Saturday, May 30, 2015

بادل جمالي ۽ سندس ڪهاڻين جو فڪري پس منظر محمد صديق منگيو

بادل جمالي ۽ سندس ڪهاڻين جو فڪري پس منظر
محمد صديق منگيو
سينيئر ڪهاڻيڪار بادل جمالي، ستر جي ڏهاڪي جو اهم ۽ نمايان تخليقڪار آهي، جنهن اسيءَ جي ڏهاڪي تائين سنڌي ادب کي شاهڪار ڪهاڻيون ڏئي، نه رڳو سنڌي ڪهاڻيءَ جي اعليٰ روايتن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو قلمي ڪاپو ڪيو، پر انهن روايتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ به تخليقي پورهيو ڪيو.


ستر وارو ڏهاڪو، سنڌي ڪهاڻيءَ جو ترقي پسند ادبي ڌارا ۽ سماجي حقيقت پسنديءَ کان بغاوت وارو دور هو، جڏهن سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ فرائيڊ جي ٿيوري ايگو (Eggo) ۽ سپر ايگو (Super Eggo) واري لاڙي کي، جديد سنڌي ادب ۾ جادوئي حقيقت نگاري (Magic Realism) جو نالو ڏئي اپنايو پئي ويو. ان لاڙي هيٺ سنڌي ڪهاڻي اجتماعيت ۽ خارجي اثرن مان نڪري، فرد جي اندروني ڀاونائن ۽ ذهني ڪيفيتن کي موضوع پئي بڻايو. اها سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻاهر کان اندر ڏانهن موٽ هئي. آءُ ادب جي ان لاڙي جو مخالف نه آهيان. ان ڪري، ته عالمي ادب ۾ ايندڙ نون لاڙن جي حوالي سان تجربا ٿيڻ گهرجن. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ تبديلي جي سگهه به آهي. ان ڪري ته اڄ تائين پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي اچي، پر چوڻ آکڻ جي ڳالهه آهي، ته ان نئين تجربي کي وقتي پذيرائي ته ملي، پر ان گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو ۽ اهو تجربو ناڪام ويو، پر نتيجي ۾ سنڌي ڪهاڻي پنهجو اوج ۽ عروج وڃائڻ لڳي.
بادل جمالي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان ڏکئي دور جي انهن ٿورن ڪهاڻيڪارن مان هڪ برجستو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن ان دور ۾ به سماجي حقيقت نگاريءَ تي بهترين ۽ شاهڪار ڪهاڻيون لکيون. جن ۾ ”کتيرو“، ”خفتي“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. تن ڏهاڙن ۾ هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي سينٽر ۾ هو، جتي منهنجو پراڻو دوست قربان چنا به نوڪري ڪندو هو. انهن ڏهاڙن ۾ (شايد 75-1974ع) قربان چنا ”ڪينجهر آرٽس ڪائونسل“ نالي سان تنظيم قائم ڪئي هئي. بادل جماليءَ سان منهنجي پهرين ملاقات به قربان چنا جي معرفت ريڊيو پاڪستان ڪراچي سينٽر ۾ ٿي هئي.
بادل جمالي سنڌ جو اهو سينئر ڪهاڻيڪار آهي، جنهن وٽان مون سميت سنڌ جي کوڙ نوَن لکندڙن تخليقي اتساهه ماڻيو آهي. هو ڌرتيءَ جي مٽي ۽ ڪک پن سان پيار ڪرڻ وارو ڏات ڌڻي آهي. هن وٽ اظهار بيان جي ندرت به آهي، ته انداز بيان ۾ موههَ ۽ سحر به آهي. هن وٽ فڪري اُڇل  به آهي، ته ڪمال جي ڪرافٽنگ به آهي. سندس ڪهاڻين جي ڪردارن جا پير ڌرتيءَ تان ڇڏايل نه، پر کُتل آهن. هو گهڻو ڪري سماجي اڻ برابري، ماڻهوءَ جي مجموعي ويڳاڻپ، بي پهچ ۽ ڏکن ماريل انسانيت، ڌرتيءَ جي ڏکن ڏاکڙن ۽ پيار کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻائي ٿو. پر هو جڏهن انساني انبوهه مان چونڊي ڪو اڇوتو ۽ لافاني ڪردار کڻي ٿو، ته ان کي ڪردار نگاري ۽ جذبات نگاري جي ڪمال فن سان پيش ڪرڻ جو هُنر به رکي ٿو. ائين، جو بظاهر سماج، ۾ ساهه کڻندڙ ۽ عام لڳندڙ ڪردار پنهنجي گڻن، انوکي ڪردار ۽ سُرهي سوچ سان سماج جا وڏا ڪردار بڻجي پون ٿا. جيئن ”خان بلڊرزائيڊ ڊيولپرز“ جي ماسي حليمان، ”کتيرو“ جو شادمان ”ڀورو گلاڻي“ جو ڀورو گلاڻي وغيره هو سماج جي انهن جينئس ڪردارن کي اهڙي ته هنرمنديءَ سان پيش ڪري ٿو، جو اهي ساهه پساهه کڻندڙ ڪردار بڻجي پڙهندڙ سان گڏوگڏ هلن ٿا. نه رڳو ايترو، پر نئين لکيل ڪهاڻي ”جيجل“ ۾ گڏهه جهڙي ڌتڪاريل جانور جي ڪردار ۾ احساسن جا اهڙا ته رنگ ڀريا اٿس، جو لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ۽ دل، دماغ ۾ گڏهه لاءِ همدرديءَ جون لهرون ڇُلي ٿيون پون.
سٺا ليکڪ حساس هوندا آهن، اهو حساس پڻو ئي ته هوندو آهي، جيڪو سندن تخليقن جي ڪينواس تي احساسن جا رنگ ڀري، حقيقتن مان اثرانگيزيءَ کي اڀاريندو آهي. بادل جماليءَ وٽ به حقيقتن ۾ احساسن جا رنگ ڀري، اثرانگيزي پيدا ڪرڻ جو ججهو ڏانءُ آهي. سندس ڪهاڻيون، سندس اندر ۾ لُڇندڙ ڪيفيتن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ آهن. ان ڪري ته هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ پنهنجي ئي تخليق ڪيل ڪردارن جي درد جي شدت تي ابهم ٻالڪ جيان سُڏڪي پوندو آهي ۽ خوشين تي ٻارڙن جيان گد گد ٿي ٽڙي پوندو آهي. منهنجي ان دعويٰ کي مشاهداتي دليل جي پٺڀرائي آهي. مون سندس حساس هِردي جا ڪيفيتي پنا پاڻ پڙهي ڏٺا آهن. 2014ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي ڪلاس ۾ پنهنجي نئين لکيل ڪهاڻي ”جيجل“  پڙهي هئي، تڏهن ان ڳالهه تي ويتر ويساهه پختو ٿي ويو هئم، ته ڪهاڻيءَ ۾ جذبن کي اُڀارڻ ۽ آٺريل ذهنن ۾ مانڌاڻ مچائڻ جي سگهه ضرور هجي ٿي. هن جڏهن ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي، ته نه رڳو سائين مير محمد پيرزادو، محمد علي پٺاڻ، منور سراج، فياض چنڊ ڪليري، ساحر راهو، سائل پيرزادو، حنيف سومرو، ماڻڪ ملاح ۽ مون سميت گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ سمورا دوست، ڪهاڻيءَ ۾ شامل درد ۽ اثرانگيزيءَ جي وهڪري ۾ وهي سُن ٿي ويا هئاسين، پر ڪهاڻي پڙهڻ دوران اُپڙيل احساسن جي شدت کان سندس ڳلو به ڀرجي پئي آيو ۽ آواز نِڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيس ۽ پوءِ لڙڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ سندس اڻ جهل اکين جا نار ٽمي پيا هئا.  هن ٽيهن سالن جي وڇوٽيءَ کان پوءِ ”جيجل“ ڪهاڻي لکي هئي، جنهن مان اها ڳالهه پٽ پڌري ٿئي ٿي، ته هو پنهنجي تخيلقي ڏات ۾ اڄ به نه رڳو سدا جوان پر سدابهار به آهي. سندس ڪهاڻيءَ ۾ اڄ به اثرانگيزيءَ جي ساڳي پالوٽ آهي، جيڪا اکين وسيلي دل ۽ دماغ تي واسو ڪري، پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. ”جيجل“ سندس شاهڪار احساساتي ڪهاڻي آهي، ائين جيئن ڊگهي وڇوٽيءَ کان پوءِ حميد سنڌيءَ ”مرين، ته آرهڙ ۾ مرجانء“ جهڙي شاهڪار ڪهاڻي لکي هئي. بادل جماليءَ جون نيون لکيل ڪهاڻيون ان اتساهڪ ڳالهه جون ساکي آهن، ته هو اڄ به فڪشن کي حقيقت ۽ حقيقت کي فڪشن جو روپ ڏيڻ تي اوتري ئي قدرت رکي ٿو، جو ڪهاڻي جو فڪشن جي دائري ۾ رهندي به حقيقتن کي اُجاگر ڪري ٿي.
