Sunday, January 4, 2015

آزاد گهوڙو شاهويز علي مرتضيٰ جوڻو

آزاد گهوڙو
شاهويز علي مرتضيٰ جوڻو

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي. هڪ همراهه ٽانگو هلائيندو ھيو. سندس گهوڙو تمام ڀلي نسل جو هو. گهوڙو سدائين سوچيندو هو ته؛ جيڪڏهن مون کي جيئن ئي پنهنجي مالڪ کان آزادي ملي، ته مان هن کان وڌيڪ خوش رهندس. گهوڙو پنهنجي مالڪ سان ڪڏهن به راضي نه رهندو هو، هو سدائين آزاد رهڻ گهرندو هو.


هڪڙي ڏينهن گهوڙي پنهنجي مالڪ کي چيو: ”اوهان مون کي جتي وڻي اتي وٺي وڃو ۽ جيئن اچي تيئن ڪيو، اوهان مون پنهنجي غلام وانگر رکو ٿا. نيٺ اوهان ڇا ٿا چاهيو؟
اهو ٻڌي مالڪ جواب ڏنس: ”تون سچ ٿو چوين، پر هن رڻ پٽ ۾ مون کان سواءِ تون رهي به ڪو نه سگهندين، انهيءَ کان سواءِ آئون تو کي کاڌو ڏيان ٿو ۽ چراگاهن ۾ تو کي ڇڏي ڏيان ٿو. سياري ۾ تو کي گرم ۽ تازو کير به ڏيندو آهيان. تنهنجي پاڻيءَ لاءِ آئون پري پري ويندو آهيان. آئون تنهنجي هيڏي ساري خدمت ڪريان ٿو، انهيءَ جي عيوض تون ايترو به نه ٿو ڪري سگهين، جو آئون تو تي سوار ٿي ڪنهن هنڌ وڃي سگهان؟
گهوڙي جواب ڏنس: ”اهو سچ آهي ته اوهين منهنجي پرگهور لهو ٿا، پر انهيءَ جي عيوض اوهان مرڳو مون کي پنهنجو غلام ڪري رکو ٿا. آئون پنهنجي مرضيءَ سان ڪٿي اچي وڃي به نٿو سگهان. اوهان منهنجي منهن ۾ لغام ڏئي ڇڏيو آهي. ٻيو ته اوهين مون کي سڄو ڏينهن ايترو ته ڊوڙايو ٿا جو آئون ٿڪجي چور ٿي پوندو آهيان. آخر اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي جو منهنجي آزاديءَ تي قبضو ڪري ويٺا آهيو؟
مالڪ جواب ڏنس: ”جڏهن کان انسان هن ڌرتيءَ تي پير رکيو آهي، تڏهن کان اهو دستور هلندو اچي. شايد اهو حق انسان کي خدا تعاليٰ ڏنو آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو مالڪ آهي ۽ هُن ئي دنيا جي هر شيءِ انسان جي حوالي ڪئي آهي. پر جيڪڏهن تو کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي ۽ تون آزاد رهڻ گهرين ٿو ته آئون تو کي زبردستي پاڻ وٽ رکڻ نٿو گهران.“
ائين چئي، مالڪ گهوڙي کي آزاد ڪري ڇڏيو. گهوڙو خوشيءَ مان ٽپ ڏيندو هليو ويو.
گهوڙي جو مالڪ جنهن هنڌ رهندو هو اهو علائقو سرسبز هو.
گهوڙو جڏهن آزاد ٿي پيو هو ۽ کيس ڪا به جهل پل نه هئي. صبح شام پيٽ ڀري کائيندو پيئندو هو ۽ هو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳو. کيس جيڏانهن آيو هليو ويندو هو. جلد ئي اونهارو آيو ۽ سج جي تکاڻ سبب واري به تپڻ لڳي. سائو گاهه ۽ پاڻي جون نهرون به سڪڻ لڳيون. جتي ساوڪ ۽ وڻڪار هئي، اتي هاڻي واريءَ جا دڙا نظر اچڻ لڳا هئا. آزاد گهوڙو اچي حيران ٿيو؟ ڇو ته هن وٽ کاڌو ۽ پاڻي موجود نه هو. هو کاڌي جي ڳولا ۾ پري پري تائين ڊوڙيو پر کيس اها جاءِ هٿ نه آئي جتي هو آرام سان رهي سگهي.
نيٺ گهوڙو هڪ اهڙي هنڌ پهتو جتي رڳو ماس کائيندڙ جانور رهندا هئا ۽ جيڪي شڪار جي ڳولا ۾ پيا ڦرندا هئا. هڪڙي ڀيري گهوڙي ڏٺو ته ڪو جانور سندس پٺيان اچي رهيو آهي. جڏهن اُن کي غور سان ڏٺو ته خبر پيس ته اهو هڪ بگهڙ هو، جيڪو کيس کائڻ لاءِ پئي آيو. اهو ڏسي گهوڙو وٺي ڀڳو. پر بگهڙ ته ان کان به وڌيڪ تکو هو. بگهڙ، گهوڙي تي حملو ڪري ڏنو. گهوڙو وڏي محنت کان پوءِ، بگهڙ کان پاڻ ته ڇڏائي وٺي ڀڳو.
هي تمام گهڻو زخمي ٿي پيو هيو ۽ سندس حالت به ڏاڍي خراب هئي. وري به شڪر ڪيائين ته جان بچي. سوچڻ لڳو ته؛ گهڻي وقت تائين جيئرو نه رهي سگهندس. ڇاڪاڻ ته پڪ هئس ته جهنگ جا ٻيا جانور کيس جيئرو نه ڇڏيندا.
گهوڙي وري سوچيو ته؛ جنهن عذاب ۾ هينئر آهيان، اهڙو اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن کي مالڪ جي خيمي جهڙي پناهه ڪٿي به نٿي ملي سگهي. هن گهڻي دير سوچڻ کاپوءِ، پنهنجي مالڪ ڏي رک ڪيو.

سندس مالڪ به وڏو رحم دل انسان هيو. کيس معافي ڏني ۽ پنهنجي خيمي ۾ رهڻ لاءِ جاءِ به ڏني.

No comments:

Post a Comment