي وجدان تي ڀروسو آهي. مون شروع ۾ ان تي ڀروسو ڪيو؛ مان هِن وقت به (ان تي) ڀروسو ڪيان ٿو. منهنجي ذهن ۾ اڳواٽ اهڙو خيال نه هوندو آهي ته شيون ڪهڙي شڪل اختيار ڪنديون، ڪهڙي جاءِ تي مان ڪا نئين شيءَ شروع ڪندس. مون موضوعن جي ڳولا لاءِ وجدان تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ مون وجداني ڪيفيتن هيٺ لکيو آهي. جڏهن مان لکڻ شروع ڪندو آهيان ته مون وٽ هڪ خيال هوندو آهي، مون وٽ هڪ شڪل هوندي آهي؛ پر مون ڇا لکيو آهي، اهو مان مڪمل طور فقط ڪجھه سالن کان پوءِ ئي سمجھي سگھندو آهي.“
هو پرائوسٽ جي ڪتاب Against Sainte-Beuve جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته پرائوسٽ Sainte-Beuve جي ان خيال سان سهمت ناهي ته ڪنهن به ليکڪ جي لکڻيءَ کي پرکڻ ۽ پرجھڻ جو رستو اهو آهي ته ”ليکڪ“ جي ٻاهرئين پاسن يا ان جي زندگيءَ جي تفصيلاتن بابت ڄاتو وڃي! ان جي ابتڙ پرائوسٽ جو خيال آهي ته ڪنهن به ليکڪ جي سڃاڻپ لاءِ لازمي آهي ته اسان ان مختلف ”پاڻ“ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريون، جيڪو اسان جي اندر ۾ رهي ٿو، جيڪو اڪيلو ئي ڪتاب جو خالق آهي.
سر وِديا پنهنجي باري ۾ انڪشاف ڪندي چوي ٿو ته ”مان جيڪو ڪجھه آهيان سو سمورو پنهنجن ڪتابن ۾ موجود آهيان. منهنجي آخري ڪتاب ۾ منهنجا سمورا اڳيان ڪتاب موجود هوندا آهن. منهنجي شخصيت جو جيڪو ٿورو گھڻو ٽڪڙو رهجي وڃي ٿو، سو بي ترتيب ٿيو، هيڏانهن هوڏاهن وکريو پيو هوندو آهي. اهو منهنجي ايندڙ ڪتاب جو موضوع بڻبو آهي.“
اهڙي ريت هن نه فقط پنهنجي پڙهندڙن پر پنهنجن ناقدن کي اهو  موقعو ڏنو ته هن کي هن جي لکڻين مان پرکيو وڃي. نتيجي ۾ جڏهن سندس ڪتابن توڙي نجي زندگيءَ کي سامهون رکي مٿس لکيو ويو ته کوڙ ساريون متضاد ڳالهيون به سامهون آيون. نائپال پنهنجي ان تقرير ۾ پنهنجي لکڻ پڙهڻ، ڪتابن، پنهنجي جنم ڀومي چاگواناس Chaguanas (ٽرنيڊاڊ ٻيٽ جي هڪ بستي يا شهر)جنهن کي اتان جا هندستاني ”چوهاڻ“ ڪري سڏيندا هئا، ويسٽ انڊيز، هندستان، لنڊن، اسپين، آفريڪا ۽ بيٺڪيت جو ذڪر ڪيو آهي. هو ٽرنيڊاڊ جي تاريخ تي پنهنجو ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيترائي سال برٽش ميوزم ۾ محفوظ ڪيل اسپيني دؤر وارا ڪاغذ پڻ ڦلهوڙيندو رهيو. جتي هن کي انگلش هيرو سر والٽر ريلي جي ايلڊوراڊو El Dorado (هڪ تصوراتي شهر)کي ڳولهڻ واري بي مقصد مهم جوئيءَ جو احوال پڻ مليو.  