Wednesday, February 19, 2014

دک جا ٿوهر - رضوان گل

دک جا ٿوهر
رضوان گل


ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪوچ تيار بيٺي هئي. جيئن ئي ڪوچ ۾ چڙهيس ته سامهون ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏسي ڇرڪ ڀرجي ويو. ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. مئل قدم کڻندي وڃي سيٽ تي ويٺس. مٿو چڪرائجڻ لڳو. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مان خوش ٿيو هوس يا پريشان ٿي ويو هوس! بس عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي ان پل. هوءَ به شايد ڇرڪي پئي هئي. من ئي من ۾ سوچڻ لڳس زندگي به ڪيڏي نه عجيب شيءِ آهي، هر روز ڪيڏا نه عجيب موڙ اچي وڃن ٿا، هر روز انسان کي ڪيترن نه ڪٺن امتحانن مان ٿو گذرڻو پوي، هر روز ڪيڏا نه حادثا ٿين ٿا! اهڙا حادثا جن ۾ بظاهر ته ڪو به زخمي نه ٿو ٿئي، ڪابه شيءِ نه ٿي ٽُٽي ۽ نه ئي وري ڪنهن شيءِ جي ٽُٽڻ جو آواز ئي ٿئي ٿو، پر اهڙن حادثن ۾ اندر ئي اندر ۾ انسان زخمي به ٿئي ٿو، ته ٽٽي ڀُري ۽ ڀڄي به پوي ٿو. ها! اهڙا حادثا بس صرف پنهنجي ذات ۾ ئي محسوس ڪري سگھبا آهن. ڀلا ڪنهن کي دل ڪڍي ڪيئن ڏيکاربي!


ڪوچ ۾ ويٺل اها ڇوڪري سنڌو هئي. اها سنڌو جيڪا صرف منهنجي هئي. مان جسم ته هوءَ منهنجو روح هئي. مان بانسري ته هوءَ هوا هئي. مان ڪڪر ته هوءَ برسات هئي. مان خالي ڪئنواس ته هوءَ حسين رنگ هئي. مان ڏيئو ته هوءَ روشني هئي. مان دل ته هوءَ ڌڙڪن هئي. هوءَ هئي ته مان ٻهڪندو هيس، هوءَ هلي وئي ته منهنجي وجود مان خوشين جو پکي ڀڙڪو کائي اڏامي ويو، جيڪو اڄ تائين واپس ناهي وريو. اُهي پَل جن ۾ مون هن جي ٽهڪن سان گڏجي ٽهڪ ڏنا ها سي ڪڏهن به ٻيهر ناهن وريا. اُهي ڏينهن جڏهن سنڌو ۽ مان يونيورسٽي ۾ هوائن سان گڏجي هلندا هئاسين منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳا....
..............
سنڌوءَ کي پهريون ڀيرو مون آرٽس فيڪلٽيءَ جي مُک دروازي مان ٻاهر ايندي ڏٺو هو. هڪ هنڌ تي ڄمي ويو هوس. هوءَ پنهنجا ڀنڀا وار هڪ پاسي ورائي، سهيلين سان ٽهڪ ڏيندي منهنجي ڀر مان گذري وئي هئي. سندس بدن جي سڳنڌ منهنجي وجود ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي. اها سندس شخصيت جي ڪشش هئي جو مان ديوانن جيان مارئي هاسٽل تائين هن جي پويان لڳي پيو هوس. جئن رسيلي گل تي ڀؤنر ڦيرا ڏيندو آهي تيئن ئي مان به سندس آس پاس گھمندو رهيو هوس. جڏهن سنڌو هاسٽل جي گيٽ کان اندر هلي وئي هئي تڏهن مان سندس گلاب چهري جو عڪس پنهنجي من جي ڪئنواس تي چٽو ٿيندي ڏٺو هو، سندس ٻهڪندڙ مُک منهنجي ذهن ۾ نقش ٿي ويو هو. ڪي پل مارئي هاسٽل جي سامهون واري لان ۾ ٺهيل بينچ تي ويٺو رهيس پوءِ سست قدمن سان واپس پنهنجي هاسٽل طرف موٽيو هيس.
هڪ ڀيري زيرو پوائنٽ واري لان ۾ ٺهيل پٿر جي بينچ تي ويهندي مون سنڌوءَ جي گھرين ڪارين اکين ۾ گھوريندي چيو هو: ”سنڌو! مون ته ڪڏهن ائين سوچيو ئي نه هو ته تون هڪ ئي بينچ تي هيئن مون سان گڏجي ويهي ڳالهيون به ڪندينءَ. ڪڏهن ڪڏهن ڪي حقيقتون خوابن کان به سهڻيون لڳنديون آهن، جيئن اڄ تون مون سان گڏ آهين.“ مون سنڌوءَ ڏانهن ڏسندي ٿڌو ساهه کڻي چيو هو.
”هاهاهاها...“ سنڌوءَ شرارتي انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو هو: ”ها واقعي به مان ان ڳالهه تي سوچيندي آهيان ته آخرڪار ڪي حقيقتون سپنن کان به ڀيانڪ ڇو هونديون آهن؟ جيئن هاڻي تون منهنجي ڀر ۾ ويٺو آهين.“
مون چپن ۾ مرڪ لڪائيندي سنجينده ٿيندي چيو: ”سنڌو! معنى مان ڀيانڪ سپنو آهيان تولاءِ؟!“
”هاهاهاها...“ ٽهڪ ڏئي پوءِ سنڌوءَ ٿورو سنجيده ٿيندي وراڻيو هو: ”نه نه جانو! مان ته مذاق پئي ڪريان. تون ته منهنجي زندگيءَ جي فلم جو هيرو آهين راڻا.“
ڄامشوري جون هوائون سنڌوءَ جي گھاٽن وارن سان اڪثر مستيون ڪنديون رهنديون هيون. زلفن کي ڀورن ڳلن تان هٽائيندي هوءَ جڏهن مون ڏانهن نهاري مرڪي پوندي هئي ته اندر ٺري پوندو هو، من مهڪي پوندو هو ۽ دل جي ڌرتيءَ تي بوندا باندي ٿيڻ لڳندي هئي. سنڌوءَ کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته سونهن ئي ڪائنات جو سڀ کان وڏو سچ آهي. قدرت کيس جھڙي ظاهري سندرتا عطا ڪئي هئي تهڙو ئي سندس اخلاق ۽ اندر به اجرو هو.
سنڌوءَ سان چاهتن جو سلسلو ايترو جلدي جُڙي ويو هو جو مون کي ڪڏهن ڪڏهن اهو سڀ ڪجهه خواب لڳندو هو. ڪوئي حسين خواب! ڪئمپس ۾ هر روز وقت ڪڍي اسان ڪيئي پل ڪچهريون ڪندا هئاسين. اسان جو گڏجي ويهڻ، ڳالهائڻ، گھمڻ ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ گھڻن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي چڀندو هو.
يونيورسٽيءَ جي ڏينهن جا اهي حسين منظر منهنجي ذهن جي اسڪرين تان ان وقت هڪ دم گم ٿي ويا جڏهن ڪوچ جي ٽڪيٽ ڪليڪٽر منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مون کي ڌوڻو ڏيندي ٽڪيٽ ڏيکارڻ جو چيو. کيس ٽڪيٽ ڏئي، سنڌوءَ ڏانهن گھوري ڏٺم. ستارن ٽاڪيل سنهڙي ڪاري رَئي مان سندس ڀورا ڳل واضح طور نظر اچي رهيا هئا. اهي ڳل جن کي مون ڪيترائي ڀيرا ڇُهيو هو.
هاڻي ڪوچ شهر جي حدن کي ڇڏي چڪي هئي. مان سنڌوءَ ڏانهن نهاريندي هڪ ڀيرو ٻيهر ماضيءَ جي حسين يادن جي واديءَ ۾ گم ٿي ويس.
سنڌ يونيورسٽيءَ جا ويڪرا رستا، رابيل ۽ گلاب جي گلن سان سجيل لان، آرٽس فيڪلٽيءَ جا ڪاريڊورَ... سڀ منهنجي اکين جي آڏو گھمندا رهيا. اهي لمحا ڪنهن فلم جيان منهنجي ذهن جي پردي تي هلڻ لڳا جن ۾ سنڌوءَ سان اوريون اوريندي وقت گذاريو هو. ڪيڏا نه رنگين ها اهي صبح ۽ شامون جڏهن اسان ٻئي گڏ هئاسين!
پر هاڻي مان هُن کي ڪوچ ۾ هڪ اجنبيءَ سان ويٺل ڏسي پل پل جلي رهيو هوس. منهنجو وجود خاڪ ٿي هوائن ۾ اڏامي رهيو هو. نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو ۽ يادون ڪنهن تيز طوفان جيان منهنجي ذهن جي ڳڙکين تي دستڪ ڏئي رهيون هيون. يادون جن کي روڪڻ پنهنجي وس ئي ناهي هوندو، پر مان وس ڪري انهن کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. پنهنجو ڌيان مٽائڻ لاءِ موبائيل تي ڪنهن دوست جو آيل ميسيج پڙهڻ لڳس.
سنڌوءَ مون ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو. کن پل لاءِ ائين محسوس ڪيم جيئن ڪنهن پياسي صحرا تي وڏ ڦڙو وسي پيو هجي، پر ان لمحي ئي طوفان ساڻ ڪري ايندڙ ڪارا ڪڪر به منهنجي من جي آسمان تي ڇانئجي ويا. اهي ڪڪر جيڪي اڪثر رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ويندا آهن. مان سنڌوءَ جون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون ڏسي پريشان ٿي ويس. ان لمحي مان عجيب ڪيفيت مان گذري رهيو هوس.
ساڻس گڏ ويٺل شخص ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو اڻ پڙهيل ماڻهو ٿي لڳو. وڏا شهپر، سانورو رنگ، هيڊا ڏند. واڱڻائي رنگ ۽ گلابي گلن وارو رومال سندس ڪلهي تي رکيل هو ۽ کيس تيز نيري رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا. هو سنڌوءَ جي چنڊ جھڙي وجود تي ڪنهن داغ وانگر لڳي رهيو هو. اهو شخص سفر دوران جڏهن پنهنجي جهالت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي موبائيل تي زور زور سان ڳالهائي رهيو هو ته ان پل سنڌوءَ مون ڏانهن پنهنجون مياري نگاهون کڻي اکين ۾ بيوسيءَ جا ڀرجي آيل ڳوڙها اگهندي پنهنجا ٻئي هٿ منهن تي رکي ڇڏيا هئا.
سنڌو، جيڪا فلاسافي ۾ ماسٽرس هئي، سا ان اڻ پڙهيل سان! اهي نفيس ٻانهون جن کي ڇهندي منهنجي جسم مان سيسراٽيون نڪرنديون هيون، هاڻي ان شخص سان چهٽيل ڏسي مان پڄري رهيو هوس، اندر اڌو اڌ ٿي رهيو هو! پر ان وقت منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هو. ڪاش! ان پل مون کي ڪا اهڙي سگهه ملي پوي ها جنهن سان مان سنڌوءَ کي اڏاري ڏور ڏسائن طرف کڻي وڃان ها، پر حقيقي زندگيءَ ۾ ائين ٿيڻ ڪٿي ممڪن آهي!
ڪوچ منجھند جي مانيءَ لاءِ اسٽاپ ڪيو ته اهو همراهه کيس ماني وٺي اچڻ جو چئي ڏهن منٽن لاءِ هيٺ لهي ويو. سنڌوءَ هيڏانهن هوڏانهن گھٻرايل نظرن سان نهاريندي تڪڙ ۾ هڪ اخبار جي ڪنڊ تي پنهنجو موبائيل نمبر لکي وچ واري سيٽ تي رکيو. مون هڪ دم اها اخبار کنئي ۽ سنڌوءَ جو نمبر موبائيل ۾ محفوظ ڪيو.
ڪوچ اڌ ڪلاڪ جي اسٽاپ بعد ٻيهر هلي. مان سنڌوءَ سان ميسيجز ذريعي ڳنڍيل رهيس. ايئن ٿي لڳو منهنجي ساهه جي ٽٽل رڳ جُڙي وئي هجي. مون کانئس پڇيو: ”سنڌو! تون فائينل جي امتحانن بعد منهنجي دل جي دنيا ۾ ماتم مچائي، مون کي اڌو اڌ ڪري آخر ڪاڏي گم ٿي وئي هئينءَ؟ آخر ڪهڙي قيامت برپا ٿي هئي؟ اسان جا خواب ڇو ائين ريزه ريزه ٿي ويا؟ ڪيئن ٿيو هي سڀ ڪجهه؟ سنڌو! تنهنجي اکين جا ڳوڙها ته مون سان تنهنجي دل جو درد بيان ڪري چڪا آهن پر هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو آخر!؟ مان ته چئن سالن تائين توکي مسلسل ڳوليندو رهيس. تنهنجي سهيلين ۽ اوڙي پاڙي وارن کي به تو بابت ڪائي سڌ ئي نه هئي ته تون ڪٿي آن! تنهنجو ڏَسُ پتو مون کي ڪنهن به نه ڏنو. سنڌو! اسان جون خوشيون ڪيئن ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آخر!؟“
مون هڪ ئي ميسيج ۾ پنهنجي ذهن ۾ مِڙيل هڙئي سوال کانئس پڇي ڇڏيا.

سنڌوءَ جو جواب آيو: ”مان جيئن ئي امتحان ڏئي واپس آيس ته منهنجي امي ۽ ابو جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ هو ٻئي هن دنيا ۾ مون کي هميشه هميشه لاءِ اڪيلو ڪري هليا ويا. مون توسان رابطي جا لک جتن ڪيا پر... پر منهنجي راهن ۾ ڪوڪا ۽ ڪنڊا وڇايا ويا. منهنجا پنهنجا رت جا رشتا ئي مون لاءِ نانگ بڻجي ويا هئا، جن منهنجي وکريل وجود کي هنڌان هنڌان ڏنگڻ شروع ڪيو هو. چند هفتن بعد ئي منهنجي نشئي ماما اسان جو گھر کپائي ڇڏيو ۽ مون کي تمام گھڻي احتجاج ڪرڻ جي باوجود به آخرڪار ڪنهن بي زبان عام ڇوڪريءَ جيان هن شخصَ جيڪو هاڻي منهنجو مڙس آهي وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو. مان هاڻي اهڙي قيد ۾ آهيان جتان موت سان ئي منهنجي آزادي ٿيندي. تون منهنجي آزاديءَ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ جو نه سوچجانءِ. جيڪڏهن توکي اڄ به مون سان پيار آهي ته توکي منهنجو قسم، ڪجهه به نه ڪجانءِ! ڇالاءِ ته تون مون کي عزيز آهين پنهنجي جان کان به عزيز! ياد اٿئي نه! مون هڪ ڀيري توکي چيو هو ته ڪي حقيقتون سپنن کان به ڀيانڪ هونديون آهن. فرق ايترو آهي ته ان وقت منهنجي چپن تي مُرڪ هئي ۽ هاڻي منهنجي دامن ۾ ڳوڙهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي... هاڻي منهنجي من ۾ دُک جا ٿوهر ڦُٽي پيا آهن.“

No comments:

Post a Comment