بادل جماليءَ وٽ جزئيات نگاريءَ جو وڏو ڏانءُ آهي. هو ڪهاڻيءَ جي منظرن ۾ جزئيات ائين بيان ڪري ٿو، ڄڻ اکين اڳيان آرٽ موويءَ جا منظر پيا هلن. سندس لڳ ڀڳ هر ڪهاڻيءَ ۾ ان تخليقي هنر جو ڪمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو ڪردارن جي انت اونهائين ۾ ايترو ته لهي ٿو وڃي، جو ڄڻ پاڻ ڪردار بڻجي ٿو وڃي ۽ پوءِ ڪردارن جي پيڙائن، ڀوڳنائن ۽ ننڍن ننڍن احساسن کي سادن سُودن ۽ ٿڌن مٺن لفظن ۾ تخليقي طنز سان اهڙي گهرائي سان ڪهاڻيءَ ۾ پلٽي ٿو ڇڏي، جو پڙهندڙن جي ذهنن کي مهميزون ملڻ ٿيون لڳن ۽ ڪهاڻي روح تائين لهي ويندڙ اثرانگيزيءَ جو عنوان بڻجي ٿي وڃي.
بادل جماليءَ جون اڪثر ڪهاڻيون طويل هونديون آهن، پر انهن ڪهاڻين جو پنهنجو گهربل ڦهلاءُ هوندو آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي اڻ ٽر گهرج به هوندو آهي. ان ڪري، ته بادل جمالي سنڌ جو اهو سينيئر ۽ انصاف پسند ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو پنهنجي ڪهاڻيءَ جي ڪنهن به ڪردار جي احساساتي پاسي کي سرسري ۽ روايتي ٽريٽمينٽ ڏيڻ سان مطمئين نٿو ٿئي. هو ڪردارن جي اڌمن، جذبن ۽ احساسن کي اڌ ڇُهيو ۽ تاسارو نٿو ڇڏي. ڪردارنگاريءَ جي اهائي انوکي ڏات کيس ٻين ڪهاڻيڪارن ۾ منفرد حيثيت ڏياري ٿي. سندس ڪهاڻيون گهڻو ڪري زميني حقيقتن تي آڌاريل ۽ ڳوٺاڻي سماج کان کنيل موضوعن تي لکيل آهن. هن شهري حسيت تي به ڀلوڙ ڪهاڻيون لکيون آهن، پر جيڪا وسعت، گهرائي، ٻوليءَ جي سلوڻائي ۽ تخليقي جوهر سندس ڳوٺاڻي موضوع وارين ڪهاڻين ۾ اُڀري اثر ڇڏي ٿو، اهو شهري حسيت وارين ڪهاڻين ۾ گهٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. شايد ان ڪري، ته هو پاڻ به ٻهراڙيءَ جو ڄائو نپنو آهي. ڳوٺاڻي جيوَت ۽ فطرت جا نج پج عڪس سندس اکين ۽ ذهن ۾ سانڍيل آهن. ان ڪري وٽس ٻهراڙيءَ وارو ٺاهوڪو ڊڪشن آهي، جنهن کي محاوريدار ٺيٺ ٻولي وڌيڪ سگهه ڏني آهي. اهو سڀاويڪ به آهي. ان ڪري، ته جيئن دلچسپ گفتگو ٻڌندڙن جو سمورو ڌيان ڇڪائي وٺي ٿي، تيئن وڻندڙ ٻولي به ڪهاڻيءَ جي مطالعي جي موهه کي وڌائي ٿي. رُکي ۽ آلوڻي ٻولي ڪهاڻيءَ جي سٺي موضوع، ميسيج ۽ اثر کي به گهٽائي ڇڏيندي آهي.

بادل جماليءَ جو تخليقي پورهيو اسان جو ادبي اثاثو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو اٽوٽ حصو آهي. هو سنڌ جو اهو سينئر ۽ سڄاڻ ڪهاڻيڪار آهي، جنهن وٽان نئين ٽهيءَ سکيو ۽ اُتساهه ماڻيو آهي. هن اسلوب ۽ هئيت کان وٺي ٻوليءَ تائين نئين ٽهي کي متاثر ڪيو آهي، سندس ٽهيءَ جا لڳ ڀڳ سمورا ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ مان هٿ پٽي ويا آهن، پر سندس تخليقي ڏات جو جوهر اڄ به نت نئون آهي. هو اڄ به شاهڪار ڪهاڻيون لکي پيو.

No comments:

Post a Comment