Sunday, May 24, 2015

هڪ هنج جي ڪهاڻي

هڪ هنج جي ڪهاڻي
هڪڙو هو هنج پکي. صفا بي عقل هو. بنهه چريو چٽ. ويتر وري جو ريس ۽ هٻڇ هئس، سو ڪنهن سان به نه پوندي هئس. هٻڇ به اهڙي، جو جيڪا شيءِ ڏسي تنھن لاءِ چوي ته؛ مون وٽ هجي. سدائين پيو ٻين سان وڙهندو هو. ڀلا اهڙي هنج جو ڪير دوست ٿيندو؟ کيس ڏسي هر ڪو پيو پري ڀڄندو هو ۽ ائين چوندو هو؛ “مار! هيءُ ته ڏسو پنهنجي وتِ کان پيو ٻاهر وڃي.”


هڪڙي ڀيري انهيءَ هنج بدڪ کي تلاءَ ۾ وهنجندي ڏٺو. بدڪ جي ننڍڙي سُهڻي ڳچي ڏسي دل سرڪيس ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳو؛ جيڪر منهنجي ڳچي به اهڙي سُهڻي هجي ها! نيٺ هوريان هوريان هلندو اچي بدڪ جي ويجهو بيٺو ۽ چيائينس؛ “اچ ته پنهنجون ڳچيون مٽايون! تو کي مان پنهنجي ڳچي ڏيان ۽ تون مون کي پنهنجي ڳچي ڏي!”
بدڪ کي اها ڳالهه ٻڌي اول ته حيرت لڳي. پوءِ سوچي ويچاري چيائين ته؛ “چڱو اچ ته مٽايون.”
پوءِ هنن پنهنجون ڳچيون مٽايون.
هنج لاءِ ڀلا بدڪ جي سُهڻي ۽ ننڍي ڳچي ڪهڙي ڪم جي! ڪڏهن هيٺ پيو ڪريس، ڪڏهن مٿي پيو ڪريس. ڪڏهن پيو گول ڦيرائيس، ته ڪڏهن وري ڳچي مٿي ڪيو پيو ٽپا ڏيندو وڃي. اصل کل جهڙو ٿي پيو!
هلندي هلندي واٽ تي پَيڻ پکي گڏيس. پيڻ جو هنج کي بدڪ جي ڳچي ڏٺي، سو اچي کِل ۾ ڇٽڪي. کل اصل جَهل ئي نه ڏئيس. نيٺ کل جهلي هنج کي چيائين: “ميان تون به نه ڪي هنج آهين، نه ڪي بدڪ.”
ائين چئي، پيڻ وري اچي کل ۾ ڇٽڪي.
هنج کي اها ڳالهه ٻڌي ڪو ويچار ٿئي، سو ته نه. اٽلندو ڪاوڙ لڳس ۽ پيڻ سان جهيڙو شروع ڪرڻ وارو ئي هو ته پيڻ جي ٿيلهيءَ واري چهنب تي وڃي اک پيس. وري دل سرڪيس. پنهنجي منهن چوڻ لڳو؛ “جيڪر مون کي به اهڙي ٿيلهيءَ واري چهنب هجي ها!” نيٺ رهيو نه ٿيس ۽ پيڻ کي چيائين: “اچ ته پنهنجون چُهنبون مٽايون. تون پنهنجي چهنب مون کي ڏي ۽ مان پنهنجي چهنب تو کي ڏيان!”
پيڻ کي اها ڳالهه ٻڌي، وري اچي کل ڇٽڪي. چيائين؛ “چڱو اچ ته چهنبون مٽايون.”
هنج پنهنجي ڳاڙهي چهنب پيڻ کي ڏني ۽ پيڻ پنهنجي ٿيلهيءَ واري چهنب هنج کي ڏني.
بي عقل هنج ڀانئيو، ته ٻين پکين سان سودو ڪري پنهنجون شيون ڏيئي، سندن سهڻيون شيون هٿ ڪرڻ ڪو چڱو ڪم آهي. سو جيڪو سامهون آيس، تنهن ۾ ٿي اک وڌائين ۽ ساڻس سودو ٿي ڪيائين. ائين هن پنهنجون ننڍيون ٽنگون ڏيئي ٻگهه کان سندس ڊگهيون ۽ سنهيون ٽنگون ورتيون ۽ ڪانءَ کي پنهنجا اڇا کنڀ ڏئي کانئس سندس ڪارا کنڀ ورتا.
