Sunday, June 15, 2014

سروي حفيظ ڪنڀر

سروي
حفيظ ڪنڀر
هو پنهنجي شعبي جي ڪنهن Assignment جي لاءِ سروي ڪري رهيو هو ۽ ڪيترين ئي ڇوڪرين سان رات جو گڏ سمهي چڪو هو. ڪچهريون ڪري، نخرا ڪري، ناز ڏسي، طعنا سهي چڪو هو.
هڪڙي ڇوڪري پنهنجي پرس مان چيمپيئنزي جو شرارتي پوز ڪڍي ڏيکاريندي کيس ڀولڙي ڇاپ چيو هو ۽ هن جي چماٽ ڇوڪري جي ڳل تي ٺڪاءُ ٿي وئي هئي پر ڪلاڪ کان پو هو ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ هو ۽ سڄي رات کانئس معافي به وٺندو رهيو. صبح جو وڃڻ وقت هن ڇوڪريءَ کي ٻه سئو رپيا ٿي ڏنا، جيڪي هن واري منهن تي هنيا.


“هيءُ ٻه سؤ چماٽ جا آهن نه.... تون سچ پچ ڀولڙي ڇاپ نه پر ڀولڙو آهين... وحشي.”
ڇوڪري فليٽ جو در بند ڪري، سيڙهين تان هن جي منهن جي پني وانگر لهي وئي. ٻئي هفتي جيڪا ڇوڪري هئي، تنهن کيس ٻڌايو هو ته سندن گڏيل وڏي ڪٽنب ۾ ٻارنهن ڇوڪريون هيون، جن جي شادي خاندان لاءِ وڏي پريشاني هئي، سندس نمبر ڏهون هو ٻه اڃا ڪنواريون ويٺيون آهن.
“ڪنواريون ئي آهن يا؟!!!”
“ڪٽنب جي مردن لاءِ ڪنواريون آهن” ڇوڪريءَ جي ڳالهائڻ ۽ جواب ۾ سڌائي هئي.
“پوءِ....!” هن هڪڙي ئي لفظ ۾ ٻئي ڏينهن انهن مان ڪا آڻڻ لاءِ چيو. هو سوٿي ۾ ٻه سؤ رپيا مٿي وٺي وئي هلي.
جنهن ڏينهن سندس ننڍڙي بوني تپجي پئي هئي، وڏي ڌيءُ رضوانه ۽ جوڻس عارفه کيس ڪيڏانهن نه وڃڻ جو چيو هو. ان ڏينهن به جوڻس کي ڪلاڪ کن ۾ موٽي اچڻ جو چئي ڪنهن بهاني سان نڪري آيو هو. اصل ۾ کيس اڳواٽ ڏنل پئسا پاڻي ٿيڻ جو ڊپ هو... اڳ ۾ رات هن آڌي تائين اتي ڪارڙي، سنهڙي ۽ ڊگهي قد واري عائشه سان گذاري هئي، جيڪا ابن محمود ڊگري گرلز ڪاليج جي پرنسيپال ان فليٽ تائين پهچائي وئي هئي. عائشه کي ڏسندي هو اندازو لڳائي ويو هو ته گهٽ تجربيڪار آهي.
“لڳي ٿو مهينن جو معاملو آهي” ڇوڪري سندس ڳالهه سمجهي ڪو نه سگهي.
“پڇان ٿو گهڻي عرصي کان معاملو چالو آهي.” هن ٽاور جو ڍڪ وٺي سڌو کڻي پڇيو.
“ٻه ٽي مهينا.”
“ائين چئه نه.”
“ڇو؟.... ڇا ٿو ملي؟ ڪي خاص سبب آهن ڇا؟....”
“ان سان تنهنجو ڪهڙو ڪم” اهڙي رکي جواب جي هن توقع ڪو نه رکي هئي.
“پيئنديئن؟” هن گلاس وڌائيندي چيو.
“نه؟”
ٽين وڳي کان پوءِ ٿڪل ۽ ڀڄندڙ لڱن واري عائشه کيس نشائي ڀائرن، بيمار ماءُ ۽ اپاهج ڀيڻ متعلق ٻڌائيندي پنهنجي پرنسپال مسز شبانه رحيم کي ڪچيون گاريون ڏيڻ لڳي، جيڪا سندس گهڻا پئسا کائي ويندي هئي.
جنهن ڏينهن شهر ۾ بم جو ڌماڪو ٿيو هو، بلڪل ان وقت هو پنهنجي آفيس جي پٽيوالي جي ڪوارٽر ۾ ٽنگ ۾ هلي منڊ واري ڇوڪري جي چولي جا بٽڻ کولي رهيو هو، ڇوڪري ڇرڪ ڀري ساڻس چنبڙي پئي.
