Sunday, October 5, 2014

جيئڻ جو ملهه - صائمه سنڌو ڪلوڙ

جيئڻ جو ملهه
ڪھاڻي
صائمه سنڌو ڪلوڙ
ويچاري پٽيوالي کي پوليس ايڏي ته مار ڏني جو هو صفا ساڻو ٿي ويو. پر پوءِ به پوليس کي هن جي هيڻي حال تي ڪو رحم ڪو نه آيو، پر اچي به ڇو! هنن ته هر حال ۾ هن کان پنجاهه هزار رپيا موٽائڻ ٿي چاهيا. تنهن ڪري پوليس وڌيڪ ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو. پوليس وارا پٽيوالي کان پڇا ڪري ڪري ٿڪجي پيا. رکي رکي کيس ڏاڍي مار ڏيندا رهيا. پر هن ڏوهه نه باسيو. پوليس جو هن کان اڳ شايد ئي ڪنهن اهڙي پڪي ڏوهاريءَ سان واسطو پيو هجي. نيٺ مجبور ٿي سب انسپيڪٽر کيس وارن کان جهلي ڪاوڙ مان ڏند ڀڪوڙيندي چيو ته ”ياد رک، جيڪڏهن تون مري به وئين ته تو کي قبر مان ڪڍي به تو کان ڏوهه باسرائيندس!“


