Saturday, November 22, 2014

ڳاڙهي ڪنوار - سليم چنا

ڳاڙهي ڪنوار
سليم چنا


ماڪ جا شفاف ڦڙا هن جي ڳلن تي ڪِريل هئا، هن جو مُک مَهڪي رهيو هو. جبلن جي وچ ۾ اڏيل هڪ قديم ۽ تاريخي شهر جي نرڙ تي باک ڦٽي رهي هئي. هوءَ پڌر ۾ کٽ تي سُتل هئي. شهر جي ٿڌڙين هوائن هُن کي گهريءَ ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيو هو. هُن کي ڪهڙي خبر ته چنڊ آسمان ۾ جڏهن به جوڀن ۾ هوندو آهي، تڏهن هُن جو چهرو چمڻ ضرور ايندو آهي.


مون پنهنجي امنگن ڀريل چئن سالن ۾ الائي ڪيترا ڀيرا چوڏهين جي چنڊ کي هن جي دلفريب مُکڙي مٿان مِٺي ڏيندي ڏِٺو هو. چانڊوڪي پنهنجي ڀرپور پيار منجهان هن مهجبين ۽ ماهه لقا جا چپ چُمندي هئي. الا! مان ڏسندو رهندو هوس. پرهه ڦٽيءَ جو ماڪ ڦڙا. هن جي ڳلن ۽ لبن تي ائين ڪِرندا هئا، جيئن گلستان جي سرخ ڳاڙهن گلابن مٿان شبنمي قطرا ڪِري سندن حسن و جمال کي رنگين کان به رنگين تر ڪندا آهن.
مان هميشه دعا گهرندو هوس. اي خدا! تون مون کي منهنجي مومل جلدي ملاءِ!
اي خدا! ڇا مان ستارن جي رم جهم ڪتين جي قطار ۽ ڪهڪشان کي قطب ستاري سان گڏ هيٺ ڌرتيءَ تي لاهي، هن حسن ازل سان گڏ ويهاري نه ٿو سگهان؟
اي خدا! ڇا مان چانڊوڪي بن جي هن هرڻيءَ جهڙي حسينا جي غزالي اکين کي چمي نه ٿو سگهان؟
پر او پروردگار! تو ته مون کي بند دريءَ جي ان ننڍڙي سوراخ تائين محدود ڪيو آهي، جنهن مان رڳو منهنجي هي ٻه سِڪايل اکيون دل کان ٿڌا ساهه ڀرائي مون کي هن جي اڱڻ ۾ چڱيءَ طرح نهارڻ جو وجهه ڏينديون آهن. اهڙن موقعن تي دل چوندي آهي ته سڄيءَ رات ڪمري جي بتي بند ڪري حسن جي ديويءَ کي ائين لِڪي لِڪي ڏسڻ بدران ڇو نه مان به چنڊ جي چانڊوڪي ٿي پوان ۽ بنا ڪنهن جهل پَل جي هن جي مست بنائندڙ مکڙيءَ کي چمندو رهان!
باک جي ساک بنجي هن جي خوبصورت نشيلين اکڙين تي ڪِري، هن جي نازڪ نفيس پنبڙين تي پيار جي پرڀات ڪيان. مان ان لاءِ دعائون گهرندو رهندو هوس.
اي خالق! مون کي به ماڪ جي ڦڙن جو ويس پهرائي ته مان به هن محبوبا جا چپ چُمان!
اي مالڪ! اوستائين انهن ملائم چپن تي پيو هجان، جيسين صبح جو سج اُڀرڻ کان پهرئين هوءَ بدن کي سوري پوري آرس ڀڃي اکيون کولي اچي آرسيءَ آڏو بيهي ۽ پنهنجا شبنم سان آلا ٿيل چپ چپن سان ڀِڪوڙي ٻئي ٻانهون مٿي ڪري آئيني ۾ پنهنجو جلوو ڏسي شرمائجي نه وڃي.
اي خدا! ماڪ ۾ ڀنل اهڙا بلوپري بدن مون کي ڏيکار ته مان تنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ کي تنهنجي تخليق ۾ ڏسان! اهڙيون ننڊاکڙيون مدهوش اکڙيون مون کي پَسائي ته مان پيار جو پياسو، پرينءَ ۾ به تنهنجو پرتوو پَسان.
پر آدجڳاد کان منهنجا مٺڙا مالڪ! منهنجي انت کي سونهن جي سحر انگيزيءَ کان، دلبري ديد کان، ڪجلين اکين کان، مشڪندڙ لبن کان محبت جي مَئه نوشيءَ کان محروم نه رکجانءِ!