هن کي اهو پڙهي تعجب ٿيو ته ڪيئن نه سر والٽر ريلي ٽرنيڊاڊ تي حملو ڪري اسپينين جو قتل عام ڪيو، ۽ اتان پوءِ ڏکڻ ايٽلانٽڪ ۾ ڇوڙ ڪندڙ 1500 ڪلوميٽر ڊگھي اورينوڪو درياهه جا پاسا ڏيئي ايلڊوراڊو نالي ان تصوراتي شهر کي ڳوليندو رهيو، جنهن جي باري ۾ سورهين صديءَ جي يورپي سياحن جو خيال هو ته اتي دولت آهي ۽ اتان سُون لڀي ٿو. نتيجي ۾ هن کي ڪجھه به ڪونه لڌو، ۽ هو واپس انگلينڊ موٽي آيو، ۽ چيائين ته هو اتي پهتو هو، جنهن جي ثبوت طور ماڻهن کي هو هڪ اڌ سُون جو ٽڪر ۽ واريءَ جو نمونو ڏيکاريندو هو. ماڻهن جڏهن کيس ڪوڙو ڪيو ته هن کي جيل ۾ وڌو ويو، وري هڪ اڌ چانس ڏيئي واپس موڪليو ويو. هن جي ڪوڙن مٿان ڪوڙن ڪري هن جو پٽ صدمي ۾ مري ويو، ۽ آخرڪار کيس ڦاسي چاڙهيو ويو.
نائپال کي هڪ ليکڪ توڙي انسان طور سمجھڻ لاءِ هن جي ڪتاب  The Mimic Men کي پڙهڻ ضروري آهي، جنهن ۾ ڪيريبين ٻيٽ آئيزبيلا کي آزاد ملڪ طور ڏيکاريو ويو آهي جنهن جا ماڻهو اڃا به غلاميءَ واري سائڪيءَ ۾ ڦاٿل آهن، ۽ پنهنجن انگريز آقائن جون مقالون ڪري ”غلامي کان مٿي چاڙهي“ جو ڪوڙو اظهار ڪندا رهن ٿا. ”نقالي ماڻهو“، دک درسيءَ جي فلسفي هيٺ لکيل ناول آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي مادر ڀوميءَ جي سڃاڻپ لاءِ حيلا وسيلا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. پر الميو اهو آهي ته ڪالوني هيٺ رهڻ ڪري هنن جي نفسيات ۾ اها ڳالهه گھر ڪري وئي آهي ته هو اڪيلا، بي گھر، پنهنجي جنم ڀوميءَ کان ڪٽيل، اصليت وڃايل ۽ گھٽ درجي جا ماڻهو آهن، ۽ ڪاميابيءَ جو راز آقائن جي ٻولي سکڻ، مذهب، ثقافت ۽ هنن جي دنياداريءَ واري طريقي جي پيروي ڪرڻ ۾ ڇُپيل آهي، جنهنڪري هو پنهنجي مذهبن، ثقافتن، ٻولين، روايتن ۽ نسلن کي آقائن the colonizer جي نسبت ۾ گھٽ ۽ نيچ سمجھڻ تي هريل آهن، ۽ پنهنجي هجڻ جو اظهار سامراجي ثقافت جي نقل ۽ تقليد سان ڪن ٿا.
