Tuesday, April 15, 2014

هوءَ اڪيلي نه هئي - عبدالواحد سومرو

هوءَ اڪيلي نه هئي
مختصر ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
هڪ بنگلو آهي، صاف سڙو ماحول اٿس، گهر هڪ مرد فريد هلائيندو آهي، اڪثر ڪري فريد، ملڪ کان ٻاهر ڪاروبار سبب اچ وڃ ڪندو رهندو آهي. اهو اچ وڃ جو سلسلو گذريل ڇهن ستن سالن کان اٿس.
اهو گهر هڪ ڪالوني ۾ آهي. ان ڪالوني ۾ ان گهر جي ڀرسان واري گهر ۾ وڃي مان به رهندو آهيان. شام جو ڪڏهن پل تي ته ڪڏهن سوسائٽي ۾ ته ڪڏهن ڦاٽڪ تي ته ڪڏهن وري گارڊ سان گپ شپ، خاص ڪري تڏهن جڏهن بجلي بند ٿي ويندي آهي اهو گارڊ دنيا جهان جون خبرون چارون ڪندو آهي جن ۾ موبائيل تي فوٽيج به ڏيکارڻ شامل هوندو آهي.


هڪ شام راند کيڏندي ننڍڙا ٻار وڙهي پيا ته هڪ کي ٻئي ٻار ڪاوڙ ۾ چيو اڙي اوباما... .. اڙي اوباما... . ته مون کي سمجهه ۾ نه آيو.
جڏهن اهو ٻارن جو هڪ ٻئي کي چيڙائڻ جو عمل ختم ٿي ويو ته گارڊ کان مون پڇيو ته ان اوباما وري ٻارن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو جواب ڏيندي هن چيو ته ”دراصل ان ننڍڙي کي گهر ۾ اوباما، اوباما ڪري سڏيندا اٿس؟“
مون کي اهو به سمجهه ۾ نه آيو ته وري پڇيو ”اهو ڪيئن؟“
جنهن تي سيڪيورٽي گارڊ ٻڌايو ته ”اهو اصل ۾ ڀائرن، ۽ ڀينرن کان رنگ روپ ۾ ٿورو مٽيل آهي، جنهن ڪري گهر مان آهستي آهستي اهو نالو هاڻ گهٽي ۾ کيس تنگ ڪرڻ تائين پهتو آهي.
”ان جو رنگ روپ واقعي تبديل ٿيل آهي ڇا؟“
اها ته حقيقت خدا کي خبر، پر اوباما جي ماءَ هتي ڪالوني ۾ مشهور آهي. ڇو ته مڙس ٻاهر رهندو اٿس ته پاڻ ڪار تي گهران ڪلاڪن جا ڪلاڪ وقت بي وقت نڪري ويندي آهي عورتون به ڪجهه اينديون اٿس ته انهن کي ڇڏڻ ويندي آهي. جيڪڏهن پنهنجي گاڏي تي نه ويندي آهي ته پوءِ ٻيون گاڏيون اينديون اٿس. ائين پوءِ رات جو ڪڏهن ٻين بجي ته ڪڏهن اڍائي بجي به موٽندي آهي.“


No comments:

Post a Comment