آءٌ ته دعائون گهرندو رهيس، پر اڳيان ڪجهه نه ٿيو ته مون ٻاڏايو.
اي رب العالمين! مون کي موڪل ڏي ته مان ڪمري جون سڀ بتيون ٻاري چانڊوڪي رات جو دريءَ جا ٻئي تاڪ کولي ڇڏيان، جيئن منهنجي نظرن جي نمائي نهار چنڊ کان پهرئين هن جو چهرو چمي وٺي.
اي ڪارا گهاٽا بادلو! مون تي ٿورو ڪيو. چنڊ کي پنهنجي دامن ۾ لِڪايو ته گهڙيءَ کن مان پرين جو مکڙو چمان.“
منهنجي دل ۾ آس اُڀري ٿي ته ڪاش! مان رات جو پوندڙ مينهن ٿي پوان ۽ سپرين جي چاهت ڀرئي چهري کي تيزيءَ سان چُمي، مينهن ڦڙيون ائين سندس معصوم مک تي سجائي ڇڏيان. جيئن ڪنول گل جي وڏي ۽ خوبصورت سائي پن مٿان پاڻيءَ جا ڦڙا ڪِري موتين جا سهڻا ۽ سُندر ٿي پوندا آهن.
ڪاش! مان صبح ساجهر جي اها شبنم ٿي پوان، جيڪا ٽڙندڙ گلاب تي ڪِرندي آهي. هن دلنشين دلربا جو مکڙو به ٻهڪندڙ گلاب آهي. اي خدا! مان ماڪ بنجي پنهنجا شبنمي قطرا هن مهڪندڙ مک تي سجائڻ ٿو چاهيان.
ها هڪ ڀيرو نه پر سوين ڀيرا مون سوچيو هو ته ڪنهن به چانڊوڪي رات ۾ گهٽيءَ جي چوڪيدار جي نظرن کان بچي، هن ماهه لقا جي گهر جي ڀت ٽپي، هن جي گهر ڀاتين تي ڪو ننڊ جو ڦيڻو پڙهي، هن محبوبا جي مک کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي اچان!!! الا! ڪيڏو نه قلب کي قرار ۽ سڪون ملندو، فرحت ۽ راحت ملندي.
پر مان ائين نه ڪري سگهڻ کانپوءِ هن جي چهري کي پري کان ئي ڏسي ان کي درشن سمجهي، ماٺ ٿي ويندو هوس.
خداءِ ذوالجلال به ته مهنجو عرض نه پئي اگهايو نه!!
امر کان ثمر ڪير گهري!!!!؟
مان ته اي رب! سڪ لاءِ سڪندو رهيس. هن دل جي رائيءَ کي دور کان ڏسي، ديدار ڪري، درشن ڪري امنگن جا ڪيئي آبشار اکڙين مان وهائيندو رهيس. ته من مولا جي ڪا مون تي مهر جي نظر ٿي پوي. هيءَ محبوبا مون کي ملي پوي. پر هن جبلت واري جهان ۾ جهريل جذبا ڪا به حيثيت ڪونه ٿا رکن.
مالڪ! تنهنجي هن دنيا ۾ هيءُ وري ڪهڙو نئون انساني دستور پيو ڏسان، جو جيڪي ماڻهو دلين تي ڌاڙا هڻن ٿا. چاهت جون چاشنيون چوري ڪن ٿا. چمن ۾ ڀونرا بنجي اچن ٿا. اهي ئي ته نازڪ گلن جا چهرا چمن ٿا. اهي ئي ته خوبصورت نازنين سان هر وقت گڏ گذارين ٿا.
