Tuesday, May 5, 2015

سنڌي ڪهاڻي اردو ادب جي آبرو بڻجڻ لڳي آهي - رکيل مورائي

سنڌي ڪهاڻي اردو ادب جي آبرو بڻجڻ لڳي آهي
رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيءَ کي کڻي ۽ ان جي هڪ سئو سالن جي سفر کي کڻي، ڪجهه اهم لکڻ جي گُهرج بهرحال مسلسل رهي ٿي، ائين نه ٿيڻ سبب سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر جي سُڌ نه پوڻ اوس آهي.


سنڌي ڪهاڻيءَ جي سموري سفر کي نه کڻي مان ڪهاڻيءَ جي هڪ اهم حوالي ۾ ڪجهه لکڻ جي خواهش جو شايد پوراءُ ڪري رهيو آهيان. سنڌي ڪهاڻيءَ جو هيءُ اهڙو حوالو آهي، جيڪو سندس (سنڌي ڪهاڻيءَ) جي معتبرائپ وڌائڻ جو هڪ سبب آهي. ٻيءَ طرح سنڌي ڪهاڻيءَ کي سنڌي ادب ۾ معتبر حوالو ڏيارڻ ۾ ڪي گهڻا نالا نه آهن جيڪي حوالي طور معتبر ڄاتا وڃن ۽ جيڪي آهن انهن مان هڪ حوالو اخلاق انصاري آهي.
اخلاق انصاري سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهڙو حوالو آهي، جنهن وٽ ڪهاڻي ”تصور“ کان وڌيڪ ”احساس“ جي شدت کڻي اچي ٿي، احساس جيڪو ڪجهه به پڙهڻ وقت پڙهندڙ کي پنهنجي ڇانوَ ۾ آڻي بيهاري ٿو.
ويجھي عرصي ۾، جيڪو ويهن پنجويهن کن سالن جو مَسَ آهي، اخلاق جي ڪهاڻيءَ جو احساساتي ڦهلاءَ تيزيءَ سان وڌيو آهي،  سبب ٻين ڪيترن سان گڏ هڪ اهو به آهي ته عام پڙهندڙ جي جڳهه تي، هڪ ننڍڙو ئي سهي، خاص پرهندڙ پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ لکڻ جو ۽ پڙهڻ جو عمل هڪ ذميوار عمل بڻجي  پيو آهي. هو ڪنهن به نماءَ کانسواءِ، پاڻ کي مڪمل ڪرڻ/بڻائڻ جي جستجو/تلاش لاءِ پڙهي ٿو. هُو لکڻيءَ کي رَٽڻ/ياد ڪرڻ لاءِ نه پر ان کي ماڻڻ يا ڀوڳڻ طور کڻي ٿو. پڪ سان ان پڙهندڙ، جيڪو شور کان پري رهي ڪجهه تخليقي پڙهڻ چاهي ٿو، کي اخلاق جي ڪهاڻي گهڻو ڪجهه ڏئي وڃي ٿي، ماڻڻ يا ڀوڳڻ لاءِ.
اخلاق جون ڪهاڻيون شخص/ليکڪ  جو ٻاهر کان اندر ڏانهن سفر آهن، هن وٽ قصا/آکاڻيون/احوال نه آهن. احساس آهن، انساني زندگيءَ جا!. گهڻا اندروني ۽ ٿورا ٻاهريان کِڻَ/پَلَ آهن، جن کي هو هلڪن رنگن سان پينٽ ڪري ٿو. جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن، ڇڪ محسوس ڪرائيندڙ احساس جي تارن کي ڇيڙي وڃن ٿيون.
مون وٽ اخلاق جي ڪهاڻين جي بنهه علهدي سڃاڻپ، انهن جو لائوڊ نه هجڻ ۽ ساڳئي وقت ڪنهن به تبليغ  کان پري ۽ تخليق جي ويجھو هجڻ آهي.
يا هريش واسواڻيءَ چواڻي ته اخلاق جي ڪهاڻين ۾ جذبو وڌيڪ آهي، جذبات گهٽ!
سندس اظهار نج تخليقي ۽ باريڪيءَ سان ڪنهن زندگيءَ جي پل/کِڻَ کي لفظن ۾ بند ڪرڻ آهي، ان لاءِ هُن وٽ تفصيل نه آهن. انهن جي جڳهه تي تخليقي/احساساتي لمحا/پل آهن، جيڪي سندس ڪهاڻين ۾ آيل ڪردارن جي زندگيءَ سان، انهن جي جسم اندر رت پهچائيندڙ رڳن جيان جڙيل آهن، سندن چرپر ۾ ليکڪ پاران ڪو عمل دخل نه آهي، هُو پنهنجي زندگي پاڻ جيئن ٿا. ليکڪ الڳ زندگي جيئندڙ آهي، اهو فقط سندن احساسن سان ڳنڍجي ٿو ۽ ڪجهه تخليق ڪري ٿو، جنهن ڪري سندس ڪهاڻين ۾ هوڪا/نعرا/ واڪا، پنهنجي لاءِ جڳهه ٺاهي نه سگهيا آهن.
ممڪن آهي، اخلاق ٻاهرين زندگيءَ ۾ اهو سڀ قبول ڪيو هُجي، پر هُن تخليقي زندگيءَ ۾ گهڻو پري رهي، اڪيلائي جو مزو ورتو آهي.
ممڪن آهي اهو به سبب هجي، سندس ڪهاڻين کي اڪيلائي ۾ پڙهڻ ۽ انهن کي محسوس ڪرڻ جو.
اخلاق انصاري ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي پيشروئن کان توڻي پوئلڳن  کان گهڻو وئون ويندڙ آهي. جنهن ڪري هُن جي ڪهاڻين جو بنهه نئون ۽ الڳ چهرو نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت چال چلت پڻ الڳ!..