“شڪر جو ڌماڪو ٿيو” هُن کلي چيو.
“الائي ڪهڙو ڌماڪو ٿيو آهي!!؟” ڇوڪريءَ جي چهري تي خوف ۽ هٿن ۾ رڦڻي اچي وئي.
“خير آ سائين! خير. پاڻ واري علائقي ۾ ناهي... پري آهي.” پٽيوالي جو بند در پٺيان هلندي هلندي آواز آيو.
.... آ پنهنجن سئوٽن، ماساتن سان ننڍپڻ ۾ مدرسي پڙهڻ ويندي هيس... اتي هو نوجوان ملو تو کان به ڪريل حرڪتون ڪندو هو... هن پوءِ ٻڌائڻ شروع ڪيو.
“آ ڇا ٿو ڪريان؟”
“ڏس! هتي هاڻي ته نه فقط چهنڊڙيون برداشت ڪري سگهان ٿي پر چاهيندي به آهيان ته ڪنهن جا کهرا هٿ زور سان ڦرندا ۽ پٽيندا رهن... مون تو کي منع ڪئي سويري؟؟ هن پنهنجي کلي ڇاتي طرف اشارو ڪندي چيو.
“نه!”
“پوءِ!؟... مون کي ان ملان جون ٿلهيون، بيڊوليون آڱريون ۽ ڪارا هٿ رانن ۽ پٺن تي گسڪندي ۽ هتي چهنڊڙي پائيندي اڃا به لڳي رهيا آهن... ائين سمجهه ته اها چهنڊڙي جيئن پو تيئن کپندي پئي وڃي... ۽ هن جي بدبودار وات مان نسوار جي ڌپ اڃا منهنجي مغز مان نڪري نه سگهي آهي... هن مڪروهه جي ڪاري گهاٽي ڏاڙهي... مون کي ڏاڙهي وارن مردن کان نفرت آهي... پنهنجي مڙس کان به... مون مئڊم کان تو بابت پڇيو هو... ۽ هو به منهنجي مرضي رکندي آهي.
“هون!” هو ان پوڙهي نرس کي وقت کان سڃاڻندو هو پر هن جي “هون” ڳالهه کي اڳتي ڌڪڻ جو اشارو هو.
“گڏيل ڪٽنب هو نه ...؟”
“.... ها! قطارن ۾ کٽون وڇائبيون هيون، رات جو ... تو کي ته خبر آهي ته اولاد جي سمهڻ کانپوءِ مائٽ جاڳندا آهن... پر ائين هو غلط ٿا سمجهن... کٽن جي چيڪٽن ۽ سوساٽن تي منهنجا ڪن چهٽيل هوندا هئا ۽ رلين جي چرپر ۾ منهنجي جاڳندڙ اک کتل رهندي هئي. مون هڪ رات بتي جي جهڪي روشني ۾ بند جي چير مان چاچا وڏي ۽ چاچي کي ڏٺو هو... ۽ ٻي رات چاچا جو وڏو پٽ آڌي رات اٿي اچي منهنجي کٽ تي سمهي رهيو... ڇهن مهينن کانپوءِ پنهنجي کٽ ڇڏي منهنجي کٽ تي سمهڻ وارو منهنجو ماسات هو ۽ منهنجو سئوٽ ٻي کٽ تي سمهڻ لڳو هو...
... آ صبح جو سويري مرد ڀاتين کي اٿاريندي هيس... حقيقت ۾ مون کي کين اٿارڻو ڪونه هوندو هو... مون کي خبر هوندي هئي ته ڪٽنب جا ڪهڙا ماڻهو ڪيئن سمهڻ جا عادي آهن....
جنهن ڏينهن هو پنهنجي وڏي ڌي سان ماڻس متعلق شڪايتون ڪري پنهنجي رئيس دوست جي بنگلي تي آيو هو، تنهن ڏينهن هو ڪنهن به ڇوڪري سان ڪچهري ڪونه ڪري سگهيو هو. سندس دوست رئيس ڇوڪري به گهرائڻ لا تيار هو. پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.... ۽ ٻي رات بنگلي تي گذارڻي هئي جتي هون به نائين وڳي کان پو وهسڪي جا واهر وهندا هئا ۽ شبابي بدن ٿڙڪڻ لڳندا آهن. کاتي جا سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ٺيڪيدار پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڪندا هئا. نشي ۾ ڌت سيڪريٽري ڊپٽي کي گاريون ڏيندو هو ۽ ڊپٽي، ٺيڪيدارن کي گاريون ڏيندو ۽ منسٽر کلندو رهندو هو...
