Friday, October 10, 2014

وري آ پکي واهيري - حسين ڪپري

وري آ پکي واهيري
ڪھاڻي
حسين ڪپري
اڄڪلهه هر ڪو ماڻهو رومانس ۽ مارڌاڙ جون ڪهاڻيون پڙهڻ پسند ڪري ٿو. پکيءَ جي آکاڻيءَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي، جيڪا ڪنهن کي موهي هينئڙو هٿ ڪري سگهي. پر پوءِ به اوهان کي ٻڌائڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي.


هو پرديسي پکي هو. جيڪو اُتر واري پاسي کان اُڏامي هتي آيو هو ۽ ڏاڍو ٿڪل پئي لڳو! سندس حالت خراب هئي. ڊگهي سفر جي ڪري ماندو ٿي پيو هو. چون ٿا؛ انهيءَ پاسي ڏاڍا هٿيار آهن. الائي ڪيترين گولين جي نشانن کان بچي نڪتو هو. مهمان پکين تي هونئن به وڏو مارو هوندو آهي. ننڍا وڏا، ڄَٽ ۽ تجربيڪار شڪاري، امير غريب، ملڪي ۽ غير ملڪي شهزادا، گُليلون، بندوقون ۽ رائفلون کنيو، سڀ سندن جان جا دشمن ٿيو پيا ڦرندا آهن. ڪن کي ٺلهو شڪار جو شوق هوندو آهي، ٻيا رونشي ۾ هنن جي جان وٺڻ چاهيندا آهن. ڪن پوڙهن کي وڃايل جواني موٽائڻ لاءِ سندن گوشت گهربل هوندو آهي، ته ڪي وري کين ٽرافيءَ لاءِ مارڻ چاهيندا آهن! پر هو ڏاڍو بلند پرواز هو. ڪڪرن جي مٿان، انڊلٺ جي ڀر وٺي اُڏاڻو، مگر شڪارين کان ايترو ٽهيل هو جو اها ست رنگي انڊلٺي لڪير به کيس ماريءَ جي ڪمان وانگر ٿي لڳي. جوکن خطرن جي باوجود هن پنهنجو سفر جاري رکيو. سمونڊن جي مٿان، دريائن جي وچ سِير وٽان، پهاڙن تان ڪرندڙ جهرڻن جي اوٽ ڏئي اُڏامندو رهيو، خبرداريءَ سان! زمين تي به کيس ڦاسائڻ لاءِ ماڻهن دام وڇايا هئا، ڪوڙڪيون اَڏي ڇڏيون هيون، انهن سڀني کان پاسو ڪري لنگهي آيو هو، کيس اها خبر نه هئي ته، ڪنهن جي وات جو گِرهه ٿيندو پر تڏهن به يقين هئس ته جيستائين دنيا ۾ سندس داڻو پاڻي لکيل هو، تيستائين جيئندو. ايترن کُٽڪن ۽ خوفن جي ڪري کيس مٺي خوابن واري ننڊ نصيب ۾ ڪو نه لکيل هئي. هو هڪ اک سان سمهندو ۽ ٻيءَ سان جاڳندو هو! هو ماڻهن جون ٺاهيل سرحدون ۽ انهن کي اُڪرڻ جا قاعدا قانون ليکيندو ئي ڪو نه هو. زمين تي وڇايل بارودي سِرنگهون، ڪنڊيدار تارون، اُوچيون ديوارون ۽ ٻيا دنگ نشان کيس روڪي نه سگهندا هئا. هن کي ڪنهن به پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت نه هئي. جتي دل چوندي هئس، اُتي هوائن سان گڏ هليو ويندو هو. سندس نظر تمام سٺي هئي، هزارن فوٽن تان ٻاجهر جو داڻو به ڏسي وٺندو هو، مٿان کان هيٺ نِهاريندو هو ته ماڻهو ڪيڙي ماڪوڙي ۽ جيت جڙي وانگر ننڍڙا نظر ايندا هئس. هونئن به جي ماڻهن کي بلنديءَ کان ڏسجي يا ويجهڙائيءَ کان، ”ننڍڙا“ ئي لڳندا آهن! پر هن ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه تي فخر يا غُرور نه ڪيو. هو پنهنجي وَلر جي آخري پکين مان هڪ هو، جيڪو اڃا تائين زندهه بچي ويو هو. انڪري کيس تمام گهڻيون ذميواريون به نڀائڻيون هيون، مٺيون ٻوليون ٻولڻيون هيون، وڇڙي ويل پکي ڳولي گڏ ڪرڻا هئا، پنهنجو نسل بچائڻو هو ۽ ان کي اڳتي وڌائڻو هو. جهنگلن، ٻيلن ۽ وڻن کي سونهن بخشڻي هئي. ڪڙمي ۽ مالوند ماڻهن کي سڻائي موسم جي خوشخبري ٻڌائڻي هئي، عاشقن جا سَنيها پهچائڻا هئا، محبوبن جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻي هئي ۽ واپس وري واهيري به اچڻو هو. کيس خبر هئي ته مُصور کيس پينٽ ڪرڻ جي انتظار ۾ هئا، شاعرن جون سِٽون هن کان سواءِ اڻپوريون پيون هيون، سندس هڙئي ڪم وچ ۾ اڌورا رُليا پيا هئا.
کيس مهربان موسمن جو انتظار هو، جڏهن وڻن ۾ ٻُور ايندو، هوائن ۾ هڳاءُ ٿي ويندو، سڀ ڪو پنهجي ڪرت کي لڳي ويندو. هاري هر سنڀاريندا، ڌَنار مال چاريندا، دنيا جو گاڏو رِڙهي پوندو ۽ پوءِ هو به بي اونو ٿي اُڏامي ويندو! سندس منزل پري هئي، دور ڪنهن خاموش جبلن جي وادين ۾ جتي آسائتو سج، اُڀري لهندو هو، خاموش راتيون بنا کُٽڪي ننڊ لاءِ بڻيون هيون، ٻارن جي رانديڪن ۽ ڦرموٽڙين وانگر ڦرندڙ موسمون سندس استقبال لاءِ اوسيڙي ۾ هيون، اُتي جهنگ ۾ به هڪ قانون هلندو هو، ڌارين تي به ڀروسو ڪري سگهبو هو. مگر هن کان پنج هزار سال پراڻي سنڌ ديس جي ماڻهن جي حالت ڏسي، پنهجا ڏُک وسري ويا. کين تنهائين ۽ دردن ۾ ڇڏي اڳتي اُڏري نه سگهيو. هن هتي ترسڻ جو فيصلو ڪيو. سندس دل پاڻيءَ تي وڃڻ لاءِ واجهايو پر هو ڏاڍو سمجهو هو، اوڏانهن ڪو نه ويو. ڇو ته کيس خبر هئي ته نيري پاڻيءَ جون ڍنڍون پکين جا ڪوس گهر هئا! هو هڪ ڳوٺ جي پراڻي وڻ جي کوکلي ٿُڙ ۾ آکيرو ٺاهي رهي پيو هو. اهو وڻ به وڏي مشڪل سان هٿ آيو هئس. هن ملڪ ۾ وڻ ته ڪو رهيو ئي ڪو نه هو پر جي ڪو بچي به ويو هو تڏهن به هر ڪو انهيءَ ۾ اَک کُتايو ويٺو هو. هن ديس ۾ نه ڪا لام هئي، نه لات هئي. نه ڪا وري سائي ٽاري، جنهن تي اچي ڪو پکي ويهي. پکين ۽ وڻن جو پاڻ ۾ وڏو سَڱ سياپو هوندو آهي. هڪ ٻئي ۾ اصل ساهه پساهه هوندو اٿن. ماڻهن وڻ وڍي ڇڏيا هئا ۽ پکين کي ماري يا پڃرن ۾ بند ڪري قيد ۾ وجهي ڇڏيو هو. ديسي پکين سان اهڙي ويڌن ڏسي پرديسي پکي اچڻ تان ئي هٿ کڻي رهيا هئا. ڪن پوڙهن چيو ته کيس کٽيءَ کنيو هو جو هو هيڏانهن آيو هو.