ڪهاڻيءَ ۾ آيل نئين ادبي ڌارائن کان هو واقف آهي. ان هوندي به هُن کي ڪنهن ڌارا سان جوڙڻ بجاءِ، کيس نئين احساس کي اظهار ڏيندڙ ڪهاڻيڪار چوندي مونکي خوشي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته ادبي ڌارئون خود پنهنجون سرحدي لڪيرون نه بچائي سگهيون آهن، پوءِ به عظيم تخليقن پنهنجو منفرد مرتبو محفوظ رکيو آهي، اهو تخليقي ڪرشمو آهي.
سنڌي ادب ۾  ان آبروءَ جو هڪ نرالو حوالو اخلاق انصاري ۽ سندس ڪهاڻيون آهن، جيتوڻيڪ هن هڪ نهايت تخليقي ناول به ليکيو آهي.جنهن تي الڳ لکڻ جي گهرج آهي، جيڪا گهرج ممڪن آهي سنڌي ناول جي اڀياس کي تخليقي سطح تي ڪا سڃاڻپ ڏئي.
اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي اندر جي ڀڃ ڊاهه ٻاهرين ڀڃ ڊاهه کان وڌيڪ خوفناڪ آهي ۽ خوفناڪ محسوس ٿئي ٿي، پر اهو خوف/ٻاهرئين خونخوار ڊپ وارو سمجھڻ نه گهرجي،
هر  شخص/ليکڪ جي اندر جي دنيا الڳ آهي، جيڪا اخلاق جي ڪهاڻين ۾ وڌيڪ ڪشادي نظر اچي ٿي، شايد سنڌ جي جاگرافيائي نقشي کان به وڌيڪ پر اهو الميو گهٽ آهي ته هُو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ آهي؟ ڇو ته هو ان ڏانهن پابند آهي، انهيءَ ڪري به ته اُها سندس امڙ جي ٻولي آهي.
سوچ جو هڪ لمحو هيءَ به آهي ته ڪنهن به غير معمولي ليکڪ کي، ڪنهن خاص دائري ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ۽ ڪنهن خاص جاگرافيائي حدن ۾ ايندڙ علائقي سان ٻڌو ڇو وڃي؟
ساڻس لاڳو اهو ڇو ڪيو وڃي جيڪو  سرحدي حفاظت لاءِ مقرر سپاهيءَ سان لاڳو ڪيو ويندو آهي.
اهو دٻاءُ قبول ڪندي به، اڄ جڏهن اخلاق جون چونڊ ڪهاڻيون (سڀ نه) ٻيءَ ٻوليءَ، گهڻو ڳالهائي ۽ پڙهي ويندڙ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون آهن ته مونکي سندس دائرو وڌيڪ ويڪرو ٿيندو محسوس ٿيو آهي ۽ يقينن اهو عمل بيحد خوشي ڏيندڙ آهي. اُها خوشي ليکڪ لاءِ الڳ آهي. ان جي پڙهندڙ لاءِ الڳ آهي ته ان جي نقادلاءِ الڳ!
جنهن ٻوليءَ ۾ اخلاق جون ڪهاڻيون ترجمو ٿيون آهن اها ٻولي هن ملڪ جي سرڪاري طور قبول ڪيل قومي ٻولي آهي ۽ انڊو پاڪ جي گڏيل خطي جو وڏو ادبي الميو اهو آهي ته ٻنهي ملڪن جو سرڪاري طور مڃيو ويندڙ ۽ سڏيو ويندڙ علائقائي ادب اُڀري رهيو آهي، پنهنجون سرحدون ٽوڙي رهيو آهن،  ٻنهي ملڪن جي سرڪاري طور قبول ڪيل قومي ٻولين (هندي ۽ اردو) جو ادب، ان علائقائي ادب کان شڪست کائي اُلهي رهيو آهي پر ٻنهي قومي ٻولين جا نقاد اهو مڃڻ لاءِ ڏند ڀڪوڙي  ماٺ ڪيل آهي، ٻيءَ طرح ٻنهي ملڪن جي علائقائي ادب، هند جي گجراتي ڪنڙ، ڪوڻڪي، بنگالي، تيلگو ۽ مليالم وغيره ٻولين جو ادب ۽ پاڪستان جي سنڌي، سرائڪي، بلوچي، پشتو وغيره ٻولين جو ادب پڙهي سگهي ٿو.
في الحال اسانجي علائقائي ٻولي سنڌي جو ادب اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين جي صورت ۾ اردوءَ ۾ موجود ٿيو آهي، اردو جو نقاد ڇا چوڻ چاهيندو؟ ان جو اوسيئڙو ڪرڻ ۾ حرج ڪونهي.
وقت کان اڳ ڪجهه به ڳالهائڻ اجايو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته اردوءَ جو نقاد سنڌي تخليقي ادب توڻي ٻئي اهڙي ڪنهن به مسئلي تي ڳالهائڻ جي صلاحيت/قوت وڃائي ويٺو آهي،جيئن سنڌي نقاد خود سنڌي ادب تي راءِ ڏيڻ جي صلاحيت/قوت وڃائي ويٺو آهي.

ننگر چنا اخلاق انصاريءَ جون ڪهاڻيون اردوءَ ۾ آڻي، نهايت اهم ڪم ڪيو آهي، ان جو مقدار وڌڻ سان اردو ادب ۾ سنڌي ادب جي جڳهه ويڪري ٿيندي. ۽ اهو سڀ ننگر چنا جي معرفت هوندو ته سندس ئي آبرو ٿيندي. ۽ بس!

No comments:

Post a Comment