Sunday, May 31, 2015

عقل ڪڏھن موٽي مليو آھي؟

عقل ڪڏھن موٽي مليو آھي؟


ڪنهن ڏورانهين شهر ۾ وڏي رعب تاب وارو ڏاهو بادشاھ رهندو هو. هن جي رعب ۽ داٻي جي ڪري ماڻهو کانئس ڊڄندا هئا. جڏھن ته سندس ڏاهپ جي ڪري، ساڻس پيار به ڪندا هئا.


انهيءَ شهر جي وچ ۾ صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جو هڪ کوهه هوندو هو. سڄو شهر، بادشاھ ۽ سندس امير ڪبير پڻ، ان ئي کوهه جو پاڻي پيئندا هئا. ان ڪري انهيءَ شهر ۾ ٻيو ڪو کوهه ڪو نه هو.
هڪ رات جو ذڪر آهي. شهر جا سمورا ماڻهو ستل هئا. هڪ جادوگرياڻي، لڪندي ڇپندي انهيءَ شهر ۾ آئي ۽ هڪ عجيب ۽ غريب پاڻيءَ جا ست ڦڙا کوھ ۾ وجهي چيائين.
”هاڻي جيڪو به هن کوھ جو پاڻي پيئندو، سو پاڳل ٿي ويندو“.
ٻئي ڏينهن معمول مطابق شهر جي سمورن رهواسين کوهه جو پاڻي پيتو. جيئن جادوگرياڻي چيو هو، تيئن سمورا ماڻهو پاڳل ٿي ويا. جيئن ته بادشاھ ۽ وزير، اُهو پاڻي ڪو نه پيتو هو، تنهنڪري ان جي اثر کان بچي ويا.
جڏهن اها خبر شهر ۾ ڦھلي ته ماڻهو هر پاڙي جي ڪنڊ پاسي ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ لڳا. پاڻ ۾ سُسُ پُس ڪندي چوڻ لڳا:
”اسان جو بادشاھ ۽ وزير چريا ٿي ويا آهن. اسان جو بادشاھ ۽ وزير پنهنجو عقل وڃائي ويٺا آهن. اسان هڪ پاڳل بادشاھ کي پاڻ تي حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏيئي سگهون. اچو ته هن کي تخت تان لاهي ڇڏيون.“
شام جو اهو سڄو مامرو بادشاھ کي ٻڌايو ويو. هن هڪدم حڪم ڏنو ته پنهنجي هن سون جي پيالي ۾ جيڪو مونکي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ مليو هو. انهيءَ کوهه مان پاڻي ڀري اچو. ان ئي وقت حڪم جي تعميل ڪئي وئي ۽ بادشاھ جي خدمت ۾ پاڻي حاضر ڪيو ويو. بادشاھ پيالو پنهنجي چپن تي رکيو ۽ هڪ ٻه ڍڪ پي پيالو وزير کي ڏنو. وزير باقي بچيل پاڻي پي ڇڏيو.

جڏهن شهرن وارن کي اها خبر پئي، ته هنن خوشيءَ مان دهل وڄايا ته بادشاھ ۽ وزير ٻنهي کي پنهنجو پنهنجو عقل واپس ملي ويو آهي.

No comments:

Post a Comment