Monday, October 27, 2014

ٻارن جو وڪرو - مقصود گل

ٻارن جو وڪرو
ڪھاڻي
مقصود گل
ڪراچي جي ريگل چوڪ جي فوٽ پاٿ تي پڪي عمر جو هڪ مرد ۽ هڪ عورت، ٻه معصوم ٻارڙا کارن ۾ ويهاريو اڳيان رکيو ويٺا هئا، ۽ هوڪا ڏئي رهيا هئا؛ ”ٻار وٺو! ٻار وٺو!“ عورت جو منهن لٿل ۽ مايوس هو پر مرد پنهنجي مايوسيءَ ۽ درد کي، هٿرادو مرڪ مرڪي، پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو.
ماڻهن جي هجوم مان هڪ گراهڪ ڳالهايو؛ ”گهڻو...... گهڻو!“
مرد وراڻيو؛ ”ٻه ٻه هزار.“
گراهڪ چيو؛ ”نه! هڪ هڪ هزار!“
”ڏي ڀلا!“ مرد هٿ ڊگهو ڪندي چيو.
”نه نه مون کي نه کپن...! بس مون ائين ئي چيو. اگهه پڇڻ لاءِ...!“ گراهڪ چيو.
ٻارن جي ماءُ ڏکوئيندڙ لفظن ۾ چيو؛ ”پئسا نه ڏي! تون ٻار ائين ئي وٺي وڃ! بس منهنجي ٻارن کي ڍَوَ تي ماني کارائجانءِ..!“

ماءُ جون اکيون آبشار ٿي ٽمڻ لڳيون..!

No comments:

Post a Comment