هٻڇي هنج جي دل، اتي به نه ڀري. واٽ تي مور گڏيس. ان جو سهڻو پڇ ڏسي، دل سرڪيس. اول ته مور سندس ڳالهه مڃي نه پئي، پر هن جي زور ڀرڻ تي نيٺ پنهنجو ڊگهو سهڻو پڇ کيس ڏنائين. ائين هنج، ڪڪڙ کان سندس ڳاڙهي ڪلنگي به ورتي ۽ کانئس “ڪڪڙو ڪوُ” ڪرڻ به سکيائين.
هاڻي توهان سوچيو ته هنج جي شڪل ڪهڙي نه بي ڊولي بيٺي هوندي!
ننڍي سُهڻي ڳچي بدڪ جي، ٿيلهيءَ واري چهنب پيڻ جي، سنهڙيون ڊگهيون ٽنگون ٻگهه جون، ڪارا کنڀ ڪانءَ جا، ڊگهو ڊگهو سهڻو پڇ مور جو، ڳاڙهي ڪلنگي ۽ ٻانگ ڪڪڙ جي. هن هٻڇي ۽ بي عقل هنج کي کڻي ڪو ذرو به خيال ٿئي. اصل نه ٽانءِ ۾ ڀرجي وڏي آڪڙ سان مڙس سيٽجي اڳتي هليو. دل ۾ ڀانئيائين ته هاڻي ته مون جهڙو سهڻو هنج پکي سڄي دنيا ۾ نه هوندو!
هلندي هلندي ڏسي ته ڪيترائي هنج پکي آهن، جي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا پيا اچن. ڀانئيائين ته ٻيلي واهه جي ڳالهه ٿي! هاڻي مان هنن تي رعب ٿو وجهان. بس منهنجا ڪم ڏسندا ته حيرت ۾ پئجي ويندا ۽ چوندا ته تون اسان سڀني جو سردار آهين. اها ڳالهه سوچي، ڪانءَ وارا ننڍا پر ٺوڪي، بدڪ واري ڳچي ڊگهي ڪري، وٺي زور سان ڪيائين؛ “ڪڪڙو ڪو!!”
هنجن، ڪڪڙو ڪو جو آواز ٻڌي، ڪنڌ جو ورايو ته هن هنج تي نظر پين. وڌي وٽس آيا ۽ حيرت ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳا؛ “ڪان، ڪان، هي ڪهڙو پکي آهي؟” هڪڙي هنج حيرت ۾ پڇيو. بي عقل هنج، پنهنجا ڪانءَ وارا پر ڦڙڪائي، بدڪ واري ڳچي مٿي ڪري، وڏيءَ آڪڙ سان جواب ڏنو؛ “مان هنج آهيان!” ۽ وري زور سان ڪڪڙ جي ٻانگ ڏني؛ “ڪڪڙو ڪو، ڪڪڙو ڪو!” ۽ پوءِ چيائين: “مان دنيا جو سڀ کان سهڻو هنج پکي آهيان. ڪڪڙو… ڪو!”
هنجن کي اچي کل ورتو. ڏسو ته بس کل ۾ پيا ليٽن. نيٺ چيائونس: “چڱو جي تون هنج آهين ته اسان سان گڏجي هل.”
هنج سڌو ويا گاهه جا ڪچڙا پن کائڻ.. ڌرتيءَ سان چهنب لڳائي، ننڍڙي گاهه جا ننڍڙي کان ننڍڙا سلا مزي سان چهنب سان پٽي کائڻ لڳا. پر هي بي عقل هنج بکئي جو بکيو رهيو. ڇو ته سندس وڏي پيڻ واري چهنب، گاهه جي ننڍن سلن کي جهلي ئي نه پئي سگهي. اها ته قدرتي طرح ائين ٺهيل هئي ته ان سان پاڻيءَ مان مڇيون جهلجن. هاڻي ڪاڏي پاڻيءَ جون مڇيون، ڪاڏي گاهه جا سلا! بي عقل هنج ڏاڍو لڄي ٿيو.
ٻين هنجن جڏهن گاهه کائي بس ڪيو، ته چيائون؛ “هلو ته هلي تلاءَ ۾ وهنجون.”
سڀ هليا تلاءَ ڏانهن. ٻيا ته گهڙيا پاڻيءَ ۾ ۽ لڳا ترڻ، پر هي اسان وارو يار ڀلا ٻگهه جي ڊگهين ٽنگن سان ڪيئن تري سگهيو ٿي! سو رڳو تلاءَ جي ڪپ تي پئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙيو. کيس ڏسي هنج لڳا کلڻ ته هن وري شروع ڪيون پنهنجون ٻانگون؛ “ڪڪڙو ڪو، ڪڪڙو ڪو…”
مڄاڻ ته اتي ڀرپاسي مان لومڙ لڪي ويٺي هئي. تنهن جو ڪڪڙ جون ٻانگون ٻڌيون، سو دل ۾ چيائين: “ٻيلي، شڪار ته واهه جو ڦاٿو آهي، پر هاڻي ڪا همت ڪريان.” سو لڪندي لڪندي اچي تلاءَ وٽ نڪتي. ڏسي ته مار! الاهي هنج پيا وهنجن. چيائين ته؛ اڄ ته ڍوَ به ڍون جهڙو ڪنديس. سو ائين ٺهي ٺڪي وٺي ٿي ٽپو ڏئي. هنجن جو ڏٺو لومڙ کي، سو “ڪان ڪان” ڪري وٺي سڀ اُڏاڻا. اک ڇنڀ ۾ سڀ اُڏامي ويا. باقي هيءُ بي عقل هنج اڪيلو رهجي ويو. ڇو ته هيڏو سارو ٿلهو متارو ڀلا ڪانءَ جي ننڍڙن پرن سان ڪيئن اُڏامي سگهيو ٿي! گهڻي ئي پر ڦٿڪايائين پر اُڏامي نه سگهيو. تڏهن ڪوشش ڪيائين ته ڊوڙي ڀڄي وڃان. سو ٻگهه وارين ڊگهين ٽنگين سان ٻه ٽي وڏا ٽپ ڏنائين پر ٿيو ڇا جو سندس مور وارو ڊگهو پڇ ڪانن ۾ ڦاسي پيو. ايتري ۾ لومڙ به اچي پڳس. اچڻ سان ڳچيءَ ۾ چڪ وڌائينس. جڏهن مٿي هوا ۾ ٻين هنجن ڏٺو ته ٻيلي اسان جي ساٿي جو سر ٿو وڃي، سو لامارا ڏئي سڀ اچي لومڙ جي مٿان پيا ۽ اچي ٺونگن سان ورتائونس. لومڙ اچي ڦاٿو. دل ۾ چيائين ته شڪار ته شڪار جي ماڳ، هي ٺونگن سان مرڳو مون کي شڪار ڪري وجهندا، سو هن بي عقل هنج کي ڇڏي وٺي ڀڳو. اجهو ائين مس مس هن جي جان بچي.
ٻن ٽن جاين تي لومڙ چڪ ته وڌا هئس، سو هنج سور کان ڪنجهي ڪنجهي نيٺ سنئون ٿي ويٺو ۽ ٻين هنجن ڏي نهاري چيائين: “اوهان جي مهرباني جو منهنجي جان بچائي اٿوَ، نه ته جيڪر اڄ منهنجي سر جو خير نه هو. پر هاڻي مان اڳتي لاءِ سبق سکيس.” ائين چئي، اتي جو اتي سڀني جي روبرو بدڪ کي سندس ننڍڙي سُهڻي ڳچي موٽائي ڏنائين ۽ کانئس پنهنجي ڳچي ورتائين. پيڻ کي سندس ٿيلهيءَ واري چهنب ڏنائين ۽ کانئس پنهنجي چهنب ورتائين. ٻگهه کي سندس ڊگهيون ٽنگون ڏنائين ۽ کانئس پنهنجون ٽنگون ورتائين. ڪانءَ کي سندس ننڍڙا پَر ڏنائين ۽ کانئس پنهنجا پر ورتائين. مور کي سندس ڊگهو سهڻو پڇ ڏنائين ۽ کانئس پنهنجو پڇ ورتائين ۽ ڪڪڙ کي ڪلنگي ڏنائين. هاڻي ساڳيو ھنج، ڪڪڙ واري ڪڪڙو ڪو وساري، هنجن جهڙو ٿي پيو.

اهي ڏينهن اهي شينهن. هنج وري ڪڏهن ڪنهن سان ريس نه ڪئي ۽ سڀني سان ٺهي هلڻ لڳو. اڳي جو ننڍو وڏو کيس ڏسي پري پيو ڀڄندو هو، سو هاڻي ڦري هر ڪو سندس دوست ٿيو. ٻيو ته ٺهيو، ڪڪڙ جا چوزا، جن کي اڃا دوستي ۽ دشمنيءَ جي خبر نه هئي سي به سندس قرب ڏسي، ساڻس گڏجي گهمڻ هلندا هئا.

No comments:

Post a Comment