Thursday, January 30, 2014

بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽ - عديل مهر

بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽ
عديل مهر
ٽيھن سالن پڄاڻان وري جي هن ڪهاڻي لکي آهي ته اها هن کان محمد علي پٺاڻ لکرائي آهي ۽ شڪارپور ۾ دوستن جي درميان ويهاري پڙهائي به! بادل جماليءَ جو هيءُ ڄڻ ٻيو ادبي جنم آهي، جيڪو ثميره زرين ۽ شيخ اياز جي شهر ۾ ڪهاڻي لکي پڙهڻ ۽ لڳاتار لکندو رهڻ جي اعلان سان ٿيو. اها هڪ آس هئي جا هڪ ڪهاڻيڪار کي ٻئي ڪهاڻيڪار سان ملائڻ لاءِ وچولي کان اتر وٺي آئي. فون تي رابطن کان پوءِ روبرو بادل ۽ انور شيخ جي اها پهرين ملاقات هئي جيڪا سکر باءِ پاس تي ٿي. هو نيو سعيد آباد کان آيو هو، اسين کيس وٺڻ ويا هئاسين! ڪردار نگار کي ڪردار نگار سان ملائڻ جو ڪريڊٽ محمد علي پٺاڻ جو آهي. جيڪو خود هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، ليڪن پاڻ کان بي نياز هن شخص وٽ جيڪا ٻين جي قدر شناسي آهي، اها کيس ادب جو سچو عاشق ثابت ڪري ٿي. ڪيترن ۾ مون هڪ محمد علي ڏٺو آهي جيڪو انائن کي مات ڏيڻ جي مهم تي نظر اچي ٿو. ٻن اڻ واقف اديبن کي ملائڻ، انهن کان لکائڻ، ڇپائڻ، هر وقت اها اڻ تڻ، سدائين ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪندو، ڪنهن کي ڇنڻ نه ڏيندو، رٺل پيو پرچائيندو رهندو! بادل ۽ انور کي به هن ئي ملايو!


اها ۲۷ ڊسمبر جي سرد شام هئي، شڪارپور جي تاريخي جڳن ناٿ لائبريري جي هال ۾ ميڻ بتين جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مهان ڪهاڻيڪار ”مون پڄاڻان“ ڪهاڻي پڙهي رهيو هو.
ٽيهارو ورهين پڄاڻان بادل قلم کنيو، ۽ هن شڪارپور کي هڪ سوکڙي لکي ڏني. لهجو، آواز ۽ انداز اهڙو جو ڪهاڻيءَ جا ڪردار ڄڻ پنهنجي سر پيش هئا. ڪردارن جا ٻول، ۽ منظر من کي اهڙو ڇهندڙ جو اسين ڄڻ اتي شريڪ هئاسون! احساسن جي شدت اها هئي ته ڪهاڻي پوري ٿي وئي پوءِ به ڪي پل سانت رهي، اکين ۾ آلاڻ ۽ لالاڻ هئي.
”ٽامڻي“ بادل جي اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا ۳۰ سالن کان پوءِ هن جي ٽئين ڪتاب ۾ شاهڪار شيءِ هوندي.
ڇا ته لکي ٿو! احساس نگاري بادل کان پوءِ بس آ!! هي هن جي وس آهي ته هر ڪردار هو پاڻ ٿي وڃي پوءِ لکي! هونئن ڪردار ئي ڪهاڻيڪار کان لکرائيندا آهن پر بادل جمالي جي ڪهاڻين جا ڪردار ڄڻڪ پاڻ ڪهاڻي ٿا لکن. بادل نٿو لکي. ڪردار احساسن تي ڇائنجي ويندا آهن پر هن جي احساسن ۾ لهي ٿا اچن. جڏهن ڪجهه لهي ٿو تڏهن لکجي ٿو، نه ته سال گذريو وڃن. اڌ ۾ ته اڌ ۾، ڪهاڻي اُتي جو اُتي!!
هن ٻڌايو ته سندس ڪهاڻي ”نوابي“ پنجن سالن ۾ پوري ٿي.
ڪهاڻي وقت به وٺي ٿي ته رت به! جيئن سمنڊ ۾ سپ ابر آسري هوندي آهي، تيئن ارادا احساسن جا منتظر رهن ٿا.
شڪارپور ۾ هن اسان کان هڪ آرادو صبح گهريو، جنهن ۾ ”ٽامڻي“ ڪهاڻي لکي ورتائين!
وقت، ماڻهوءَ جي صلاحيتن کي سمهاري ڇڏيندو آهي.
اسان جو خيال هو ته بادل کان لکڻ وسري ويو هوندو. ڏات رسي ويئي هوندس. منجهس اهو زور نه رهيو هوندو، جنهن ڪڏهن کانئس ”نوابي“ ”پاڙي ناهه پروڙ“ ”خفتي“ ”سنگرام“ ۽ ”ڀورو گلاڻيءَ“ جهڙيون ڪهاڻيون لکرايون هيون. پر سندس ”ٽامڻي“ ٻڌڻ کان پوءِ، جيڪو محسوس ٿيو سو انور شيخ جي ئي هن بيت ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو.
تون ڪٿي موٽ اڃان، موهه ۾ ڪا کاڌي آ،
تون به ساڳي آن اڃا، ساهه بيهاري ٿي ڇڏين.
انور شيخ به بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي. هن جون ڪهاڻيون سماج ۾ شعور جي تحريڪ آهن. ”سرمائي“ هن جي سڃاڻپ بڻي. سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”درد جو انگاس“ جو مهاڳ لکڻ کان پوءِ، بادل جي دل گهريو ته ان ڪهاڻيڪار سان وڃي ملجي. اها اُڪير کيس شڪارپور وٺي آئي. هو هتي نه اچي ها ته شايد ”ٽامڻي“ نه لکي ها. انور هن جي اتساهه جو نئون ذريعو آهي.

بادل جي زور بيان ۾ ذري جي ڪمي ناهي. بادل جي موهه، اڃا موٽ نه کاڌي آ. هو اڳ جيان اڄ به ساهه بيهاري ٿو ڇڏي. هن جو قلم ڪاغذ تي نٿو لکي، دلين تي ٿو لکي. هن جو ”نقش پا“ دير پا رهندو. 

No comments:

Post a Comment