Sunday, August 30, 2015

چار حڪيم

چار حڪيم
ٻالڪ ڪهاڻي

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ وڏو حڪيم رهندو هو. هوُ غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. انهيءَ ڪري سڀئي ماڻهو کيس گهڻو پيار ڪندا هئا.
هڪ دفعي اهو حڪيم اهڙو اچي بيمار ٿيو جو ماڻهن کي پڪ ٿي وئي ته هاڻ نه بچندو. ننڍا وڏا، ٻار ٻچا، پوڙها پڪا سڀئي هن جي کٽ کي وڪوڙي ويا. هنن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. اوچتو حڪيم اکيون کوليون ۽ سڀني ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته اوهان ڇو ٿا رويو؟


هنن سڀني گڏجي چيو، اسان کي ارمان آهي ته اوهان اسان کان وڇڙي رهيا آهيو. هاڻ اسان جو ڪير آهي؟ جو اوهان وانگر آئيءَ ويل اسان جي مدد ڪندو.
حڪيم چيو؛ ”خدا جو حڪم آهي، ان کي ڪير به ٽاري نٿو سگهي. توهان ڪو به خيال نه ڪريو. آئون اوهان لاءِ چار وڏا حڪيم ڇڏي ٿو وڃان، جيڪي بنا اُجوري اوهان جي خدمت ڪندا رهندا.“
ماڻهن پڇيس؛ ”اهي ڪهڙا  چار حڪيم آهن؟
حڪيم ورندي ڏني؛ ”اهي چار حڪيم هي آهن:
پهريون حڪيم: صبح جو سوير اٿي ڪسرت (ورزش) ڪجي.
ٻيو حڪيم: روزانو ڏندڻ ڪجي.
ٽيون حڪيم: صبح جو  روز وهنججي.
چوٿون حڪيم: وقت سان ماني کائجي.
انهن چئني حڪيمن جي چوڻ تي هلندؤ ته اوهان سدائين تندرست گذاريندؤ.“
ايئن چئي حڪيم کڻي اکيون پوريون.
حڪيم جي وفات کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن حڪيم جي صلاحن تي عمل ڪيو ۽ واقعي هو پوءِ گهڻن ئي مرضن کان ڇُٽي پيا ۽ تندرست گذارڻ لڳا.


No comments:

Post a Comment