ڳوٺ وارا کيس ڏسي ٽِڙي پوندا هئا. کين لڳو ته هي نه گذارڻ جهڙو وقت به، پنڇيءَ جيان پر هڻي اڏامي ويندو. هو پاڻ سان گڏ پِرهه جي هير جون هوائون، سانوڻ جون موچاريون برساتون ۽ سُڪار کڻي آيو هو. ڳوٺ جي سڀني کان سيبتي مائي چاچي گلان کيس ڳلي ۾ پارائڻ لاءِ موتين جي ڳاني به ٺاهي هئي پر هن ڪڏهن پاتي ڪو نه. جيئن ته هو سندس پيڪن واري پاسي کان اُڏامي آيو هو، تنهنڪري هو جڏهن به پنهنجي مائٽن جي لاءِ دعا گهرندي هئي، ته ان ۾ هن پکيءَ جي لاءِ سلامتيءَ جي دعا به شامل هوندي هئي. محروم ڳوٺاڻن جي زندگيءَ ۾ هو هڪ نئين خوشي کڻي آيو هو. کيس ٻارن سان راند ڪندي مزو ايندو هو ۽ رونشي خاطر انهن جي هٿ مان لولو کسي ويندو هو. هو ڏاڍو نٽ کٽ پکي هو. مگر شام کان پوءِ ڪنهن کي نظر ڪو نه ٿي آيو، الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. ٻئي ڏينهن خوش گوار وڻندڙ صبح جو اسڪول ويندڙ ٻارڙن کيس ڏٺو. هو سندن قدمن جي آواز تي ڀڙڪو کائي ڪو نه اُڏاڻو. اُتي ئي زمين تي پيو رهيو. سندس کنڀن جو رنگ ڦٽي ويو هو ۽ چُهنب مان نيرو پاڻي پي وهيس. ٻارن جي گوڙ تي آس پاس وارا ماڻهو به اچي مڙيا. ”فصل تي ٿيل زهريلي دوا جي ڦوهاري وارا گونچ کائي مري ويو هوندو!“ ڳوٺ جي پوڙهي حڪيم چيو. هونئن ته وڏو سياڻو ۽ چالاڪ پکي هو ۽ شڪارين جي هر اٽڪل ۽ حرفت کان بچي نڪرندو هو پر نون جيت مار دوائن جي اڳيان نيٺ بي وس ٿي ويو هو! ٻارن لاٽونءَ جي چُهنب سان ننڍڙو کڏو کوٽي کيس اتي ئي جهوني وڻ جي هيٺان پوري ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment