Monday, May 25, 2015

حق ڦٻائڻ جو انجام - نارائڻ کتري

حق ڦٻائڻ جو انجام
نارائڻ کتري/ مٺي ٿرپارڪر
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ ذميندار رهندو هو، هو هڪ ظالم، ڪنجوس ۽ حق ڦٻائو ماڻهو هو. هُو هر ڀيري پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن هاري جا پئسا کائيندو هو. ڪنهن جو پگهار ته ڪنهن کان گهڻو ڪم ڪرائي سندس اجورو کائيندو هو. پر جيڪڏهن ڳوٺ جا هاري هن وٽ ڪم نه ڪن ته سندس گذارو نه ٿي سگهندو هو. ان لاءِ پيا هن وٽ ڪم ڪندا هئا.


هڪ دفعي هن وٽ ڪم ڪندڙ هڪ هاري، جنهن جو نالو اسلم هو، تنهن جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي، مهيني جي پڇاڙي تائين هن قرض کڻي پنهنجي ماءُ جو علاج پئي ڪرايو، پر جڏهن مهيني جي پهرين تاريخ اچي وئي، تڏهن اسلم زميندار جي گهر آيو، زميندار جي نوڪر دروازو کوليو، هن نوڪر کان پڇيو ته ”ذميندار صاحب ڪٿي آهي؟“ نوڪر جواب ڏنو ته ”سائين گهر ۾ نه آهي، ٻاهر ويو آهي.“ اسلم سمجهي ويو ته زميندار هن جا پئسا ڦٻائڻ لاءِ ائين پيو ڪري. پوءِ هن يڪدم وڏي رڙ ڪري چيو، فرش تي پيل هي هزار جو نوٽ ڪنهن جو آهي؟!! زميندار يڪدم ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين: ”ڪٿي آهي؟ هزار وارو نوٽ..! ڪٿي..؟“ پر جڏهن زميندار جي نظر اسلم تي پئي ته خاموش ٿي ويو. اسلم کيس چيو: ”سائين! منهنجي ماءُ سخت ڏاڍي بيمار آهي، تنهن جي علاج لاءِ مون کي پئسن جي سخت ضرورت آهي، مهرباني ڪري منهنجي پگهار ڏيو!“ زميندار چيس: ”اڃا پهرين تاريخ مس آئي آهي، ۽ تون پئسن لاءِ ڀڳو بيٺو آهي، هينئر وڃ، پوءِ پگهار کڻي وڃجانءِ..“ روز روز زميندار ڪونه ڪو بهانو ڪري اسلم کي موٽائي ڇڏيندو هو، هڪ ڏينهن اسلم مايوس ٿي گهر واپس پئي آيو ته هن جي گهر جي ٻاهران رش لڳي پئي هئي. ويچارو اسلم پريشان ٿي ويو، گهر اندر ويو ته ماڻهن کيس ٻڌايو ته سندس ماءُ فوت ٿي وئي آهي، اسلم اهو ٻڌي بي حال ٿي ويو، جهڙو سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هجي. اتي موجود ماڻهن جي وات مان زميندار لاءِ بددعائون نڪري رهيون هيون. پر چوندا آهن ته رب وٽ دير آهي پر انڌير ناهي. ٿيو ايئن جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ زميندار جو پٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، سندس مٿان ڪجهه اهڙا ته زمين جا ٽيڪس نه پيارڻ جا ڪيس لڳا جو عدالت کيس لکين رپيا ڏنڊ ۽ قيد جي سزا ٻڌائي.
پيارا ٻارو! هن آکاڻي مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسين ڪنهن سان به نانصافي نه ڪريون، ڇو ته الله سائين اُن انسان تي ناراض ٿيندو آهي، جيڪو ٻين سان ناانصافي ڪندو آهي.

No comments:

Post a Comment