Friday, August 28, 2015

دوش بدوش، خانه بدوش - منظور ڪوھيار

دوش بدوش، خانه بدوش
(Writer`s Café at Hyderabad Sindh)
منظور ڪوھيار
ملان، مڇي کائڻ کانپوءِ، ڏٺو ته مست اڃا خيالي پلائن پچائڻ ۾ مصروف آهي، ته هن سوچيو ته مست جو خيال مٽ ڪجي. ائين نه ٿئي ته وري مڇي پلاءَ واري خيال تي نه موٽي اچي ۽ گھپي ڪري. سو هڪدم پڇيائينس؛ ”مستانڙا خانه بدوشن جو ديرو ڏٺو ٿي؟“
مستانڙي ڳٽڪ ڪندي، نهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ملان سٿر ڪٽيندي وراڻيو؛ ”ابؤل! تون ته صفا ڪو درويش آن. حيدرآباد ۾ هُل لڳا پيا آهن. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي بلي! بلي! لڳي پئي آ. تو کي ڪا خبر ئي ڪونهي؟!“


”اتي مڇيءَ جو پلاءُ ملندو آ؟“ مستانڙي کي هڪدم مڇي جو پلاءُ ياد اچي ويو. اتي ملان دل ۾دبرندي چيو؛ ”چريي کي چيائون؛ چريا چڪ نه پائجانءِ! .... چريي چيو؛ چڱو ٿيو ياد ڏياريئي!“
پوءِ ملان ڳالھ کي ڦيرائيندي زور سان ٻڌائيندي چيو؛ ”رڳو مڇيءَ جو پلاءُ؟!.. هر قسم جا ٻوڙ پلاءَ ... ڪالم قورمي کان وٺي، ناول برياني تائين. مضمون فراءِ کان وٺي، مقالو ڪڙهائي تائين. آزاد نظم جي آمليٽ کان وٺي تتل تئي تي پڪل افسانوي چپاتي تائين. تنقيدي تنور ۾ لڳل نثري نظم واري نان کان وٺي تعريفي تبصري جي شير مال تائين... مطلب ڳالھ جو ته اتي ادبي ست رشي پئي ٿي رجھي، رڳو هلڻ جي دير آ!“
اهو ٻڌي مست جون واڇون ٽڙي ويون، هڪدم چيائين؛ ”ضرور هلبو!“
ڪل گھوڙي تي چڙهي، ڪينجھر کان ڪوٽڙيءَ تائين ور وڪڙ هڻندا، گدوءَ کان ٿيندا؛ پڇائيندي پڇائيندي راڻي باغ جي ڀڪ ۾، سنڌ ميوزم جي اندر، خانه بدوشن جي ديري تي اچي ٺڪاءُ ڪيائون.
اتي پهچي، ڇا ڏسن ته ڪاريءَ وارا ڪک. ديري تي ڪا پهر ئي ڪو نه. ٻئي ڄڻا حيران پريشان ته هي ڇا؟ ... ديريدارن کي آسمان جھپي ويو يا زمين ڳھي وئي. اوچتو ڪا ڀاڄڙ پئي يا سانگي بڻجي؛ ’لڏي ويا، ڇڏي ويا سخن جي عمارت.‘ بهرحال مست مڇرجي پيو. سمجھي ويو ته ملان هي ٻيو ڌڪ ڪڍيو آهي. هڪدم ور کنجھي رڙ ڪري ملان کي هڪل ڪندي چيائين؛ ”ملان! جي اڄ بچين ته نئون ڄائين!“
ملان چيس؛ ”مست! ايڏو به اٻهرو نه ٿي، تنهنجو منهنجو جھيڙو صدين کان هلندو اچي. نه تو کٽيو، نه مان کٽيو آ. تنهنڪري سوچڻ ڏي ته آخر ٿيو ڇا هي؟ .. ائين ته نه ٿيو آ، جيئن پارسي جي چوڻي آهي، ته؛ ”خانه خالي را، ديو مي گيرد“. (خالي گھر تي ديو جو قبضو ٿي ويندو آهي) ... مبادا ائين ٿيو هجي، ڇو جو ٻڌو آهي ته ڀر پاسي قاسم آباد ۾ قبضي خور ديو ٿا رهن، نه ٿا ڇڏن ڪنهن جو خالي گھر يا ٽيڏو پلاٽ.“
اوچتو ٻه ماڻهو واڪڙ واڪڙ ڪندا ديري اندر پهتا، شايد انهن ملان ۽ مست جي ڳالھ ٻڌي ورتي هئي، تن کين هڪدم ٻڌائڻ پنهنجو فرض سمجھيو:
