Friday, February 28, 2014

استاد بِدنَ - شريف الدين ميمڻ ڏيپلائي

استاد بِدنَ
شريف الدين ميمڻ ڏيپلائي
ٿر جا ماڻهو انتهائي سٻاجهڙا آهن. سادگي جي انتها آهي. پر لڪڙ تاڙ، سڄي ملڪ جي رکندا آهن. گهر ۾ ڀلي ڪو سڄو ٺڪر نه هجي. بي بي سي ٻڌڻ لاءِ هڪ عدد ريڊيو ضرور هوندو. دنيا جو ٻيو ڪو به ڪم ڪن يا نه پر شام جو ۵ وڳي واريون مڪاني خبرون ضرور ٻڌندا آهن. اهڙو ئي سادگي وارو ديس واسي آهي ”استاد بِدنَ“. هر ڪم جي لاءِ فٽ. ڪٿي جي ڪو مزدور نه هوندو ته چوندس؛ ”يار استاد وارو ڪر، ٻن ٽن ٻورين کي ڪلهو ته ڏيار.“ ٿوري واکاڻ ٻڌڻ سان اُهي ٻوريون ڀلي ۲۰۰ هجن پر استاد بدن ۲۰۰ ٻوريون لاهي پوءِ پڇندو؛ ”بس، ٻوريون ختم ٿيون.“ شل نه ڪٿي ٻڌي ڪي چار ماڻهو ڪچري پيا ڪن. اتي چانهه جو ٿرماس ڀرائي ضرور پهچندو. پوءِ ڀلي کڻي آمريڪا جي صدر جي معاشقي جو موضوع هجي يا دبئي جي عربن جي شڪار جي ڳالهه هجي يا نواز شريف ۽ مشرف جي جنگ هجي، عمران خان جو ڌرڻو هجي يا قومپرستن جو سنڌ لاءِ ڪردار هجي. جيڪڏهن وارو مليو ته ٻن سؤ ٻورين کڻڻ وانگر ڳالهائڻ ۾ دير نه ڪندو. پوءِ ان ۾ پنهنجو مؤقف رکڻ ۾ به دير نه لڳائيندو. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي هي ته ڪو لکيل پڙهيل Ph.D آهي.


ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾، جتي ڳوٺاڻا سخت پريشان هيا ته اڄ جمع جو ڀلارو ڏينهن آهي، شهر کان جمع نماز پڙهائڻ جي لاءِ مولوي صاحب نه پهتو آھي.
ٿر ۾ هڪ ڳالهه آهي ته هر وڏي شهر مان ڳوٺن لاءِ ننڍا وڏا ڇڪڙا ۽ ڊاٽسن گاڏيون، ماڻهن ۽ سامان سان ڀرجي نڪرنديون، پوءِ هر گاڏي رات جو ۹ وڳي پنهنجي آخري منزل تي پهچندي آهي. ڳوٺاڻا پنهنجي ڪرت کان واندا ٿي، سج لهڻ کانپوءِ، گاڏي جي اسٽاپ تي پهچندا آهن. جنهن ڳوٺ جو آئون ذڪر پيو ڪريان اتي جڏهن گاڏي مان مولوي صاحب نه لٿو ته ڳوٺاڻن ۾ مونجهارو ٿي ويو. پوءِ اتي موجود وڏڙن عيسيٰ، موسيٰ ۽ ولو وري ننڍڙن کي ڊوڙايو ته ٿوري دير ۾ سڄي ڳوٺ جا مرد اتي جمع ٿيا. سڀني کان ڪراڙي عمر واري چاچي جمعي چيو ته؛ ”ابا مايوس نه ٿيو، ٿي سگهي ٿو اڃا ڪنهن اسپيشل گاڏي ۾ متان مولوي صاحب اچي وڃي.“ فجر نماز کانپوءِ سڄي ڳوٺ ۾ سخت پريشاني ٿي وئي. هر گهر ۾ اهو موضوع هو ته؛ ”هاڻ جمع جي نماز ڪير پڙهائيندو؟“ اڃا سج مس اڀريو، پرتي کان ٿر جي ڇڪڙي جو آواز اچڻ شروع ٿيو. ننڍا وڏا سڀ اٿي ويا ته ”اهو ڇڪڙو ڪٿان کان ٿو اچي؟“ جي اتر کان اچي پيو ته پڪ شهر مان پيو اچي. هاڻ وري نئين اڻ تڻ شروع ٿي وئي ته؛ ”ڇڪڙو ڪٿان پيو اچي؟“ بهرحال ننڍڙن ٻارن کي ڊوڙايو ويو ته وڃو، وڃي وڏي ڀٽ تي چڙهي ڏسو ته گاڏي ڪٿان ٿي اچي. ننڍڙن سان گڏ وچٽ ۽ اڌڙوٽ به گڏ ويا ته ڪٿي متان ننڍڙن ٻارن جو اندازو غلط نه ٿئي. هاڻي جيڪي رهيا ڳوٺ ۾ انهن ۾ وري به ٻڏتر هئي ته جيڪڏهن هي ڇڪڙو شهر مان آيو هوندو ته الائي مولوي هوندو يا نه؟ ٿوري دير هڪڙو ٻارڙو اها خوشخبري کڻي آيو. ڇڪڙو اچي ته شهر مان پيو. ڏاکڻي پاسي ڪاٺ کڻڻ پيو اچي شايد. پوءِ نياپو ڪرايائون ڏسو ته متان اتي ڇڪڙي ۾ مولوي صاحب هجي. وارو ڪري ننڍا وڏا وري به ڇڪڙي جي آواز تي اندازو لڳائي اوڏانهن روانا ٿيا. جيڪي ڇڪڙي ڏانهن ويا اهي ويا نئين جذبي سان پر جيڪي رهيا ڳوٺ ۾ اهي وري به ٻڏتر ۾ هاڻ ڇا ٿيندو؟ چيائون؛ پاڻ ۾ ته ڪو اهڙو سهائيٽن جو ڄايل (چنڊ جي روشني وارين راتين ۾ پيدا ٿيل) نه هو جو قرآن پڙهي ۽ پاڻ کي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ جمع جي نماز ته پڙهائي. هوڏانهن جيڪي گاڏي ڏانهن ويا انهن به ڪوشش ڪري وڻن ڪنڊين کٻڙن، ٿوهرن جي وچان رستو شارٽ ڪري، وڃي اندازي مطابق، جتي ڪاٺ پيل هو اتي پهتا، تيستائين لٽ ۽ ڌوڙ جو طوفان وسائيندي ڇڪڙو پهتو. ڳوٺاڻا انهي کي ورائي ويا. حال في الحال ته ڇڪڙي جو اسٽاف پريشان ٿي ويو ته ڪٿي ڳوٺاڻن جو ڪاٺ جي واپاري سان ڪو تڪرار ته ڪونهي پر ڇڪڙي جي اسٽاف کي تڏهن ساهه ۾ ساهه پيو جڏهن هر هڪ ڳوٺاڻي ڇڪڙي تي هر هڪ ماڻهو کان الڳ الڳ مولوي صاحب جي پڇا ڪئي. ٻن منٽن اندر سڀ ڳوٺاڻا مايوس ٿي ويا. اچانڪ گلو جي نظر استاد بدن تي پئي جيڪو نئون جوڙو پائي مٿي ۾ پاءُ تيل جو هڻي ڪارو چشمو، مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڪلهي ۾ نئين اجرڪ ڇڪڙي جي ڇت تان وڏي لانگ ورائي لهي پيو. هن کي هڪدم خيال آيو ته استاد شهر جو ماڻهو آهي. جمعي جي نماز ضرور پڙهائي ڄاڻندو. هن وڏي عزت سان نوڙي استاد کي هٿ ڏنو. خوش خير عافيت ڪرڻ کانپوءِ سڄي ڳوٺ وارن پريشاني جي پوري وارتا ڪري ٻڌائي. باقي ساڻس گڏ آيل ائين خاموش هئا، جهڙوڪر نانگ سونگهي ويو هجي. پوءِ وڏيري کيس التجا واري انداز ۾ چيو ته؛ ”استاد تون شهر جو رهواسي آهين، اسان کي جمع جي نماز پڙهائيندين ته اسان تو کي دعائون ڪنداسين.“ اسان جو سريال، رات کانپوءِ بيهوش آهي. هونئن ته استاد بدن ڪنهن ڳالهه کان ڪو نه لهرائي. هتي معاملو هو مسجد جو ۽ جمع نماز جو. تنهن ڪري چيائين؛ ”بابا ڳالهه اها آهي ته جمع جي نماز ته پڙهائي ڇڏيان، پر جمع جي نماز اهم آهي. مون کان جي غلطي ٿي وئي ته سڄي ڳوٺ جو گناهه منهنجي ڪنڌ پوندو.“ هاڻي سڀ ڳوٺاڻا لڳا استاد بدن کي منٿون ڪرڻ. استاد بدن کي ياد آيو؛ چار پنج سال پهرين جڏهن نئون جوڙو پاتو هئائين، تڏهن جمع جي ڏينهن هيءُ جمع پڙهي آيو هو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن کي منٿن سان گڏ عزت ملي رهي هئي. هن کي اها به خبر هئي ته ڳوٺاڻا مولوي صاحب کي سويون به کارائيندا ۽ پئسا به ڏيندا. پوءِ استاد بدن جمع جي نماز پڙهائڻ لاءِ راضي ٿيو. ننڍن وڏن ۾ تاڙيون ۽ هوڪرا لڳي ويا. پوءِ اهو قافلو ڳوٺ ڏانهن پيرين پنڌ روانو ٿيو.
هوڏانهن ڇڪڙي جي اسٽاف کي پريشاني ورائي وئي ته ڪاٺ جي لوڊ جي سيٽنگ ته استاد ڪندو. پر هوائن جي دوش تي اڏامندو استاد بدن هنن کي مطمئن ڪري ٿيو روانو. ڳوٺن ڏانهن ٻار ڊوڙڻ جا تکا به هوندا آهن، ڪنهن ننڍڙي ٻار ساهه ۾ سهڪندي اها خبر ڳوٺ ۾ ڏني ته مولوي ڪو نه آيو آهي، پر شهر جو ڪو استاد آهي جيڪو نماز پڙهائڻ جي لاءِ اچي پيو. نيٺ استاد بِدن فاتحانه انداز ۾ ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. ڳوٺ جا ننڍا وڏا اچي اوتاري تي استاد ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا. سٺي کٽ تي صاف سٿري بستري تي استاد کي اچي ويهاريو ويو. پهرين سڄي ڳوٺ کيس کيڪاريو. پوءِ چانهه پياريائون. پوءِ رات واري رکيل ماني، جنهن ۾ تتر جو ٻوڙ ڪڻڪ جون مانيون ۽ اڇ کيس آڻي ڏنائون. استاد بدن به پيٽ تي هٿ ڦيري، وڃي ويٺو. تان جو مانيءَ سان انصاف کان به وڌيڪ انصاف ڪيائين. هن مانيءَ کي آخري ماني سمجهي جي کاڌائين. پنهنجي پر ۾ جڏهن چڪار ٿيو تڏهن هٿ ڪڍيائين. پوءِ ڳوٺاڻن پاڻ ۾ پي چيو ته؛ ”ماني کائڻ ۾ مڙس شينهن لڳو پيو آهي.“ پر ڪن وري آهستي چيو؛ ”آهي ته دشمن جي در تي ٻڌڻ جهڙو. پر يار اسان کي ته اڄ جمع جي نماز ٿو پڙهائي.“ هوڏانهن استاد بدن چڱي ماني کائي ساڻو ٿي پيو هو. تنهن کي هاڻ سولي سنڌي ۾ بدنو کڻي جهنگل وڃڻ جو خيال ٿي پيو. پر اهو ڪم ته هن کي پاڻ ڪرڻو هو. سو آهستي پاسي واري کي چيائين ته؛ ”يار وارو ڪر! بدنو ڀري ڏي ته جهنگ مان ٿي اچان.“ هاڻي استاد جو رخ هو ڪنهن ڄار ۾ وڃڻ جو. استاد اڳيان ڳوٺ جا ٻارڙا پويان پويان. استاد پريشان ٿي ويو؛ ”هنن مان ڪيئن جان ڇڏايان؟“ استاد جي پريشانيءَ کي ڏسي، گلو ڇوڪرن کي هڪلون ڪيون ته؛ ”ابا جهنگ ۾ گڏ ويندا ته استاد جهنگ ڪيئن ڪندو. ڇورا ڇڏيو ته استاد هلڪو ٿي اچي.“ نيٺ ٻارن مان جند ڇڏائي، استاد بدن روانو ٿيو. هاڻي باقي ڳوٺاڻا ويٺا اوسيئڙي ۾ ته استاد خيرن سان جهنگ مان ٿي اچي. انتظار ۾ ڳوٺاڻن جون ڳچيون ڊگهيون ٿي ويون هيون. نيٺ ڪلاڪ کن جي انتظار کانپوءِ استاد ظاهر ٿيو. ڳوٺاڻن جي پيٽ ۾ ساهه پيو. هاڻ وري ڳوٺاڻن تياري ڪئي استاد کي ناشتي واريون سويون کارائڻ جي. هوڏانهن استاد جي پيٽ ۾ هلڪا هلڪا وڪڙ به پوڻ شروع ٿيا هئا. ڳوٺاڻا هڪڙيءَ تي ته استاد وري ٻي تي. نيٺ استاد ٿوريون گهڻيون سويون کاڌيون. ذري گهٽ استاد کي به ناني ياد اچي وئي هئي. صبح جا به تقريباً ڏهه کن ٿيا ته استاد چيو ته بابا هاڻ منهنجي طبيعت به ڪجهه خراب آهي. ڇڪڙي کي لوڊ ڪرائڻو آهي، سو هلو ته هلي اوهان کي نماز پڙهائي آئون وڃان. پوءِ هڪڙي تي استاد ته ٻيءَ تي ڳوٺاڻا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته؛ ”اسان جو جمعو ٻوڙڻ آيو آهين ڇا؟“ هاڻ ته ڳوٺاڻن استاد کي ماني کارائي استاد کي بدنو به ڏنو هو. پنهنجي حق ملڪيت ڏيکارڻ لڳا. نيٺ گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ اهو طئي ٿيو ته استاد کي ڦودني جون ٽڪيون ۽ سونف کارايا وڃن ۽ ڪلاڪ کن آرام ڪري، ۲ بجي منجهند جو نماز پڙهائي وڃي.
بهرحال استاد هو ڦاٿو. سو مجبورن کڻي ماٺ ڪئي. نيٺ ۱۲ وڳي جو ٽائيم ٿيو. ان دوران جڏهن ڳوٺاڻن آرام ڇڏيو ته استاد کي فڪر ورايو ته مون کي نماز پڙهڻ ڪو نه ٿي اچي. هن کي صرف سورة فاتح ئي ياد هئي. بهرحال استاد چيو ته مون اڳيئي اهڙا ڪئي بار کڻي ڇڏيا آهن. ڏسنداسين وضوءُ ڪرڻ جي بدران، استاد سڄي بدن تي پاڻي ٻه گهڙا هاريا. اچي پهتا مسجد ۾ (جنهن کي ٿر ۾ مسيت چوندا آهن). ٻانگ کانپوءِ استاد کي ڏنائون هٿ ۾ لٺ. هو به لٺ هٿ ۾ کڻي بسم الله پڙهي الحمد لله کان شروع ٿيو. بجاءِ واعظ ڪرڻ جي، خطبو پڙهڻ جي سٺي سر ۾ سورت فاتح پڙهي ۽ اچي امامت واري جڳهه تي بيٺو. ڳوٺاڻا هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. اشارن ۾ چيائون ته؛ ”ڪهڙي اچي ڄٽ سان اڙيا آهيون، استاد بدن نه ڪئي هم نه ڪا تم. ٻن رڪعتن جي جڳهه تي بنا ساهي جي چار رڪعتون پڙهايون. نماز ختم ڪرڻ شرط استاد ڪئي ڀڄڻ جي. ڳوٺاڻن گوڙ ڪيو ته اسان جو جمع وڃائي ڇڏيئي. نيٺ اچي هٿين پيا. پوءِ بحث وڌي ويو ته استاد چيو؛ ”اوهان کي ڪهڙي خبر ته عالمن جي عزت ڪيئن ڪبي آهي. اوهين ته مون کي عالم ڪري وٺي آيا. هڪڙو مون ڀلو ڪيو، اوهان کي نماز ڀيڙو ڪيو.“ بهرحال بابا هر عالم جو پنهنجو پنهنجو طريقو آهي. ڳوٺاڻن کي زبان تي ٿاڪ لڳي ويا. واقعي شهر ۾ به هر مسجد ۾ پنهنجي طريقي واري نماز پڙهائين ٿا.

No comments:

Post a Comment