Saturday, February 1, 2014

ڇولين جو ماتم -رضوان گل

ڇولين جو ماتم
ڪهاڻي
رضوان گل
”شهزاد! هڪڙي ڳالهه ڪَنَ کولي ٻڌي ڇڏ جيڪڏهن تون ان ڇوڪريءَ سان پنهنجي شاديءَ جو تصور به ڪيو ته اهو ڏينهن هِن گھر ۾ تنهنجو آخري ڏينهن هوندو. تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجي مڱڻي منهنجي ڀاڻيجي تانيا سان ٿيل آهي ۽ توکي شادي به ان سان ئي ڪرڻي پوندي. اهو منهنجو آخري فيصلو آهي، بس مان ٻي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. آيئي ڳالهه سمجھ ۾!“ بابا جو ڳورو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. سندس چيل جملا بار بار سماعتن سان ٽڪرائجي منهنجون لوندڙيون ڦاڙي رهيا هئا.
اِرم جو عشق منهنجي لاءِ زندگيءَ جو ٻيو نالو بڻجي چڪو هو. هن سان ڪيل واعدا مون کي ڏينڀوءَ جيان ڏنگي رهيا هئا. هن منهنجي لاءِ پنهنجي والدين کي آماده ڪري ورتو هو، ڇو ته نه صرف مون پر اِرم به مون سان شديد محبت ڪئي هئي. هوءَ مون کان سواءِ مري ويندي ۽ مان به ڪنهن ٻيءَ سان زندگي گھاري نه سگھندس... پر اها ڳالهه بابا کي ڪير سمجھائي؟! سوچي سوچي ٿڪجي پيو هوس. دماغ جون رڳون ڌنوِين رهيون هيون. دريءَ مان ٻاهر نِهاريم ته يادن جي دريءَ جا تاڪ به کُلي پيا. اهو ڏينهن ياد اچڻ لڳو جڏهن مون کي اِرم پهريون ڀيرو ملي هئي...
..........


مان جڏهن اُداس ٿيندو هوس ته سمنڊ ڪناري هليو ويندو هوس. ان ڏينهن به منهنجي دل جي دنيا ۾ اداسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا هئا جن مان دک جا لڙڪ وسڻ وارا ئي هيا ته مان مرسڊيز جون چاٻيون کڻي اڪيلو سمنڊ ڪناري ڏانهن نڪري پيو هوس. ان ڏينهن سمنڊ تي تمام گھڻي رش هئي. مان دير تائين بيٺو ڇولين کي ڏسندو ۽ ڪناري تي گھمندڙ مختلف ماڻهن جا چهرا چتائي رهيو هوس. ٽهڪ ڏيندڙ دوستن جا ٽولا، واريءَ جا گھر ٺاهيندڙ ۽ ڪُڏندڙ ٻار، هٿ ۾ هٿ ڏئي گھمندڙ جوڙا، جُوسن، بوتلن، ڇولن وارا منهنجي نظرن آڏو ڦرندا رهيا. خبر ئي نه پئي ته ڪيترائي سگريٽ پي انهن کي خاڪ ۾ تبديل ڪري ويو هوس. دل چيو، گاڏيءَ ۾ پيل وِسِڪيءَ مان ٻه ڍُڪَ هڻي اچان. اهو ارادو ڪري گاڏيءَ جي قريب پهتو هوس ته بانيٽ تي هڪ انتهائي حسين ڇوڪريءَ کي ويٺل ڏسي ڄمي بيهي رهيو هوس. اڇو کير جھڙو رنگ، ڊگھا وار، خوبصورت اکيون ۽ موهي وجھندڙ قد بت. منهنجا قدم آهستي آهستي وڌڻ لڳا. جيئن جيئن سندس ويجھو ٿيندو ويس تيئن تيئن دل جو ڌڙڪو وڌندي محسوس ڪيو هوم. نه ڄاڻ ڇو! ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو هوس ته هي مون کي ڇا ٿي رهيو آهي! مان گاڏيءَ جي ڀرسان پهچي ويس ته ڇوڪري ڇرڪي پئي. هڪدم گاڏيءَ جي بانيٽ تان اٿي پاسي کان ٿي بيهي رهي. ڪار جو دروازو کولي ڊرائيور سيٽ تي ويهي رهيو هوس. منهنجون نظرون وِنڊ اسڪرين مان پار ٿينديون ان من موهيندڙ حسينه تي ئي ڄميل رهيون. هوءَ ڀرپاسي جي ماحول کان بي نياز هڪ هنڌ بيٺي رهي. سندس ريشمي وار هوا تي اڏامي رهيا هئا جن کي هر هر ورائي رهي هئي. مان ڪيترين ئي ڇوڪرين سان مليو هوس. يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو اڪثر وقت پنهنجي گرلز ڪلاس فيلوز سان ڪچهريون ڪندي گذرندو هو، پر اهڙي ڇڪَ مون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ لاءِ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. ان ڇوڪريءَ ۾ ڪا جادوئي ڪشش هئي جيڪا بي ساخته مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي هئي.