شراب جو خرچ ٺيڪيدارن جي بلي هوندو هو. ڇوڪرين آڻڻ جو ڪم ٻن سيڪشن آفيسرن جي حُوالي ۽ ماني ڊپٽي سيڪريٽريز تي هوندي هئي. ان رات به ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري وڙهي پيا.
.... بادشاهه! اي ون مال گهر ۾رکيو ويٺو آهي، سيڪريٽري جو اشارو ڊپٽي سيڪريٽري جي انجنيئرنگ ۾ پڙهندڙ سالي ڏانهن هو.
“ڪاظمي صاحب! پليز” ڊپٽي ڪنڌ هيٺ ڪري چيو.
“پو ڇا هي؟ سالي...واهه اردو ٻولي واهه... ڪنهن ٻي ٻولي جي ما کي به طاقت ناهي جو سالي جي اهڙي بهترين حيثيت مقرر ڪري سگهي....”
“اهو ڪيئن ڙي؟” وزير سگريٽ دکائيندي پڇيو ۽ ٺيڪيدار اڳ ڪڍي مختصر وضاحت ڪري ڇڏي.
“سائين! هيڏانهن به زيرو ميٽر مال آهي، پر سنگت ۾ سچو ٿئي ته زيرو ميٽر ٺيڪو....” چرچن ۾ مشهور سيڪريٽري جانچي ٺيڪيدار تي چوٽ ڪئي....
“...اڳ ڄائي اٿس پنهنجي رت جي ڪمائي ٿورئي آهي.” ... هن لا سيڪشن آفيسر ٻه ڇوڪريون وٺي آيو هو... جيڪي ٻئي سئوٽ هيون. وڏي ننڍي تي ڪاوڙيل ۽ ننڍي کيس سمجهائيندي مرڪي رهي هئي. “شمي! هاڻي انڪل کي به ڪوئي اعتراض ڪونهي... هي شيون هي Contact تو ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺا هئا... چلو! تنهنجو مڱيندو ڇڏي ويو توکي ته ڇا ٿيو؟
ڏس! ٽن سالن کان پو اشرافت ياد آئي اٿس... سو به نئين سال جي شروعات سان... يعني چئن سالن کان پو...” سيمي گاديلي تي ٽيڪ ڏيندي سگريٽ مان ڪش هڻندي چيو.
“...ٺيڪ آهي، تون مصلو وڇا توبهه ڪري ڇڏ... پر نئين سال جو مزو نه ڦٽا يار!... هن وسڪي جو ڍڪ ڀري گلاس شمي کي ڏنو ۽ هو سيمي جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندو رهيو ۽ نشاني اکين جا پڏر مٿي کڻندو رهيو.
ايتري ۾ حيات بخش وزير الف اگهاڙو هٿ ۾ گلاس جهلي ڪمري ۾ داخل ٿيو.
“ڪمال آهي!!ڪمري ۾ نه ميوزڪ نه ٽيپ... نه ئي زيرو جو ڳاڙهو سائو... سرمائي بلب ڪيئن ٿا نئين سال جو استقبال ڪريو...”
اڪي انگ سان فقط ٽي ڄڻا ويٺا آهيو... ٻڌي ۾ رهو... ٻڌي ۾ پنهنجو فائدو به آهي، قوم جو فائدو به آهي. ڪيئن ڙي جميليا!؟ ۽ وزير وڏي کي ٻانهن کان وٺي پريان ڪنڊ ۾ ويو. هن جو پورو نالو جميل هو، سندس دوست وزير پيار ۽ نشي ۾ جميليو چوندو هو.
“تون شادي شدهه آهين؟” ننڍي سيمي کانئس پڇيو.
“ها!”
“اولادي به؟”
“ها! ڇو؟”
“پو هي ڪم...”
“گهڻُو اهي ڪم ڪندا ئي شادي شده آهن... ۽ ها! پئسا ڏيڻ کان پو آ ڪنهن به ڇوڪري جي واتان اهڙا سوال ٻڌڻ پسند ڪونه ڪندو آهيان.”
“ڀيڻون گهڻيون آهن؟” هن جميل جي رهڙ کي نظرانداز ڪندي پڇيو.
گهڙي کن لا جميل ماٺ ڪري مرڪي پيو.
“ٻه اٿم... هڪڙي بي ايڊ ۾ پڙهي ٿي... زويا نالو اٿس، نو مور ڪوسچن.... جيڪڏهن تون منهنجي ضمير کي جاڳائڻ جي چڪر ۾ هجين ته ٻڌي ڇڏ... آ ان ضميرڙي کي سڃاڻان به ڪو نه. هٿ چڙهي ته سسي لاهي ماري ڇڏيان....”
“نه! ان جي ضرورت ئي پيش ڪونه ايندي.” ڇوڪري ڳجهي ڳالهه ڪري وئي.
۽ ٻئي ڄڻا ڪمري جي ٻي ڪنڊ ۾ سيمي جي بت کي ڄور جيان چهٽل حيات بخش وڏي آواز سان نڪتل ريح تي کلي پيا.
“کلو بابا! ڀلين کلو غريبن تي... غريبن ڪرفيو جو سائرن وڄايو آهي، تڏهن به پيا کلو” حيات بخش ڍرڪيل ڪنڌ مٿي به ڪونه ڪيو.
انهي هفتي ۾ هن ٻن مهينن کان پو مسز خان کي فون ڪئي. “هاڻي ڦاٽ ڀلا؟ چئو نه.؟”
“چوان ڇا؟ سمجهين ڪونه ٿي ڇا؟”
“هيترا ڏينهن مري ويو هئين ڇا، کٽو هجين ته چئو... مون کي چئين ته.... “ مسز خان هن تي زور لاهي بيهي رهي هئي.
“تون پراڻو شراب اسان الهڙ پياڪ.”
“شرم نٿو اچيئه. اڃان نئون آهين.”
“چڱو ڀلا تون ئي الهڙ.. پر ڪم جي ڳالهه ڪر... اڄ رات.”
“ٺيڪ آهي!”
“ٺيڪ ٻيڪ ڪونهي... مون کي هن هفتي ۾ اسائنمينٽ جمع ڪرائڻي آهي.”
“ڌوڙ وجهان ان کي... بس تون اچ نوين وڳي ڌاري.”
“ڪير آهي؟ چڱو مال آهي يا....”
“تجربيڪار آهي.”
“مون کي کپي به اهڙي پر شڪل ٿو پڇان...”
“چيم ته اچ نه... عرفان صاحب کي به ان جو آسرو ڏنو هئم پر ٽرڪائي ڇڏيندي سانس.”
“چڱو!”
هو ساڍي نوين ڌاري مسز خان جي جا تي ڪار ۾ پهچي ويو.
“پيئندي آهي نه...؟”
“چڱو سامهون ڪمرو آهي... آ علي خان کي Deal ٿي ڪريان ڪاوڙجي اچي لٿو آهي...”
“ويٺي آهي يا سمهي...”
“ٿڪل هئي ٿي سگهي ٿو سمهي رهي هجي... سڄو ڏينهن هن جي بي شرم عقيله سان هئي. هتي پهريون ڀيرو آئي آهي. هون ته عقيله ئي سان گڏ هلندي آهي... “ عقيله شهر جو نمبر ٽو سپلائيرز هئي.
“...!ها! ڪجهه پئسا ڪڍ هن حرامي لا ڪجهه گهرايان...”
”ڪمال آهي! هزار رپيا فقط اهي ته ان ڇوري جي منهن ۾ هڻنديس...“ هن جيئن ئي پنج سئو جا ٻه نوٽ ڏنا ته مسز خان ماڻو ڪندي چيو.
”في الحال ڪم ته هلائي... آ ڀڄيو ٿو وڃان ڇا؟“
هن مسز خان جي پٺن تي هٿ ڦيرائيندي چيو. ڪمري جو در کولي اندازو لڳايائين ته ڇوڪري بيڊ تي ليٽيل هئي ۽ هن جي اچڻ وقت اٿي ويهي رهي هئي. ڪمري ۾ هڪ پل لاءِ سگريٽ جي ڪش سان ڳاڙهي هلڪي روشني ٿي ۽ هو ديوار تي لائيٽ آن ڪرڻ لاءِ بٽڻ ڳولڻ لڳو.
”دروازو ٻاهران ڏئي ٿي ڇڏيان، متان ڪير اچي اوهان کي ڊسٽرب نه ڪري.“ مسز خان دروازي واري ڪنڊي ڏيئي ڇڏي. بٽڻ ٽڙڪ ٽڙڪ ڪندا آن ٿيندا ويا ۽ آخري بٽڻ ٽيوب لائيٽ جو هو.

...آ!ها! هاڻ آهي نه مزو!!! هن بيڊ طرف نهاريو ۽ ٻي گهڙي در سان لڳي پهڻ ٿي بيهي رهيو. هن ڪمري ۾ بيڊ تي بي ايڊ ۾ پڙهندڙ سندس ڀيڻ زويا ويٺي هئي.

No comments:

Post a Comment