نانءُ نيهن جو وٺي هو نازل نارين سان انياءَ ڪن ٿا. اهڙا زورآور ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو به پراون پڌرن ۾ پهچي وڃن ٿا. هنن جي برهه جا بادل آواره بادلن جيان مينهن وسائيندا، محبوبائن کان محبتون وٺڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. هنن جا ڪڪر جڏهن ڪارا ڪڪوهه هجن ٿا، تڏهن زور سان بجلي ڪڙڪي ٿي. وڄ ڪِري ٿي. گجگوڙ ٿئي ٿي. ڳڙا ڪرن ٿا. بارش تيز وسي ٿي. هر هڪ سوڙهو ٿي پاڻ بچائي وڃي ڪا ڪنڊ وٺي ٿو. پر هي اتي به برهه جي برسات بنجي بالما کي وهنجاري سهنجاري وڃن ٿا. اهڙا محبتي مينهن انساني انگن کي آلو ڪري وڃن ٿا. او قدرت وارا! تنهنجي هن قدرت ۾ ڪي ڪي ماڻهو نينهن جي انهيءَ نظرِ ڪرم ۾ به نرم ۽ نماڻا ٿيڻ بدران ڏاڍا زور آور ٿين ٿا. هو حب جي انهيءَ حاصلات جي جدوجهد ۾ واچوڙا ٿين ٿا. طوفان ٿين ٿا. وسڪارو ٿين ٿا. اهڙائي ماڻهو ڪڏهن به اُڃايل نه رهن ٿا. ”پر منهنجو نينهن الاءِ ڪڏهن مينهن ٿي وسندو؟“ هي خالي خالي ڪڪر الاءِ ڪڏهن قرب جي سمنڊ مان آب امرت کڻندا. مان سوچيان ٿو:
”خواب منهنجا سڀ خوشيءَ جا،
سپنا منهنجا سارا سڪ جا،
ساڀيان ٿيندا يا سُڃ ٿيندا!؟
رڻ پٽ يا رڃ ئي رڃ رهندا!؟
آس و اميد ٿيندا يا اُڃ ئي اُڃ هوندا!؟
چئن سالن کان مون بند دريءَ جي سوراخ مان هن جي حسن جا ڪيترائي رنگ ڏسي ورتا هئا. هوءَ اڱڻ ۾ صبح ڏسان. منجهند ڏسان، شام ڏسان يا رات جو ڏسان، هر پل هوءَ مونکي حسين کان حسين تر نظر ايندي هئي. انهن ئي لمحن مان ڪي يادگار لمحا ته انتهائي جماليات جا مظهر هوندا هئا. تڏهن من موهيندڙ منظر به نظر ايندا هئا، ته حسين فطرت جا ڪيترائي جلوا ۽ جوڀن به مون کي نظر ايندا هئا، آءٌ خوشين ۾ ٽمٽار ٿي ويندو هوس.
انهن سڀني جلولن مان هڪ جلوي ۽ جمال يار جي عڪاسي منهنجي هن شعر مان ٿي سگهي ٿي:
چٽي آسمان ۾ چنڊ برف جو ٿڌو گولو،
تو پسائي ڇڏيو سجني بارش ۾ اڇو چولو.
اهي ته هيون هن جي نازڪ نفيس بدن جون ڪجهه جرڪندڙ جهلڪيون. پر اصل حسن ته هن جو حسن اخلاق آهي، جيڪو ماڻهن کان وٺي پکين لاءِ پيار تائين هن پکيئڙي ڇڏيو آهي. هن وينگس کي ننڍڙن ننڍڙن گلن ڦلن ۽ گلابن سان پيار آهي. هن کي پنهنجن ويجهن رشتن ۽ سڀني سهيلين، سرتين لاءِ بي انتها پيار، عزت ۽ احترام آهي. هوءَ هڪ کلمک راڻي آهي.
هوءَ روز رات جو رات جي راڻيءَ جي خوشبو سان واسجي سمهندي هئي. سمهڻ کان اڳ هوءَ باقاعدگيءَ سان اڱڻ ۾ رکيل ڪُونڊين ۾ پاڻي هاري، ٻوٽن جي ساون پنن ۽ رنگ برنگي گلن کي وهنجاري، تازو سهڻو ۽ سندر بنائيندي هئي. ان وقت هن جي آڳنڌ ۾ حسن آدم سان گڏ حسن نباتات به ٻهڪي پوندو هو. گل ٽڙي پوندا هئا. رنگ نکري نروار ٿي پوندا هئا. اڱڻ جي اها گلن ڦلن واري ڪنڊ هڪ ننڍڙي پر خوبصورت نرسري ٿي پوندي هئي. هن سندر ناريءَ جي دل انهن گلڙن کي ڏسي ٺري پوندي هئي. مرڪ هن جي چپن جي چوڌاري اچي بيهي رهندي هئي. اکين جي جوت انهن گلن جي جلون کي ڏسندي وڌي ويندي هئس. ان مهل هن ماهه لقا جي تن کي تسڪين ۽ روح کي راحت ملندي هئي، ته هوءَ سپنن جي سيج تي سُمهي رهندي هئي.
مان هن حَسين چهري کي ڏسڻ ڪاڻ جاڳندو رهندو هوس. مون کي ڪائنات جي ڪل حسن جو جز هن جي وجود ۾ نظر ايندو هو. منهنجو حسن مجازي وارو اهو سحر ائين ئي جاري رهندو هو. کڙڪيءَ جي سوراخ مان، مون کي هن جون انيڪ ادائون نظر اينديون هيون. صبح جو ڪاليج وڃڻ کان پهرين هوءَ وري اچي گلن مٿان بيهندي هئي. تيسين پيار جا رنگ برنگي پوپٽ به اڏري انهن گلن مٿان اچي ويهندا هئا. هي پتڪڙن سهڻن پوپٽن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي هئي. ان کانپوءِ هوءَ پنهنجي هٿن سان خوبصورت ننڍڙن ۽ پيارن پکين جي پڃرن وٽ پهچي، انهن کان مِٺيون مِٺيون ٻوليون ٻڌي، کين داڻو پاڻي ڏئي، پوءِ ڪاليج وڃڻ جي تياري ڪندي هئي. ڪاليج مان موٽي هوءَ آرام ڪري شام جو تيار ٿي وهندي هئي. گهر ۾ آيل پاڙي جي سهيلين، سرتين سان ڳالهيون ڪندي دل وندرائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ٽهڪ منهنجي ڪمري جي دريءَ جو سراخ ٽپي، منهنجي ڪنن ۾ هڪ وڻندڙ گونج جيان پڙاڏو ڪندا هئا. منهنجي من ۾ مانڌاڻ مچندي هئي. مان ڪمري جي دريءَ واري سوراخ ۾ اکيون اٽڪائي جو هن کي ڏسندو هوس ته هانءُ ٺري ويندو هو. هن جي اکين جي تجلي جو ڏسندو هوس ته ٿڌا ٿڌا ساهه ڀريندو هوس. هن جي لبن تي من جو موهندڙ مرڪ هوندي هئي. هن جي ڳلن تي لالاڻ ڦهليل هوندي هئي. منهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي اها ئي ته خوشنصيبي هئي، جو مان هن کي ڏسندو هوس، ”ڄڻ ته مجاز جي ماڙيءَ تي چڙهي حقيقت کي ڳوليندو هوس.“
”پر افسوس صد افسوس اي حقيقت! عشق جي رهگذر ۾ مون کي تون به ته ڪٿي نه ملئين نه!!!
اي هستيءَ حق! مون تنهنجي لاءِ به ته جان جوکي ۾ وڌي هئي. آرزوئن جا ڪيترائي گل جهوليءَ ۾ کڻي تنهنجي مقدس هستيءَ آڏو انيڪ ڀيرا ڪنڌ جهڪائي مان جهڪيو هوس. مان تو کي راضي ڪرڻ لاءِ به ته ڏاڍو رُنو هئس. ”پر مٺا! مان تو کي به ماڻي نه سگهيس!“
تو کي پائڻ لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ صوفي ٿيڻ، وحدت الوجودي ٿيڻ، عاشق ٿيڻ يا گولو، غلام ۽ ٻانهون ٿيڻ يا صبح و شام سجده برسجود ٿيڻ به ته منهنجو مسلسل عمل رهيو هو ۽ آهي.
پر پوءِ به مان محروم ۽ مايوس رهيس. مان اهو ماڻهو آهيان، جنهن جي جواني شمع جيان وگهرندي ٿي وڃي. شمع جلندي ٿي رهي. لاٽ ٻرندي ٿي رهي. محفلِ محبت مچندي ٿي رهي. سيڪ جي انهيءَ سفر ۾ ساري رات شمع جلي ٿي، ٻري ٿي ۽ ميڻ ٿي وگهري وڃي.
پوءِ به منهنجي لاءِ ڪا به ڪَلي، ڪا به مکڙي، صبح جو ڪونه ٿي ٽِڙي. هر ڪا مکڙي گل بنجڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي جوڀن کي ارپڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن جيون ساٿيءَ جي وڃي سيج سجائي ٿي. اي ڪاتب تقديرا! منهنجي دِل اتي ئي ته مرجهائجي وڃي ٿي. مان اندر ۾ درد جو درياهه سمائي ڪمري مان نڪران ٿو ته شهر ۾ هلندي گهمندي، ڦرندي ڪانه ڪا، مومل- سومل ڪومل ڪامڻي، سهڻي ۽ سدا ملوڪ صورت سامهون اچي ٿي، مون کي ان وقت منهنجي ڪا نه ڪا مجازي محبوبا ياد اچي ٿي ته مون کي ائين لڳي ٿو منهنجي خوابن جون شهزاديون هاڻي ملڪائون بنجي پنهنجن پنهنجن بادشاهن سان محلن ۾ رهن ٿيون. هاڻي منهنجون اهي سڀ محبوبائون پنهنجن راڻن جون راڻيون آهن. پر مون وٽ اڄ به انهن جي قرب جون ڪيئي ڪهاڻيون آهن. مون کي خبر آهي. ها مون کي خبر آهي ته قرب جون هي ڪهاڻيون بادشاهي شاهه نامن کان وڌيڪ سچيون ۽ پر اثر آهن. تنهنڪري مان قل جي ڪينواس تي وکريل اهي ڪهاڻيون کڻي نراسيل نرڙ تان پگهر اگهي، شهر جي بازارن مان نڪري ويران رستن تي هلڻ لڳان ٿو. منهنجي پيشانيءَ تي وري پيڙائن جون لڪيرون اڀرن ٿيون. درد جي درياهه سان گڏ سورن جو سمنڊ به گڏجي وڃي ٿو. تڏهن مان ان سمنڊ ۾ ٻُڏي وڃان ٿو. قطري مان ڪل ٿي وڃان ٿو.
جڏهن هوش اچيم ٿو ته مان پنهنجي ڪمري جي کٽ تي ليٽيل هجان ٿو.
خيالن جي پولارن مان نڪري مان سوچيان ٿو ته هتي ڪيئن پهتس؟
انيڪ خيالن ۽ جاڳيندڙ خوابن جي طوفانن ۾ ائين ڪيئي ڀيرا منهنجي قرب جو قافلو مون کان پري نڪري ويندو آهي. ڪاروانِ حيات منجهان، محبت ڪڍي ڇڏڻ منهنجي وس ۾ ناهي. مان ڇا ڪريان؟ الا! مان ڇا ڪريان؟؟؟
مان ڏسان ٿو ته طوفان کان پوءِ رڻ پٽ ۾ مان ئي ته اڪيلو رهجي ويو آهيان. ٻين پيار جي مسافرن مان ڪو به ته قافلي کان ڇڄي نه سگهيو آهي. هنن مان ڪو به ته ڪاروانِ حيات کان ڪٽجي نه سگهيو آهي. هنن مان ڪو به ته محبتن جي منزلن کان محروم نه رهيو آهي. رهجي ويس ته رڳو مان ئي رهجي ويس. متلاشي رهيس ته فقط مان ئي محبتن جو متلاشي رهيس. روح جي رمز جو ڳولائو رهيس.
”اي تقدير! ڇا منهنجي تدبير جو ڪو به صلو نه ڏيندئين!؟
اي مقدر! منهنجي قرب جو ڪشتو اڃا به خالي آهي. ڇا مان هاڻي دعائن لاءِ به هٿ کڻڻ ڇڏي ڏيان؟“
ڇا مان هن سُڃ ۽ سراب ۾ ئي ڀٽڪندو رهيندس؟؟
ڪٿي ته منهنجي سڪ جي سبيل به رکيل هوندي.
اي تقدير حيات! مون کي ٻڌاءِ ته اها ڪٿي آهي؟ ته مان اوڏانهن راهي ٿيان. مان ان کي تلاش ڪيان. ان کي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳوليان. شهر شهر ۾ ان جي حاصلات لاءِ جستجو ڪيان.
پر مون کي تو وٽان ڪو به جواب نه ملندو آهي. ڇو ته تو کي ڪاتب تقدير اها اجازت نه ڏني آهي. تڏهن نيٺ مان صبر ۽ شڪر ڪري شهر جي بازارن گهٽين، چونڪن، سينيما هالن، تفريحي پارڪن، بس اسٽاپن، ريلوي پليٽفارمن، هوٽلن، ريسٽورينٽس کان وٺي پنهنجي ڪمري جي ڳڙکيءَ (دريءَ) جي سوراخ مان مجازي محبتن کي تلاش ڪندو آهيان. دلبري ديد جي ڳولا ڪندو آهيان.
تڏهن ٿڪل ۽ مايوس منهنجي وجود ۾ هن حسين دلربا جو درشن دل جي درپن جيان هوندو آهي. قلب کي قرار ملندو آهي. هوءَ ڪاليج مان ايندي هئي ته کيس ڏسي منهنجا نيڻ ٺرندا هئا.
ائين هن محبت جي مورتيءَ جي مورتيءَ جو دم درشن ڪندي ڪيترو ئي وقت گذري ويو. هوءَ به هاڻي يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ وڃڻ لڳي آهي. روپ ۽ رنگ به نکري پيو اٿس. اڳي آرسي ڏسندي هئي ته شرمائجي ويندي هئي. هاڻي ٽِڪ ٿي ڏسي ته ٽڙي ٿي پوي. صفا شوخ ۽ چنچل ٿي وڃي ٿي. خوشيءَ وچان ڳل ڳاڙها ٿي ٿا پونس. هاڻي ته هوءَ يونيورسٽيءَ مان موٽندي مون کي گهٽيءَ مان لنگهندو ڏسي لڄي ٿي اڳي جيان ڪنڌ هيٺ نه ڪندي آهي. پر اکيون ملائي شوخ ادا سان پنهنجي گهر جي ڪال بيل تي هٿ رکي ان وقت تائين بيهي رهندي آهي، جيسين اندران کيس ڪو در کولڻ جو تڪڙو جواب نه ڏئي. آفيس مان موٽندي منهنجون اکيون به ان وقت هن جي سنهڙي، سهڻي ٻانهن تي بيهي رهنديون آهن. هن جي ٻانهن ائين ئي هڪ اڌ منٽ اندر ڪال بيل کي ٻيهريان ٽيهر وڄائڻ لاءِ اڃا مٿي ئي کڄيل هوندي آهي. ان وقت ائين لڳندو اٿم ڄڻ ته ڪنهن برف جهڙي ٿڌي ۽ کير جهڙي سفيد ۽ ملائم ڪنواري ٻانهن هن جي مڪمل سونهن جي پڪي نشاني آهي. سندس ٻي ٻانهن تي ڪتابن جي کسٿي هوندي آهي.
هن کي ڪهڙي خبر ته هن جو ڪنوارو پاڙيسري عاشق، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽِي يا ڪنهن ڪم ڪار سان گهر مان نڪرندي گهٽيءَ ۾ ڏسي کيس خيالن ۽ خوابن ۾ پنهنجي ڪنوار بنايو ويٺو آهي. ها هي ڪنوارو ڪنهن ڪومل ڳاڙهي ڪنوار جي ڳولا ۾ ڪيڏو نه ڀٽڪيو آهي. هاڻي سندس خيالي محبوبا ڳاڙهي ڪنوار بنجي سندس تصور کي رنگين کان رنگين ۽ حسين کان حسين ترين ڪري ٿي.
هوڏانهن هُن ڇوڪريءَ سوچيو هوندو ته پاڙي شهر، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي نوجوانن جيان هي به ڪا ڪنواري ڇوڪري ڏسي، عام رواجي طرح دل خوش ڪري رهيو هوندو. عام طرح ديدار بازي ڪري دل پشوري ڪري رهيو هوندو.
هِن ڇوڪريءَ کي ڪهڙي خبر ته چئن سالن جي، ڪئلينڊرن جا اَلائي ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون هو سُکَ آرام ۽ ننڊون ڦٽائي فقط ۽ فقط هِن کي ئي درشني ديد کڙڪيءَ جي سوراخ مان بخشي رهيو آهي. هِن کي لِڪي لِڪي هر روپ ۽ رنگ ڏسي رهيو آهي.
هي هِن جي ڪاليج جي ٻاهران به چڪر ڪاٺي چڪو آهي. ته يونيورسٽيءَ به هِن جي ديدار لاءِ ڪيئي ڀيرا وڃي چڪو آهي. پر پاڻ ظاهر نه ڪرڻ واري روپ ۾- ”سواءِ سرجڻهار جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪير ڪنهن لاءِ ڪيترو تڙپي چڪو آهي. ڪيتري ڀوڳنا ڀوڳي چڪو آهي.“
وقت زندگيءَ جا سدا بهار لمحا پوئتي ڇڏي ويندو آهي. برف ڪُوهه هماليه تان وگھري پاڻي ٿي، مانسره وَٽان سنڌوندي ۾ ايندي آهي. برساتن جو پاڻي سنڌوءَ ۾ پوندو آهي. پهاڙن جي آبشارن جو پاڻي وهي، نت نراليون نئيون (نديون) ٺاهيندو آهي. چشما ڌرتيءَ جي ڪک مان ڦٽي شفاف پاڻي ڏيندا آهن. دريائن مان پاڻي وهندو وهندو وڃي، سمنڊ ۾ ڪرندو آهي. اُهو پاڻي اُتان وري سج جي ڪرڻن جي تپش تي ٻاڦ بنجي فضا ۾ ڪڪر ٺاهيندو آهي. بادل پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن، ته وري مِينهن جون مُندون اينديون آهن. وَسڪارا وسندا آهن. ڪڪرن جي آب جو نه کٽندڙ سفر اجاري رهندو آهي.
محبتن جو سفر به ائين جاري ۽ ساري رهندو آيو آهي. هڪڙيون محبتون وڇڙي وينديون آهن. وري ٻيون محبتون به وڇڙي وينديون آهن، ته وري ٽيون محبتون تلاش ڪبيون آهي. هڪڙا قافلا هليا ويندا آهن، ته ٻيا ڪاروان تيار بيٺا هوندا آهن. وقت جو سفر ۽ سُونهن جي ماڻڻ جي تمنا وري اندر منجھان اُڀري ايندي آهي. ماڻهو جيڪو محبتن جو مَاريل آهي. سو پنهنجي سِڪ جو سامان نئين سِر ٻڌي رکندو آهي. دنيا ائين ئي ته اُميد تي قائم آهي.
مون به هِن کي جِيتڻ جا اَنيڪ جتن ڪيا. پر منهنجي خَطن ۾ ڪو خاص اثر نه هو. يا منهنجي شخصيت اڻپوري هُئي، يا منهنجا جُهريل جذبا هُن جي ڪُنوارن ڪُومل جذبن سان جڙي نه سگھيا. ائين اسان ٻئي هڪ ٿي نه سگھياسون، پر ڪڏهن به مِلي ئي نه سگھياسون.
جنهن ڏينهن هِن جي شادي هُئي، اُن ڏينهن مان به هڪ ويجھي پاڙيسريءَ جي حيثيت ۾ هُن جي خوشين ۾ هڪ دعوتي جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيڻيو هوس. پر مُون ۾ ايتري همت نه هُئي. مان هُن جي شادمانيءَ تي رنج نه هئس. پر مَان هُن جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي سهپ پاڻ ۾ ساري نه سگھيس.
زندگيءَ جا وِکريل داڻا، اَڃان به اَلائي ڪيترو وکِري وڃن ها-يا منهنجا ڳوڙها-سڏڪا ۽ هَنجون هُن جا ڄَاڃِي ٻڌي وٺن هان. منهنجو اُداس ۽ مُرجھايل مُنهن اُن خوشيءَ جي موقعي تي ڪنهن کي اَڻ وڻندڙ ته ڪنهن کي ڪونه ڪو قصو گھڙڻ جو موقعو ڏئي ها ۽ منهنجي هيءَ محبوبا رسوا ٿئي ها.
”ماڻهن جي وات کي ڪير ٿو روڪي سگھي ڀلا.“ تنهنڪري هُن جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ بنا سڄو ڏينهن گھر ۾ رهيس. دل کي آٿتون ۽ آسرا ڏيندو رهيس. لڙڪ ڳلن تان اگھندو رهيس. شاديءَ جا شادمانا ۽ خُوشيون اکين سان ڏسندو ۽ ڪنن سان ٻڌنڌو رهيس. دريءَ جي سوراخ مان شاديءَ جون خوشيون ڏسندو، جھرندو اَندروئي اندر ۾ پچرندو رهيس.
نيٺ اُن وقت دل تي پٿر جو مضبوط غلاف چاڙهي، سيني کي سَنگِ ڪوهه بنائي، دريءَ جي سوراخ ۾ اکيون وجهي بيٺس، جنهن وقت هن کي رخصت ڪري رهيا هئا، ان وقت سونهن ۽ سِڪ جو هڪ ڀرپور ساهه منهنجي وجود مان نڪتل ان قيمتي شيءِ کانپوءِ برهه جو بيمار ٿي پيو هوس. جهريل جذبن واري ان بيمار وجود کان ڪجهه گهڙيون مون پرئين جي ديدار جون گهريون.