گاڏيءَ مان لهي وڃي سندس ڀر ۾ بيهي رهيس. کيس ڇا چوان؟! ’هيلو چوندومانس، پوءِ هوءَ به هيلو چوندي. نه نه هوءَ ڪا گھڻي ماڊرن ڇوڪري ڪونه ٿي لڳي.‘ پاڻ سان ئي ڳالهيون ڪري رهيو هوس. سڀ ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو، ڇالاءِ ته اڳ مون سان ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو! ’ڇا ڪريان؟ ٺيڪ آهي، سلام ٿو ڪيانس.‘ دل ئي دل ۾ سوچيندو ڏانهنس وڌي ويو هوس. مون ڏانهن ڏٺو هئائين کيس ان پل ئي نظرون ملائيندي ”السلام عليڪم“ چئي ڇڏيو هو.
مرڪندي جواب ڏنو هئائين، ”وعليڪم السلام.“
”اوهان اڪيلا آهيو؟“ مان همت ڪري کانئس پڇيو هو.
مون ڏانهن نهاري نظرون هيٺ جھڪائيندي وراڻيو هئائين: ”نه مون سان گڏ منهنجي فيملي آهي.“
”فيملي!“ مون حيران ٿيندي کيس چيو هو.
”ها منهنجا امي ابو، ادا ۽ ڀاڀي.“
”اڇا، پوءِ توهان هتي!“
”ها! مون کي سمنڊ کان ڊپ لڳندو آ، تنهنڪري ٻاهر بيٺي آهيان.“ منهنجي سوال کي اڌ ۾ ڪٽيندي پاڻ ئي جواب ڏئي ڇڏيائين.
مون کي جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سردي به نه هئي. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو، ڇالاءِ ته منهنجي اهڙي ڪيفيت اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. پاڻ تي ضابطو آڻيندي کانئس سوال ڪيو: ”اوهان پڙهندا آهيو؟“
اچانڪ ٻي پاسي منهن ڦيرائي ڇڏيائين ۽ ڪجهه قدم پرڀرو ٿي بيٺي. سندس وار هوا تي مسلسل اڏامي وکري رهيا هئا.
”مون ڪو غلط سوال ڪيو ڇا؟! معاف ڪجو جيڪڏهن مون ڪجهه غلط پڇيو هجي ته.“
تيز هوا سبب پاڻيءَ جون بوندون جسم کي مسلسل ڇُهي رهي هيون. ڪجهه گھڙين جي خاموشيءَ بعد هن ڪنڌ ورائي جواب ڏنو: ”امي وارا هيڏانهن پي آيا تنهنڪري مون اوهان کي جواب نه ڏنو. اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. ها مون هن سال ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي آهي.“
منهنجي همت وڌي وئي هئي. ”مون اين ئي ڊي مان سِوِل ۾ بِي اِي ڪئي آهي، منهنجو نالو شهزاد آهي. مان هتي ڀرسان ڊفينس ۾ ئي رهندو آهيان.“ مان چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي کيس پنهنجو تعارف ڪرايو هو.
”اها مرسڊيز اوهان جي آهي؟“ اوچتو سوال ڪيو هئائين.
”ها! بلڪل اها مرسڊيز منهنجي آهي، پر اوهان پنهنجو نالو نه ٻڌايو؟!“
”منهنجو نالو اِرم آهي. اسان گلستانِ جوهر ۾ رهندا آهيون. منهنجو ابو پرائيويٽ ڪمپنيءَ ۾ جاب ڪندو آهي ۽ ادا واٽر بورڊ ۾ آهي.“
اِرم جون اکيون چَوگرد گھمي رهيون هيون.
”اوهان پريشان ڇو آهيو؟“ مون کانئس پڇيو هو.
”شايد امي وارا هيڏانهن پيا اچن، اوهان پليز ٿورو پرتي ٿي بيهو.“ هن گھٻرائجندي چيو هو.
”اوهان ناراض نه ٿيو ته هڪ ڳالهه چوان؟“
”جي، جلدي چئو!“
”اوهان پنهنجو سيل نمبر...“ منهنجو جملو اڃا اڌ ۾ ئي هو ته اِرم چيو هو: ”نوٽ ڪيو .....0300 “ ۽ مون هڪدم نمبر نوٽ ڪري ورتو هو.
Thank u so much“ مون سندس اکين ۾ گھوريندي چيو هو.
هن ٿورو مسڪرائيندي نظرون ڦيري، هلڪي آواز ۾ ”welcome“ چئي ڇڏيو هو.
اِرم جا والدين سامهون اچي رهيا هئا. هوءَ آهستي آهستي هلندي وڃي انهن سان ملي. مان واپس اچي ڪار ۾ ويٺو هوس. وِسڪيءَ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نشا چڙهي ويا هئا. مان کيس مسلسل ڪار جي وِنڊ اسڪرين مان نهاري رهيو هوس. هوءَ به بار بار ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي.
ساڻس گھاريل اهي چند لمحا ڪو خواب لڳي رهيا هئا. ان پل احساس ٿيو هو ته فقط خواب ئي نه، پر ڪجهه حقيقتون به خوبصورت هونديون آهن. ڪار اسٽارٽ ڪري، اِرم جي پويان وڃڻ جو خيال آيو. موبائيل ۾ سِيو ڪيل سندس نمبر تي ميسيج ڪيو هو.
This is my number. Shahzad
 Ok Thanks. Irum“ جواب ترت ئي اچي ويو.
ان پل سمنڊ جي ڇولين ڏانهن نهاريو هوم. ايئن ٿي لڳو منهنجي خوش ٿيڻ تي اهي به نچي، ڪُڏي خوش ٿي رهيون هيون. ڪار اسٽارٽ ڪري آهستي آهستي هلڻ لڳو هوس. ان ساعت ائين لڳي رهيو هو جيئن سڄو زمانو مون سان گڏ هلڻ لڳو هجي. دل تي ڇانيل ادسيءَ جا ڪارا ڪڪر ميگھ ملهار بڻجي منهنجي من جي صحرا تي وڏ ڦڙي جيان وسي پيا هئا. کن پل لاءِ ته اعتبار ئي نه پئي آيو. جيتوڻيڪ منهنجي موبائيل ۾ ڇوڪرين جي نمبرن جي ڪا کوٽ ڪونه هئي، پر پنهنجي موبائيل ۾ اِرم جو محفوظ ڪيل نمبر ڏسي عجيب خوشي محسوس ٿي رهي هئي. ڊفينس جي موڪرن روڊن تان گاڏي ڊوڙائيندو اچي بنگلي تي پهتو هوس.
.........
يادن جو سلسلو ٽُٽي پيو. دريءَ واري منظر مان ديدون ڦيرائي ٻَئي تاڪ ٻيڪڙي ڪمري جي ڇت ۾ هڪ هنڌ تي اکيون ڄمائي ڇڏيم. بابا جا جُملا وري منهنجي ذهن تي هٿوڙا بڻجي وسڻ لڳا...
سمنڊ ڪناري اِرم سان منهنجي اها پهرين ملاقات هئي. ان کان پوءِ پورا ڇهه مهينا اسان هڪ ٻئي سان راتين جون راتيون ڪچهريون ڪندا رهياسين. خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن اهو تعلق پيار، محبت، عشق ۽ جنون ۾ تبديل ٿي ويو.
اسان ٻنهي جي رشتي لاءِ اڄ جڏهن اِرم جا گھر وارا مڪمل طور راضي آهن ته بابا ان رشتي آڏو ديوار بڻجي بيهي رهيو آهي. ڪاش! اڄ امان زنده هجي ها ته کيس مڃائي وجھان ها. پر بابا کي ڪيئن مڃايان! مٿو ڦاٽي رهيو آهي. آخر ڇا ڪريان مان! ٻئي هٿ مٿي تي رکي سوچي سوچي ٿڪجي پيو هوس. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. موبائيل تي رِنگ وڳي. اِرم جي ڪال هئي.
”هيلو اِرم! يار مان ڏاڍو پريشان آهيان. منهنجو مٿو ڦاٽي رهيو آهي. بابا بلڪل به نه ٿو مڃي. کيس ڏاڍو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر...“
”شهزاد! ڪجهه به ڪر! پر مان توکان سواءِ هڪ پل به گذاري نه ٿي سگھان. بس مون کي تون گھرجين. صرف تون. مان ٻيو ڪجهه به نه ٿي سمجھڻ چاهيان! جي تون مون سان شادي نه ڪئي ته مان خودڪشي ڪري ڇڏينديس. مان زهر کائي ڇڏيندي مانءِ...“
منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا. جذباتي ٿي ويو هوس. مون پنهنجي نرڙ تي هٿ رکي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”بس ٺيڪ آهي ارم! مان هڪ فيصلو ڪري توڏانهن اچي رهيو آهيان. هميشه لاءِ تنهنجو ٿيڻ جي خاطر، مان هاڻي ئي تو ڏانهن اچان پيو!“
بابا جي ڪمري جو دروازو کولي کيس چيو: ”ٺيڪ آهي بابا مان هاڻي توهان جي ضِد سبب توهان کي، توهان جي ملڪيت سميت اڪيلو ڇڏي وڃي رهيو آهيان. مان اوهان جو سڀ ڪجهه ڇڏي هن گھر مان وڃي رهيو آهيان...“
بابا ڏمرجي پيو هو. دنيا جهان جون گاريون ڏيندي مون کي ڪمري کان ٻاهر ڌڪو ڏئي زور سان دروازو بند ڪري ڇڏيو هئائين.
ڊرائنگ روم مان گذرندي، لان ۽ ڪار پورچ کان پوءِ آخري ڀيرو گيٽ تي بيٺل گارڊ ڏانهن نهاري اڳتي وڌي ويو هوس. ٽيڪسي ۾ ويهندي اِرم ڏانهن رنگ ڪئي.
”اِرم! مان سڀ ڪجهه ڇڏي صرف تنهنجو ٿيڻ لاءِ توڏانهن اچي رهيو آهيان.“ منهنجو آواز گنڀير ٿي ويو هو.
”مطلب تون پنهنجو گھر ڇڏي آيو آهين!؟ پنهنجي بابا کان ڌار ٿي ويو آهين؟“
”ها اِرم! مان هاڻي صرف تنهنجو آهيان. ٻيو ڪنهن جو به حق ناهي هاڻي مون تي.“
”پر شهزاد! تو اهو فيصلو ڪيئن ڪيو آهي؟“
”پاڻ کي شادي ڪرڻ کان هاڻي ڪوبه روڪي نه سگھندو. مون اهو فيصلو ان ڪري ئي ڪيو آهي اِرم!“
”پر شهزاد! شاديءَ کان پوءِ اسان ڪٿي رهنداسين! تون ڪٿي وٺي هلندين مون کي!؟“
”بس! مون ٻيو ڪجهه به ناهي سوچيو!“
اِرم جي لهجي ۾ اچانڪ اوپرائپ اچي وئي. چيائين: ”پر شهزاد! مان اهڙي صورتحال ۾ توسان شادي ڪيئن ڪنديس! جڏهن توکي پنهنجو گھر به ناهي رهيو!“
”اِرم جا اهي جملا، اهو انداز ۽ اهو لهجو منهنجي لاءِ بلڪل نئون هو. سندس چيل جملا منهنجي ذهن ۾ رڪارڊ ٿي ويا. فون بند ڪري ڇڏيم. ان پل منهنجو روح زخمي ٿي پيو هو. دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي، اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا، ڪيتريون ئي ڪالز آيون، اٽينڊ نه ڪيم...
..........
اڄ سمنڊ جون ڇوليون مون کي ماتم ڪندي محسوس ٿي رهيون آهن، مان سمنڊ ڪناري اتي ئي اچي بيٺو آهيان جتي اِرم پهريون ڀيرو ملي هئي ۽ مون کان پڇيو هئائين: ”هــيءَ مــرســـڊيــز تـنـهنــجي آهــي!؟“


No comments:

Post a Comment