سر وديا جو ٻيو مشهور ناول A Bend in the River آهي جيڪو مرڪزي آفريڪا کي فوڪس ڪري لکيو ويو آهي. سليم نالي انڊين دڪاندار آفريڪا جو ساحل ڇڏي اندر يعني وچ (دل) ڏانهن، جتي درياهه کي موڙ آهي، اتي پنهنجي آگبوٽ نيئي پنهنجي قسمت آزمائي ڪرڻ وڃي ٿو. درياهه جو موڙ اصل ۾ هڪ اهڙو استعارو آهي، جتي پراڻي آفريڪا ۽ نئين آفريڪا جي حد بندي ٿئي ٿي. سليم اوائلي آفريڪا ڇڏي نئين آزاد آفريڪا ۾ پنهنجو مستقبل تلاش ڪرڻ لاءِ نڪري پوي ٿو. پر (نائپال مطابق) کيس ڪافي جاين تي مايوسي پڻ  ٿئي ٿي، پر پوءِ به هو ان معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو ٺهيل شيون ڊهنديون ڏسي ٿو. ڪالونيل ماسٽر جي وڃڻ کان پوءِ قومپرست ڊڪٽيٽر جي هٿ ۾ آيل حڪومتي فوج ۽ طاقتور گروهن وچ ۾ پاور حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سڄو آقائي ٺهيل ٺڪيل سماج ڊهندو محسوس ڪري ٿو. اسمگلنگ، ڪرپشن، لٽ مار، قتل غارتگريءَ جي وچ ۾ رهندي به هو ڪجھه نه هجڻ کان ڪجھه هجڻ کي بهتر سمجھي ٿو. ناول هن جي هيٺين لفظن سان شروع ٿئي ٿو:
 “The world is what it is; men who are nothing, who allow themselves to become nothing, have no place in it."
نائپال ناول ۾ اهو تاثر ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آفريڪي ڪارن يا آفريڪي سماج کي فقط سامراجي گورن ئي دنيا سان گڏائي هلايو پئي. ڇو ته هُنن آفريڪا جا شهر آباد ڪيا، فيڪٽريون لڳايون، اسڪول کوليا، رستا ٺاهيا، ۽ انهن کي ”مهذب“ بنايو، جيئن ڪونراڊ جو خيال هو. پر هن جي وڃڻ کانپوءِ اهي ئي جھيڙا، اهو ئي ڪاروباري تنزل، ڦر لٽ، قتل غارتگري ۽ اونداهي. اهو ناول اهو ظاهر ڪري ٿو ته آفريڪا کي انگريز آقائن کان آزادي جي وڏي قيمت چڪائڻي پئي آهي، ۽ هڪ پُرخطر خانه جنگيءَ واري آزاديءَ کان هڪ منظم، پُرامن، ڊڪٽيٽرشپ (غلامي) وڌيڪ بهتر آهي. نائپال جي ان ناول ۽ جوزف ڪونراڊ جي ناول ”دي هارٽ آف ڊارڪنيس“ تي قومپرستن ۽ دنيا جي آزادي پسندن پاران ڇتي تنقيد پڻ ٿي آهي.
هن جو ناول A House for Mr. Biswas دنيا جي بهترين ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو. ٻين ناولن جيئن هن ناول ۾ به نائيپال پوسٽ ڪالونيئل منظرنامي ۾ موهن بسواس نالي هڪ شخص کي پاڻڀرو، آزاد ۽ خودمختيار ٿيڻ جي جدوجهد ڪندي ڏيکاريو آهي. ليکڪ هن ناول ۾ فرد جي اڪيلائي، مونجهارن ۽ انڪار جهڙن مسئلن کي مهارت سان بيان ڪيو آهي. ڪنهن حد تائين هيءُ هڪ آتم ڪٿائي ناول جي زمري ۾ اچي ٿو، ڇو ته چيو وڃي ٿو اهو ناول نائيپال پنهنجي پيءُ جي زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي لکيو آهي. ناول هڪ اهڙي جذباتي دکدائڪ ماضيءَ کي فوڪس ڪري ٿو ، جنهن ۾ ناول جي هيرو کي اڪيلائي ۽ جلاوطنيءَ جا درد ڀوڳيندي زندگيءَ ۾ مقصد کي تلاش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. گھر جي آرزو ۽ پنهنجو گھر نه هجڻ جو خال هن اندرئين ۽ ٻاهرين زندگيءَ ۾ هڪ اهڙي ڪشمڪش پئدا ڪري ٿو جو مسٽر بسواس کي پنهنجي آس پاس جي ماحول کان گھن اچڻ شروع ٿئي ٿي.
بسواس پنهنجي چاچي جي اسٽور تان نوڪري ڇڏي جڏهن سائن بورڊ پينٽ ڪرڻ جو ڌنڌو اختيار ڪري ٿو ته اتي هنومان هائوس جي تلسي خاندان جي هڪ ڇوڪري شمع سان سندس معاشقو ٿي وڃي ٿو، جيڪو شاديءَ ۾ تبديل ٿي کيس بنان ڏيج ۽ بغير پئسي جي تلسي هائوس عرف هنومان هائوس ۾ منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو. موهن کي اتي جلد ئي اهو احساس ٿئي ٿو ته تلسي فيمليءَ جو هنومان هائوس به هڪ طرح سان برطانوي بيٺڪيت ويسٽ انڊيز جهڙو ئي آهي، جتي ماڻهوءَ جي نه پر ڇوڪريءَ جي مڙس يا مزور جي ضرورت آهي. يا سندس موجودگي ناموجودگيءَ Nonexistent جي برابر آهي. تلسي هائوس ۾ هن سان ناموزون رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو، جنهنڪري هن جو اندر ”مٺي بغاوت“ تي لهي اچي ٿو.هو اتي آريان نالي هڪ ”پروٽيسٽننٽ“ هندو گروپ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو جيڪو مذهب تبديل ڪرڻ، عورتن جي تعليم جي حمايت ۽ ذات پات، ننڍي عمر جي شادي ۽ بت پرستيءَ جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هو. هن اهو انڪري ڪيو ٿي جو اهو هن جي ساهرن کي پسند نه هو، هن هنن جي ان مخالفت ۾ ئي پنهنجي پاڻ کي مضبوط، پنهنجي ”هجڻ“ جي احساس کي محسوس ڪيو ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هن پنهنجي گھر، پاڻڀرائپ ۽ اڪيلائيءَ کان ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ۽ محنت تيز ڪري ٿي ڇڏي. ان جو اظهار اسان ناول جي تعارفي حصي ۾ پڙهي سگھون ٿا.
How terrible it would have been, at this time, to be without it; to have died among the Tulsis; amid of the squalor of that large, disintegrating and indifferent family; to have left Shama and the children among them, in one room; worse, to have lived without even attempting to lay claim to one’s portion of the earth; to have lived and died as one had been born, unnecessary and accommodated.

نائيپال جو تخليق ڪيل ادب شاندار آهي، پر هن جي شخصيت متضاد! هن تي ايڊورڊ سعيد، ترڪيءَ جي نقاد محمد باقري ۽ ٿيرو جهڙي ذهين دوست ۽ شاگرد ڇتي تنقيد پڻ ڪئي آهي. پال ٿيرو، نائيپال جي پاڪستاني زال جي هن جي ڪتابن بابت طنزيه ۽ چڙ ڏياريندڙ راءِ زني سبب هڪ وڏي عرصي تائين هن کان نه فقط ناراض رهيو پر نائپال خلاف لکندو به رهيو. هن جو چوڻ هو ته ”نادره جي غير ذميوار بيانن تي نائپال ڪو به ردعمل ظاهر ڪونه ڪيو، بلڪه هن جي طرفداري ڪندو رهيو!“.پر ويجھڙائي ۾ الاهي سالن بعد هنن ٻن وڏن ليکڪن جو پاڻ ۾ سرچاءُ ٿيو آهي. نائيپال هاڻ گھڻو جھونو ٿي چڪو آهي. چون ٿا ته تازو جڏهن پال ٿيرو هڪ ادبي فيسٽيول ۾ هن جي ناولA house for Mr Biswas جي تعريف ڪئي ته هن بي اختيار روئي ڏنو. ناول ۾ ڇو ته هن جي فيملي تاريخ کي ڪنهن حد تائين ڇهيو ويو آهي، انڪري ڪراڙپ ۾ ان جي يادگيري ڪنهن ايذاءُ کان گھٽ ناهي.

No comments:

Post a Comment