Saturday, August 29, 2015

ڪکن ۾ ڪو نه ايندو - مٺل جسڪاڻي

ڪکن ۾ ڪو نه ايندو
مختصر ڪهاڻي
مٺل جسڪاڻي
جيتوڻيڪ عيد جي رات هئي، پر ايتري دير ٿي چڪي هئي، جو سڄو ڳوٺ عام معمول وانگر اوندھ ۾ ٻُڏل هو. گهر ۾ ٻيا ته سڀ ڀاتي سمهي رهيا هئا، صرف پوڙهي جاڳي پئي. ان ڪري ٿوري روشني هئي.
پوڙهي پُٽن ۽ ڌيئرن جي ڪا ڳالھ نہ مڃي، مُڙس جو دليل به رد ڪري ڇڏيائين ۽ در ۾ اکيون وجهيو جاڳي پئي.
آڌيءَ وارو پهر به گذري چڪو هو، پر پوڙهيءَ کي اڃا آسرو هو.


پوئين رات جڏهن پوڙهو جاڳيو. گهر ۾ روشني ڏسي، کٽ تان لهي، اڱڻ ۾ آيو. هن به سمجهيو هو ته شايد پهچندي پهچندي دير ٿي ويس. هاڻ پهتو آهي، ته آئون به ساڻس ملي وٺان، سڪ لاهي وٺان...
اڱڻ ۾ جڏهن ٻيو ڪير نه ڏٺائين ته پوڙهيءَ زال کي چيائين؛ ”مون تو کي چيو، پر تو نه مڃيو! مون تي تون ڀلي اعتبار نه ڪر! منهنجي ڀائٽئي تي به يقين نه ڪر! پُٽن جي ڳالھ تہ مڃ. جيڪو سال پڄاڻان هتي نه آيو، جيڪو مامي جو ڪانڌي نه ٿيو، جنهن چاچي جي تعزيت نه ڪئي، جنهن هتان ڪشالا ڪري وٽس پهتل پيءَ کي وقت نه ڏنو، جنھن مھمان ٿي سيل سڳي ڀاءُ کي به نوڪر وانگر رهايو، اهو عيد تي جيجل ماءُ وٽ ڪيئن ايندو؟“
”عيد جي سڳوري رات آهي، صبح سوير اٿي، سڀني سان گڏ عيد ڪرڻي آهي. گهڙي سوا سمهي آرام ڪر...“ پوڙهي، سڏڪندڙ لھجي ۾ ڳوڙھا ڳاڙيندي، پورھيءَ کي چيو؛ ”هُو سوئرن جي شهر ۾ رهي سوئر ٿي پيو آهي. هاڻي پنهنجي ڪکن ۾ ڪو نه ايندو...“


1 comment: