Monday, October 27, 2014

ٻڪرار جي سياڻپ - دوست محمد جوڻو

ٻڪرار جي سياڻپ
دوست محمد جوڻو
ڪنهن زماني جي هڪ بادشاهه جي ڳالهه آهي. بادشاهه جو نالو جان هو. اهو بادشاهه پنهنجي عوام لاءِ وڏو ظالم ۽ حاسد هوندو هو. هو سمجهندو هو ته سڄي ملڪ ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت. هن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو ته ماڻهو هن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي ڳالهه مڃن ٿا ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.


هڪڙي ڀيري بادشاهه کي خبر پئي ته چرچ جي وڏي پادريءَ وٽ تمام گهڻي ملڪيت آهي. هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ تمام وڏو گهر ٺهرايو آهي ۽ هڪ سؤ نوڪر رکيا اٿس، جيڪي سونا ڪمر بند ٻَڌن ٿا. انهيءَ کانسواءِ گهر ۾ هن تمام قيمتي سامان به گڏ ڪيو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي بادشاهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو پادريءَ سان حسد ڪرڻ لڳو. نيٺ هڪ ڏينهن هن پادريءَ کي گهرايو ۽ چيائينس: ”پادري! مون ٻڌو آهي ته تنهنجو گهر منهنجي محل کان به وڏو آهي. ڇا اها ڳالهه سچ آهي؟“ پادريءَ هٿ ٻڌي ادب سان چيو: ”بادشاهه سلامت! اهو نسورو ڪوڙ آهي. سڀئي ڄاڻن ٿا ته آئون ايترو دولتمند ناهيان. آئون پنهنجي ڪمائيءَ کانسواءِ ٻئي جو پئسو به پاڻ تي خرچ ڪرڻ گناهه سمجهان ٿو.“
بادشاهه چيس: ”ڇا تون اهو چوڻ گهرين ٿو ته آئون ٻين جي دولت خرچ ڪريان ٿو؟ سمجهين ٿو ته ائين چئي تو منهنجي بيعزتي ڪئي آهي. جڏهن ته اهڙيءَ گستاخيءَ جي سزا موت آهي.“
پادري اهو ٻڌي گوڏن ڀر ڪِري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”بادشاهه سلامت! منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو، مون ته ايترو چوڻ ٿي گهريو ته ماڻهو مون بابت غلط ڳالهيون ڪندا رهن ٿا.“
بادشاهه ڪاوڙ ۾ چيس: ”انهيءَ هوندي به مون کي تنهنجي ڳالهائڻ جو طريقو بلڪل نٿو وڻي. انهيءَ جي تو کي ضرور سزا ملڻ گهرجي. پر آئون تو کي هڪڙو وجهه ڏيان ٿو، جيڪڏهن تون منهنجن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندين ته تو کي ڇڏي ڏبو، نه ته تو کي قتل ڪيو ويندو.“
ويچارو پادري ڪري به ڇا ٿي سگهيو. تنهنڪري هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: ”بادشاهه سلامت! آءٌ ڪوشش ڪندس.“
بادشاهه چيو ته؛ ”پهريون سوال هيءُ آهي ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟ هڪڙي هڪڙي پئسي جو حساب ڪري ٻڌائجانءِ. ٻيو سوال هيءُ آهي ته جيڪڏهن آئون گهوڙي تي سوار ٿي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو وقت لڳندو؟ ۽ ٽيون سوال هيءُ آهي ته هن وقت آئون ڇا پيو سوچيان؟“
اهي سوال اهڙا ته ڏکيا هئا جو انهن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ پادريءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي. تنهنڪري هن وري به گوڏن ڀر ڪِري سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت گهري. بادشاهه جان پادريءَ کي مهلت ڏني ۽ پادري سڌو انگلستان هليو ويو، جتي وڏيون درس گاهون هيون ۽ وڏا عالم، قابل علم جا ماهر ماڻهو رهندا هئا. اتي به ڪنهن کي بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ملي سگهيا. اهڙيءَ طرح پادري ويچارو ڦيريون ڏيندو رهيو، پر ڪٿي به کيس ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو، جيڪو بادشاهه جي سوالن جا جواب ڏئي سگهي.
ٽن هفتن جي مهلت ختم ٿيڻ ۾ باقي ٻه ڏينهن وڃي رهيا هئا. پادري مرڳو پنهنجي زندگيءَ مان اچي بيزار ٿيو هو ۽ ڏاڍو مايوس پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.
گهر ڏانهن ايندي رستي ۾ هن کي هڪڙو ٻڪرار مليو، جيڪو هن جون ٻڪريون چاريندو هو. ٻڪرار پادريءَ کي ڏٺو سو ادب سان سلام ڪري چوڻ لڳو: ”سائين! بادشاهه جي درٻار جي ڪا خبر چار ڪريو؟“
پادريءَ وراڻيس: ”خبر ڏاڍي خراب آهي. منهنجي حياتيءَ جا باقي ٻه ڏينهن وڃي بچيا آهن. جيڪڏهن انهن ٻن ڏينهن ۾ آئون بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڳولي سگهيس ته پوءِ منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“
چارڻ پڇيو: ”سائين! اهي ڪهڙا سوال آهن؟“
پادريءَ هن کي بادشاهه جا ٽئي سوال ٻڌايا. ٻڪراڙر سوال ٻڌي چيو: ”سائين! اوهان ڪا به ڳڻتي نه ڪريو. اوهان ٻڌو ڪونهي ته ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل جي ڳالهه ڪندا آهن. اوهان مون کي پنهنجو گهوڙو، پنهنجو لباس ۽ چار نوڪر ڏيو، آئون اوهان جا ڪپڙا پائي بادشاهه وٽ ويندس ۽ سندس سوالن جا جواب ڏيندس.“
پادريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي ته هڪ اڻپڙهيل ٻڪرار سندس لباس پائي. هن ويچار ڪيو ته جن سوالن جا جواب هو پاڻ نه ڏئي سگهيو، انهن سوالن جا جواب جيڪڏهن هڪ ٻڪرار ڀڃي ٻڌائيندو ته پوءِ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه چئبي. لاچاري هئي. تنهنڪري ٻڪرار جي ڳالهه مڃي، پادريءَ هن کي پنهنجا ڪپڙا، گهوڙو، ڪي پئسا ۽ نوڪر ڏنا. پاڻ گهر ڏانھن هليو آيو.
چارڻ، پادريءَ جو ويس بدلائي، شهر ويو ۽ بادشاهه جي دربار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پادري سمجهي، منهن ئي ڪو نه ڏنو ۽ سختيءَ سان چيائينس: ”سڀاڻي درٻار ۾ سڀني جي اڳيان تو کي منهنجن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن تو صحيح جواب ڏنا ته تو کي آزاد ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن تو غلط جواب ڏنا ته تو کي قتل ڪرايو ويندو.“
ٻئي ڏينهن درٻار لڳي، سڀئي وزير ۽ مشير پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويٺا. ايتري ۾ ٻڪرار کي به حاضر ڪيو ويو، جيڪو پادريءَ جو ويس بدلائي آيو هو. هن جي پٺيان جلاد ترار کنيو بيٺو هو. بادشاهه به ٻڪرار کي پادري پئي سمجهيو. ٻڪرار گوڏن ڀر جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو: ”بادشاهه سلامت، آئون حاضر آهيان.“
بادشاهه چيو: ”چڱو، هاڻي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟“
ٻڪرار جواب ڏنو؛ ”بادشاهه سلامت! انهيءَ جو جواب ته ڏاڍو سَولو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو سِڪو هلي ٿو، ان ۾ اوهان جي تصوير آهي، ان جو مطلب ته اوهان جي قيمت هڪ سڪي برابر آهي.“
بادشاهه ٻڪرار جو جواب ٻڌي کلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي خبر نه هئي ته منهنجي قيمت ايتري ٿوري آهي، پر خير تو حساب بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي. تنهنڪري تنهنجو اهو جواب قبول ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ٻئي سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته جيڪڏهن آئون گهوڙي تي چڙهي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته ڪيترو وقت لڳندو؟“
ٻڪراڙ جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت! ان جو جواب به تمام سَولو آهي. جنهن وقت سج نڪري، تنهن وقت اوهين به گهوڙي تي چڙهي سج سان گڏوگڏ هلندا هلو، پر اوهان جي رفتار نه سج کان وڌي نه گهٽي. اهڙيءَ ريت اوهان اٺن پهرن ۾ سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻي سگهو ٿا.“
اهو جواب ٻڌي بادشاهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته؛ ”تون سچ ٿو چوين. دنيا جي چڪر هڻڻ جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. پر هاڻي ٽيون سڀني کان ڏکيو سوال آهي. ٻڌاءِ ته آءٌ هن وقت ڇا پيو سوچيان؟“
ٻڪراڙ چيو: ”بادشاهه سلامت! اهو ته سڀني کان سُولو سوال آهي. اوهين سوچيو پيا ته آئون چرچ جو وڏو پادري آهيان. پر آئون حقيقت ۾ هڪڙو غريب ٻڪرار ۽ پادريءَ جو نوڪر آهيان ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪريان ٿو ته پادريءَ جي جان بخش ڪئي وڃي.“
ائين چئي ٻڪرار پادريءَ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا.
اهو تماشو ڏسي درٻار جا سڀئي وزير ۽ مشير کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا.

بادشاهه جان کي پهرين ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته هڪڙي ٻڪرار، کيس بيوقوف بڻايو، پر وري به هو کلڻ لڳو ۽ آخر خوش ٿي بادشاهه پادريءَ کي معاف ڪري ڇڏيائين ۽ ٻڪرار کي انعام ڏيئي روانو ڪيائين.

No comments:

Post a Comment