ڳاڙهي ويس ۾، سينگار جي سمورن سامانن سان سينگاريل هي ڳاڙهي گلاب جو گل پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ جو ڪنوارو حسن کڻي، ڪنواري بدن سان پنهنجي پڌر مان پوري آب و تاب سان اچي رهيو هو. هن رخصتيءَ جي انهن اهم لمحن ۾ ايترن مهمانن جي هوندي به آخري ڀيرو پنهنجي پين جي پڃري ڏانهن ڏٺو. پکين کيس مٺڙين ٻولين سان الوداع ڪيو. هن پنهنجي هٿن سان جن گلن ڦلن جي آبياري ڪئي هئي. انهن ڏانهن وڏي پاٻوهه مان ڏٺو. موٽ ۾ گلن ڦلن به پنهنجي سندرتا ۽ سونهن ۾ نکار آڻي خوشبوءِ ڦهلائي کيس خدا حافظ ڪيو. شرناين جي گونج ۽ شاديءَ جي سهرن جي آلاپن کي ٻڌندي وچ پڌر ۾ پهچي هن پنهنجي چهري جي گهونگهٽ کي هٽائي آسمان ڏانهن ڏٺو. اف خدا! اڄ به چوڏهين جو چنڊ هن جي جيون ساٿيءَ کان پهرئين هن جي ڀرپور جواني حسن ۽ شباب سان ڀريل ڳاڙهي ڪنوار جي ٻهڪندڙ مکڙيءَ کي چمي رهيو هو.“
مون کان اهو سڀ ڪجهه سَٺو نه ٿيو. بنا هوش ۽ حواس جي ڪڏهن نه کلندڙ دريءَ جا ٻئي تاڪ مون کان زور سان کُلي ويا. چئن سالن کان بند کڙڪيءَ جا تاڪ اوچتو زور سان کلڻ تي هڪ آواز ٿيو هو. شاديءَ جي هل هنگامي ۽ گوڙ ۾ ڪنهن ٻئي تي ڏٺو يا نه ڏٺو. ڌيان ڏنو يا نه ڏنو. پر ان ڳاڙهي ڪنوار امالڪ ان دريءَ ڏانهن نهاريو. جنهن جا ٻئي تاڪ کلي چڪا هئا. هن هڪ يا ٻه سيڪنڊ مون ڏانهن نهاريو. منهنجو سمورو وجود جهري ۽ ڀري پيو. منهنجي چهري تي الائي ڪهڙو تاثر هو. منهنجي اکين ۾ الائي ڪهڙي نهار هئي. جو هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ لڳي. رخصتيءَ جي لمحي لمحي جي مووي ڀرجندي رهي. ڪئمرا جا فليش، روشنيون، خوشيون، سهرا، ڪنوار جي ماءُ، پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن جا سڏڪا به ان ۾ شامل ٿيندا رهيا.
دري کليل ئي رهي. پر مان دريءَ تي وڌيڪ بيهي نه سگهيس. پنهنجي ڪمري ۾ ئي کٽ تي ساڻو ٿي ليٽي پيس. هلڪا هلڪا سڏڪا ۽ ڳوڙها هئا، جيڪي منهنجي اندر جي پهاڙ مان پاڻيءَ جو آبشار بنجي منهنجي اکين مان ڪرندا. ڳلن تان ٿيندا، ڪنن کي آلو ڪندا ڪنڌ تائين پهچي، وهاڻي کي به پسائي رهيا هئا. مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون، پر اکين لڙڪ لاڙڻ بند نه ڪيا هئا.
ڄڃ وڃي چڪي هئي. تڙپندي تڙپندي سڏڪندي سڏڪندي منهنجي اها رات گذري هئي، صبح جو اٿي مون دري بند ڪري ڇڏي ۽ ان سوراخ کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ کٽ تي ليٽي جهيڻي جهيڻي آواز ۾ ٻاڏايو هو ته، ”اي مالڪ! مون کي معاف ڪر.“ مان ته هن پري چهره حسن جو گهوٽ ٿيڻ جي قابل ئي نه هئس. منهنجي نصيب ۾ ته هن نازنين جي نيهن جو ذرو به شامل نه هو ۽ مان چار سال هن کي شريڪ حيات بنائڻ جا خواب ڏسندو رهيس. سپنا سرجندو رهيس. ها جو ڪجهه به هو، اهو منهنجي پنهنجي پيار جو اثر هو.

”اي پالڻهار! مون کي نئين سر همت ڏي ته مان وري پيار جي حاصلات لاءِ جستجو ڪيان.“ مان پنهنجي وني ڳوليان. شريڪ سفر ڳوليان. پنهنجي همسفر کي حاصل ڪيان. هن هيڏي ساري جهان جي ڪنهن نه ڪنهن ڪارروان ۽ قافلي جي ڪنهن نه ڪنهن ڪجائي تي سجيل ۽ سينگاريل ڪا نه ڪا ڳاڙهي ڪنوار ته منهنجي لاءِ به هوندي نه!!؟

No comments:

Post a Comment