Sunday, January 4, 2015

مون کي پنهنجو رمضان موٽائي ڏيو مقصود گل

مون کي پنهنجو رمضان موٽائي ڏيو
مقصود گل
اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو هوٽل آهي، هوٽل ڇا هڪ ننڍڙو ڇنو يا ڇپر آهي، جنهن ۾ اسان جي ڳوٺ جو هڪ بيروزگار نوجوان گلشير چانهه ڪندو آهي. شام جي وقت ڳوٺ ۾ ٻي ڪا به تفريح نه هجڻ جي ڪري ڳوٺ جا سڀ پوڙها توڙي جوان وقت پاس ڪرڻ جي لاءِ گلشير جي هوٽل تي اچي گڏ ٿيندا آهن. گلشير جي هوٽل تي ٽي وي به رکيل آهي. ان رونشي جي ڪري به ننڍا نيٽا اچي هوٽل تي گڏ ٿين. وري ماستر ملوڪ جيڪو نوڪريءَ جي سانگي روز شهر ويندو آهي ته واپسيءَ ۾ هو اخبار به وٺي ايندو آهي. شام جو اها اخبار هوٽل تي ايندڙ ماڻهو به هٿ هٿ ڪري وٺي پڙهي وٺندا آهن.


اسان جي ڳوٺ ۾ پڙهيل ڪڙهيل نوجوان گهڻا آهن. پڙهيل کڻي نه به هجن ته به ڪاپي ڪلچر جي مهربانيءَ سان کوڙ نوجوان ڪڙهي ضرور نڪتا آهن. گذريل اليڪشن ۾ اسان جي تڪ جي صوبائي ميمبر نالي ۾ ”سلڇڻو خان“ ووٽ وٺڻ آيو هو تڏهن وڏيري ”صابل خان“ جي اوطاق تي هن تقرير ڪندي ڳوٺ جي ماڻهن سان واعدو ڪيو هو ته هو ڳوٺ جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوانن کي ججهي تعداد ۾ نوڪريون وٺي ڏيندو ۽ ڳوٺ ۾ ضرور گئس جي لائين به ڇڪرائي ڏيندو. سلڇڻي خان واعدن جا سبز باغ ڏيکاري ڳوٺ وارن جي دل کسي ورتي هئي. سلڇڻي خان جي تقرير جي انداز ۽ زبان درازيءَ کي سندس سچائي سمجهي يقين ڪندي گهڻن ئي سادي دل وارن ڳوٺاڻن جي اکين ۾ همدرديءَ ۽ احساس جا ڳوڙهي به تري آيا هئا.
پر اليڪشن کان پوءِ ٿيو ائين جو سلڇڻو خان اسان جي ڳوٺ ۽ تر مان ائين غائب ٿي ويو جيئن ڳئونءَ جا مٿيان ڏند ۽ سندس واعدا، واعدا ئي رهجي ويا. بس ايترو سو ٿيو جو اسان جي ڳوٺ جي وڏيري صابل خان جي وڏي پٽ کي ايڪسائيز کاتي ۾ ڀلوڙ نوڪري ملي ۽ وڏيري جي ننڍي پٽ نويد کي اسڪالرشپ ڏئي، لنڊن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو ويو. وڏيرو سموري ڪهول سان سرڪاري خرچ تي حج ڪري آيو ۽ سرڪاري ٺيڪيدارن ڪنهن سرڪاري اداري جي خرچ سان وڏيري صاحب جي بنگلي جي ۽ اوطاق جي نئين سر تعمير ۽ رنگ روغن جو سمورو بندو بست ڪيو، (باقي ٿيو وڃي سڀ خير)
اسان جو ڳوٺ نماڻو اُتي جو اُتي ئي رهجي ويو. بس برسات باران ۾ ٻوڏ يا طوفان ۾ وڏي وڏيري جو بنگلو بيٺو سموري ڳوٺ جي غريباڻن گهرن تي مرڪندو ۽ ٺٺولون ڪندو هو.
خير قصو ڪوتهه: انهيءَ گلشير جي هوٽل تي شام جو هڪ اڌڙوٽ عمر جي چري عورت ايندي هئي ۽ هوٽل تي ويٺل هر هڪ ماڻهوءَ جي اڳيان هٿ ٻڌي آزي ۽ نيرازي جي انداز ۾ هٿ ٻڌي چوندي هئي ته؛ ”ابا! مون کي پنهنجو رمضان موٽائي ڏيو“ انهيءَ اڌڙوٽ عمر واري مائيءَ کي هر ڪو پاڳل سمجهي در گذر ڪري ڇڏيندو هو، پر ان چري فقيرياڻي جي آهن ۽ دانهن ۾ جيڪو سوز ۽ گداز هوندو هو اهو ڪيترن ئي درد وندين دلين کي گهائي وجهندو هو.
منهنجي ته ايڏي عمر ناهي پر ڳوٺ جا پڪا پوڙها، ان ڪراڙي اڌڙوٽ چري عورت جي حقيقت هيئن بيان ڪندا آهن ته انهيءَ عورت جو نالو ”جوائي“ آهي. هن عورت کي محمد رمضان نالي هڪ پٽ هو، جنهن کي هن غريب زال پورهيا ڳارهيا ڪري انٽر تائين پڙهايو. اسان جي ملڪ جي بگڙيل نظام جي ڪري غريب رمضان کي پٽيوالي به ڪا نه ملي. ان ڪري هڪ ڏينهن رمضان پنهنجي ماءُ کي چيو: ”امڙ او امڙ! شهر جا دوست ڪراچيءَ ۾ نوڪري لاءِ وڃن ٿا مون کي به موڪل ڏي... “ نه نه پٽ...  ڪراچي ڏاڍو ڏنگو شهر آ ۽ ٻيو وري مان اڪيلي هتي تو کان سواءِ انڌي ٿي پوان...  جوائيءَ سڀ ڪجهه هڪ ساهيءَ چيو. ”نه امان جيجڙي موڪل ڏي فيڪٽريءَ ۾ نوڪري ملندي، سڄا سارا چار هزار رپيا ملندا..“ رمضان ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چيو.
بهرحال رمضان پنهنجي والده کي مڃائي ورتو ۽ ٻئي ڏينهن تي دوستن سان گڏ، رمضان ڪراچيءَ ورانو ٿيو. روشنين جي شهر ۾ رمضان ڇا پهتو، سندس قسمت جاڳي پئي. گهٽين ۾ رولاڪ نوجوان کي، نوڪري ملي وئي.
سندس امڙ کي جڏهن پٽ جي نوڪريءَ جي خبر ملي ته ٻهڪي پئي. هاڻي جڏهن به ڪو ڏٺل وائٺل ڳوٺ جو ماڻهو رمضان سان ڪراچيءَ ۾ ملندو هو ته هُو ان جي هٿان پنهنجي والده ڏي پئسا ۽ سوکڙيون موڪليندو هو. ۽ امڙ ٻچڙي جون شيون ڏسي ٻلهار ٻلهار پئي ٿيندي هئي. پر قسمت کي اڃا ڪو ٻيو فيصلو ڪرڻو هو هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڳوٺ وارن کي خبر پئي ته ڪراچيءَ مان ٻوريءَ ۾ بند ٿيل لاشن مان هڪ لاش ”جوائيءَ“ جي پٽ ”محمد رمضان“ جو به آهي.
ٻئي ڏينهن تي جڏهن ايڌي فائونڊيشن جي ايمبولينس شهر جي ٿاڻي تي لاش کڻي آئي ۽ ٿاڻي وارن جي معرفت اها ايمبولينس اسان جي ڳوٺ آئي هئي ته ڳوٺ وارا چون ٿا ”مائي جوائي“ تي هڪ وڏي قيامت ٽٽي پئي هئي.
بس ان ڏينهن کان پوءِ اها ڪراڙي قبرستان ۾ پنهنجي پٽ جي قبر تي ئي ويٺي ڳوڙها ڳاڙيندي آهي.
۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽڪر ڳڀي جي تلاش ۾ ڳوٺ ۾ ايندي آهي ۽ هر ڪنهن جي اڳيان هٿ ٻڌي چوندي وتندي آهي. ته... ...

”او ابا!.. مون کي پنهنجو رمضان موٽائي ڏيو... .. ابول، تنهنجو رمضان... !!

No comments:

Post a Comment