پٽيوالو هڪ ٿنڀي وانگر ماٺ ڪيو بيٺو رهيو. هن جي ماٺ ڄڻ اهو ظاهر ڪري رهي هئي ته کيس سڄي حقيقت معلوم آهي. پر هو شايد پنهنجي جيئري ڪجهه به نه ٻڌائي سگهندو ڇو ته هن ٿڦون، ٺونشا، لتون ۽ جوتا جسم تي سٺا هئا، وڏي مار ملي هيس، تڏهن به هو ڪو اکر ڪو نه ڪڇيو.
ٻڍل هڪ هاءِ اسڪول ۾ غريب، پر بي انتها سچو ۽ ايماندار پٽيوالو هو. هن جي سچائي ۽ ايمانداري کان اسڪول جي اسٽاف جو هر فرد خوش هو. هن کان ڪنهن کي به ڪا شڪايت ڪا نه هئي. هن کي بينڪ جو ڪم ان ڪري ڏنو ويو هو، جو هو نهايت ئي ايماندار هو. لکين رپيا کڻي جمع ڪرائي ايندو هو، ته ڪڏهن وري لکين رپيا بينڪ مان ڪڍرائي ايندو هو. هو پٽيوالو ضرور هو، پر ٻين عام پٽيوالن وانگر نه هو.
پر اڄ! اسڪول جي اسٽاف ۾ هڪ عجيب پريشاني پکڙجي وئي هئي. ماحول تي هڪ ڀوائتي خاموشي ڇانيل هئي هر ڪو هڪ ٻئي کي حيرت مان ڏسي رهيو هو ۽ انهيءَ سوچ ۾ هو ته ڇا ٻڍل جهڙو ايماندار شخص، جنهن جي ايمانداري، سچائي ۽ فرض شناسيءَ جا ماڻهو قسم کڻندا هئا. سو پنجاهه هزار رپيا کڻي ڀڄي ويو!
جيڪي ماڻهو ٻڍل جي فطرت کان واقف هئا، سي سمجهي رهيا هئا ته پڪ دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. هن جي آڏو کڻي سون جو جبل رکجي، تڏهن به هو ان ڏانهن نهاريندو به ڪين پر جيڪي ٻڍل جي عزت ۽ وقار جا ويري هئا سي اڄ ڏاڍا خوش هئا.
ٻڍل کي اٺن ڏينهن بعد سندس ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو ۽ جاچ شروع ٿي. اسڪول ۾ به اسٽاف کان پڇا ڳاڇا ٿي. پر ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو ۽ جيڪڏهن رقم ٻڍل وٽ هجي ها ته ضرور ملي وڃي ها. اڄ پهريون ڀيرو اسڪول جو هيڊماستر ٻڍل سان ملڻ لاءِ جيل ويو. هو اڄ به ٻڍل تي ايترو ئي ڀروسو ڪندو هو، جيترو جيل وڃڻ کان اڳ ڪندو هو. ڏوهاري سان ملاقات جو وقت ڏهه منٽ مقرر هو. هيڊ ماستر کي ڏسڻ شرط ٻڍل ڀت کي هٿ ڏيئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ويچارو پن وانگر ڪري پيو ٻڍل جي اهڙي حالت ڏسي هيڊ ماستر ڏڪي ويو. وڃي سندس ڀر ۾ ويهي رهيو ۽ کيس چيائين ”ٻڍل! گھٻراءِ نه، همت ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
”نه سائين! سڄي زندگي جي محنت ناس ٿي وئي،“ ٻڍل روئيندي چيو ۽ ماٺ ٿي ويو. هيڊماستر کيس تسليون ڏئي کانئس سوال پڇندو رهيو؛ ”تون اها رقم ڪاٿي رکي آهي؟ مون کي ٻڌاءِ، مان ٻئي ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس، تون چپ ڇو آهين؟ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟ ڇا اها رقم چوري ٿي وئي؟ ايتري ٿوري رقم، جيڪا تنهنجي نگاهه ۾ ڪا اهميت نه رکندي هئي، اڄ  ايتري ٿوري رقم تي تنهنجي نيت خراب ٿي وئي! تون ته چار پنج لک بينڪ مان وٺي ايندو هئين، اڄ تو کي ڇا ٿي ويو؟ تون پنهنجي عزت جو به خيال نه ڪيو؟ مطلب ته هيڊ ماستر صاحب هڪ ئي وقت سڄي پڇا ڳاڇا ڪئي هو رئيندو ۽ سڏڪندو رهيو. ايترو رنو جو سندس اکين جو پاڻي به سڪي ويو. وقت ٿورو بچيو هيو تنهن ڪري هيڊماستر مٿس ٻيو وار ڪيو.
ٻڍل! تو اسان کي نه، پر اسان جي اعتماد کي دوکو ڏنو، پنهنجي ضمير کي دوکو ڏنو ۽ انهن سڌن سادن ماڻهن کي دوکو ڏنو؟ جن کي پگهار لاءِ توکي بينڪ موڪليو ويو هو. تون انسان جي روپ  ۾ شيطان آهين! انسانيت تي ڪارو نشان آهين... وڏو ٺڳ ۽ مڪار آهين... تون معصوميت جي روپ ۾ بڇڙو گنهگار آهين ۽ شرافت جي چولي ۾ رڳي ذلالت کنيو گهمندو وتين! تو جهڙا ڪڌا ۽ ڪنا ماڻهو شرافت ۽ ايمانداريءَ جو روپ ڌاري ماڻهن کي لٽيندا ڦريندا رهن ٿا.!
نه سائين نه! ايئن نه چئو، مان ٺڳ يا چور نه آهيان ۽ نه رذيل. مان ڏوهاري نه آهيان، مون ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي. توهان جو ساڳيو ٻڍل آهيان. اهو ئي پٽيوالو آهيان! اڄ به معصوم آهيان، بي گناهه آهيان. هو روئيندو ۽ سڏڪندو رهيو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي بيهي بيهي ڳالهائيندو رهيو. هيڊماستر جو تير نشاني تي وڃي لڳو. ۽ کيس محسوس ٿيو ته هينئر ٻڍل پنهنجو ڏوهه باسيندو.
”ٻڍل ملاقات جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، جيڪو ڪجهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، جلدي ٻڌاءِ نه ته ڏاڍو پڇتائيندين!“ ”سائين! توهان مهرباني ڪري سڀاڻي اچجو، مان سڀ ڪجهه، ٻڌائيندس“ هن اهو جملو چئي پورو ڪيو ته سپاهي اچي چيو ته ”ملاقات جو وقت ختم“
هيڊ ماستر چپ چاپ هليو ويو، پر کيس ڏاڍي اڻ تڻ هئي، پريشاني کيس ڏنڀيندي رهي. هن سڄي رات اٿندي ويهندي، گهمندي ڦرندي بي آرامي ۾ گذاري، ٻئي ڏينهن صبح جو پوري ڏهين وڳي هو جيل پهچي ويو. هن هڪ ڪلاڪ اسپيشل ملاقات لاءِ منظور ڪرايو هو. هن ڏٺو ته ٻڍل جي حالت ڏاڍي خراب هئي. ڄڻ ڪو مهينن جو بيمار هجي. سندس ويجهو وڃي کيس چيائين ته ”ٻڍل! جيڪو ڪجهه چوڻ چاهين ٿو، جلدي ٻڌاءِ، ڇو ته مون وٽ ايترو وقت ڪو نه آهي ۽ جيڪڏهن مون کي نه ٻڌائيندين ته پوليس توکي ايذاءَ ۽ عذاب ڏئي پاڻ ڏوهه باسرائيندي.
ٻڍل هوريان هوريان پنهنجو منهن مٿي ڪري چيو ته ”سائين ان ڏينهن مان بئنڪ مان پنجاهه هزار رپيا ڪڍرائي اچي رهيو هيس ته واٽ تي هڪ اڻڄاتل شخص مون کي بيهاري هڪ خط ڏنو. ان مهل مان فطري طور پريشان ٿي ويس. ان تي منهنجي پياريءَ ڌيءَ جو نالو لکيل هو، خط پڙهڻ شرط دل ڏڪڻ لڳي!! زمين پيرن هيٺان کسڪڻ لڳي. هڪ معذور انسان وانگر منهنجو سڄو بدن ڏڪڻ لڳو. پوءِ مان ان ماڻهوءَ سان گڏ فوٽ پاٿ تي ويهي رهيس.“ هيڊ ماستر جي هورا کورا وڌندي ويئي. هن هڪدم کانئس پڇيو ته ”ان خط ۾ ڇا لکيل هو”؟
”سائين! ان خط ۾ لکيل هو ته جيڪڏهن تون هيءَ ٿهيلي هن ماڻهو جي حوالي نه ڪئي ته تنهنجي..... جوان ۽ خوبصورت ڌيءَ اسان جي قبضي ۾ آهي. وڌيڪ تون پاڻ سمجهي سگهين ٿو.“
پوءِ ان اوپري شخص مون کي هڪ ٻيو خط ڏنو جنهن ۾ منهنجي پياري ڌيءَ خود تصديق ڪئي هئي. مان ان سان گڏ، ان جي ٻڌايل هنڌ تي پهچي ويم. اتي.. پهچي، اهو ماڻهو مون کي هڪ هنڌ بيهاري، پاڻ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو ۽ پنجن منٽن کان پوءِ منهنجي مومل ڦاٽل ڪپڙن سان ڊوڙندي اچي مون سان چنبڙي پئي ۽ زارزار روئڻ لڳي.“
”ڪير اها، جنهن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شادي ٿيڻ واري هئي.“ هيڊ ماستر پڇيو؟
”ها اها ئي... اها ئي سائين! منهنجي اڪيلي سڪيلڌي ڌيءَ مومل!! هينئر اوهان پاڻ فيصلو ڪيو، اوهان پاڻ اولاد وارا آهيو مون کي جيڪا سزا ڏيو، مان هينئر جيئڻ نٿو چاهيان.“


No comments:

Post a Comment