Sunday, November 2, 2014

وڏي ماڻهوءَ جي ناني - پرويز

وڏي ماڻهوءَ جي ناني
پرويز
”بابا “
”جي پٽ“
”اوهان اڄ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
”پٽ، پنهنجي تڪ جي ايم اين اي (ميمبر نيشنل اسيمبلي) جي ناني گذاري ويئي آهي، سو اوڏانهن ٿو وڃان ڪانڌي ٿيڻ.“
”بابا، ان جو ڳوٺ ته الاهي پري آهي. گاڏيءَ کان سواءِ ڪيئن وڃي سگهبو!“
”ها پٽ، گاڏي ته ڀاڙي تي ڪرڻي پوندي. هڪ ته پنڌ گهڻو پري آهي. ٻي ڳالهه ته وڏن ماڻهن وٽ ائين پنڌ ٿو وڃجي (لوڪل ٽرانسپورٽ ذريعي) ته ڪير پڇي به ڪو نه ٿو. تنهن ڪري به گاڏيءَ ۾ وڃڻو پوي ٿو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ ڪير هٿ ڏيئي ڪٿي ويهاري ته سهي!“
”پر بابا، گاڏي به ٻه اڍائي هزار روپيه ته ضرور وٺندي!“
”ها پٽ، ائين ته آهي. مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي. ٻيو ته اڄ سي اين جي گئس به بند آهي. سو ڊرائيور ته پنهنجي من ماني ضرور ڪندا. پر ڇا ڪجي! وڃڻ به ته ضروري آهي نه.


”چڱو، ٺيڪ آهي بابا.“
”بابا“
”جي پٽ“
”بابا، ٻاهر پاڙي جو عارو مهاڻو سوير کان اوهان لاءِ ويٺو آهي.“
”ڇا ٿو چوي؟“
”بابا، چوي ٿو ته ٽيون ڏينهن سندس گهر واريءَ کي دائيءَ ويم ڪرايو هو. ٻن ڏينهن کان دائيءَ پئي ڪوشش ڪئي، پر پهريون ٻار هو، سو ويم  ٿيو ئي نٿي. انهن ٻن ڏينهن دوران ڇوڪرو پيٽ ۾ ئي گذاري ويو هو. وٽن پئسو ڏوڪڙ ته هو ئي ڪو نه، جو مائي کي اسپتال کڻي وڃن.“
”پر هاڻي ڇا ٿو چوي عارو؟“
”بابا، عارو چوي ٿو ته  ويم دوران دائيءَ کان ڪا ڪمي پيشي رهجي ويئي آهي. سو مائي گهڻو خون ضايع ٿيڻ ڪري سڄي هيڊي ٿي ويئي آهي ۽ کيس تڪليف به برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. سو ڪجهه مدد ڪرڻ لاءِ سوالي بڻجي آيو آهي، ته جيئن اسپتال وڃي سگهن. ڏاڍو روئي پيو. چوي ٿو ته منهنجي ننڍي نيٽي زال هرو ڀرو بي گناهه، بنا علاج جي  مري ويندي. منهنجي ڪجهه مدد ڪريو.“
”هونهن...! ته اها ڳالهه آهي...!! هڪڙو ته انهن بکين ڀينگين مان لڳي رهيا آهيون. چڱو، اچي هي وڃي ڏيئينس.“
”پر بابا، هيءُ ته ڇڙو هڪ سئو روپيه آهي. اهو ته رڳو ڳوٺ کان شهر تائين رڪشا جو هڪ پاسي جو ڀاڙو ئي مس ٿيندو! پوءِ هو علاج  ڇا مان ڪرائيندو... دوائون ڪيئن وٺندو ۽ واپس ڪيئن موٽندو بابا.....!!“ پٽ حيران ٿيندي پڻس کان پڇيو.
”پر پٽ، عاروءَ جي سڄي گهر جي خرچ جو بار پاڻ تي ته ڪونهي نه. پاڻيهي ڪٿان پٽ سٽ ڪندو.“
”پر بابا، ڪالهه ته اوهان هڪڙي جهور پوڙهي مائيءَ جي جنازي کي ڪلهو ڏيڻ تي اڍائي ٽي هزار خرچ ڪري آيا ۽ اڄ هڪڙي نوجوان عورت جي حياتي بچائڻ لاءِ صرف هڪ سئو روپيه پيا ڏيو..! بابا، ڪنهن غريب سان اهڙو مذاق....“
”پٽ، تون گهڻو ڳالهائڻ ته ڪو ڪو نه لڳو آهين...! پنهنجي بابا جي سامهون ايترو گهڻو ڪو نه ڳالهائبو آهي....! هونئن به غريب ته روز پيا مرن، انهن کي ڪيترو هٿ آڏا ڏيئي بچائبو....!

”جي بابا، سمجهيم، آئيندي احتياط ڪندس.“

No comments:

Post a Comment