”اهڙي ڪا ڳالھ ڪونهي، اهي ديريدار مالڪي وارا آهن. اسان به انهن جي دائري جا اسير آهيون. بس ٿيو ائين آهي، جو رات جو ديري تي فنڪشن ٿيو هو. ان ڪري سڀئي هوندا ٿڪل يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ستل. باقي توهان احوال ڏيو، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
ملان تڙ تڪڙ ۾ احوال ڏيڻ لڳو ته متان مست، مڇي پلاءَ جي ڳالھ ڪري ڪِنُ نه ڪري:
”اوهان جي ديري جا قصا جھر جھنگ مشهور ٿي ويا آهن. اسان جي مستانڙي يار جو اهي ٻڌا ته هڪ ٽنگ تي بيٺو نچي ته خانه بدوشن جو ديرو ڏسان. جتي عقل ۽ علم ورهائجي ٿو. مون سوچيو ته ڀلي هن کي به ٿورو علم ۽ عقل ملي، نه ته، باقي عمر به ان سرمستي ۽ خر مستي ۾ گذاري ڇڏيندو. اڪيلو ان ڪري نه ٿو ڇڏيانس، جو متان گم ٿي وڃي. پوءِ اهو ٺڪر به مون تي ڀڄندو، هرڪو چوندو ملان، مست جا ٻئي جھان گم ڪري ڇڏيا. ان ڪري دوش بدوش ٿي آيو آهيانس. توهان سان ملياسي، ٻيو مڙئي خير!“
” گھرجي به خير! جيءُ آيئو ڀلي آيئو!...اسان مان هڪ جو نالو وفا مولا بخش آهي ۽ ٻئي جو احسان راھوجو.“ ٻنهي ڄڻن تعارف ڪندي وراڻيو.
”مولا بخش مان وفا ٿئي يا نه، پر اهو يقين آهي ته وفا مان وفا ضرور ٿيندي. باقي احسان جي احسان ڪيو ته احسانمند رهنداسين.“ ملان حرف تجنيس پيش ڪندي، پنهنجي علمي لياقت جو رعب جھاڙايو.
پوءِ ”وفا“ مولا بخش پنهنجي وفا ڏيکاريندي فوٽو ڪڍيا ۽ احسان راھوجو ميزباني جو فرض ادا ڪندي ٻنهي کي انڊس هوٽل تي وٺي رفريشمينٽ ڪرائي. جڏهن ميزبانن ۽ مهمانن هڪ ٻئي کان موڪلايو، ته ڪل گھوڙي تي چڙهڻ وقت مست ساڳيو رينگٽ شروع ڪندي هيٺ لهي بيهي رهيو، چئي؛ ”جيستائين مڇي ۽ پلاءُ نه ملندو، تيستائين ڳيري جيتري وک به نه کڻندس.“
ملان کي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي، چيائينس ته جنهن پهاڪي جي آمد ٿي آهي، جي ان جي اخلاقيات ۾ اجازت هجي ته اهڙو ٻڌايانءِ جو ٺپ ٺاري ڇڏيانءِ.“
” اهڙي ڪا به ڳالھ ڪونهي، مون کي به جوابي پهاڪي جي آمد ٿي چڪي آهي. جي چئين ته سوال کان اڳ جواب ڏئي ڇڏيانءِ.“ مست به سِرَ جو جوابُ پٿر سان ڏيڻ جو اشارو ڏنس.
ملان هڪدم پاڻ کي ضابطي ۾ رکندي چيو؛ ”پر هاڻي ٿڌو سينو ڪري ڳالھ ٻڌ!.... حيدرآباد کان ڪو لاڙڪاڻو پري ناهي .... اوڏڙو ته آهي. بس پهچڻ جي دير آ. تو کي هلي ٿو، رائيس ڪئنال جي ٻانڌي تي بيهاريان. تون اتي بيهي مڇي مار. مان ويندس گھوگھاري مان سڳداسي چانور وٺڻ. لاهوري محلي ۾ ديڳ ۽ ڪفگير، لوڻ، مرچ، مصالحي ۽ گيھ جو آرڊر ڏئي ڇڏينداسين... سڀاڻي ٽاڪ منجھند جو هيڏانهن مڇي ۽ پلاءُ پيو رجھندو، هوڏانهن تون پيو رجھندين... جي بچين ته کائيندين، نه ته ڪل نفسٌ ذائقةُ الموت!“
اهو ٻڌي مست جو واڇون وري ٽڙي پيون. چيائين؛ ”اها نِيتِ آهي!“
پوءِ هڪدم ٽپ ڏئي ڪل گھوڙي تي ملان سان گڏ چڙهي ويٺو...... .

No comments:

Post a Comment