Friday, January 17, 2014

وريل جو وهان - اختر حفيظ

وريل جو وهان
ڪهاڻي
اختر حفيظ
هي پنجون ڀيرو هو جو وريل جي شاديءَ لاءِ رکيل پتاشا ماڪوڙا کائي ويا هئا. هن جڏهن به شادي ڪرڻ جو رٿيو ٿئي تڏهن ڪا نه ڪا رنڊڪ ضرور نروار ٿي پوندي هئي ۽ همراهه جو منهن ئي لهي ويندو هو. وري قسمت کي پٽون پاراتا شروع ٿي ويندا هئا. هن جي ڄمار جا سڀ يار دوست پرڻجي ٻارن وارا ٿي ويا هئا پر هن تي قسمت جي ديوي مهربان ٿيڻ کان اصل نابري واري ويٺي هئي. هن ڀيري سندس ڏاڏي برقعو مٽايو هو. وري ڪجهه مهينن لاءِ هن جو وهانءُ دير سان ٿيڻ جا چٽا امڪان ٿي ويا هئا. انهيءَ کان اڳ، جڏهن سندس ناني بيمار ٿي هئي ته هن سندس خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا هئا. نانيءَ جي خدمت هن دل سان ڪئي. بيمار نانيءَ جي کٽ تان اٿيندو ئي ڪو نه هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ هن پنهنجي وجود کي کٽ جي پاڳي سان ٻڌي ڇڏيو هجي. حڪيمن کان ڪشتا، ڊاڪٽرن کان دوائون ۽ درگاهن تان پڙهايل ڪارا ۽ ڳاڙها سڳا به نانيءَ جي ڳچيءَ ۾ انهي اميد سان ٻڌي ڇڏيا ته من موت جي بلا سندس شاديءَ تائين ٽري وڃي. نانيءَ جي طبيعت کي وڌيڪ خراب ٿيندو ڏسي هن نماز به شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ جڏهن نماز کان پوءِ دعا لا هٿ کڄندا هئا ته چپن تي اها ئي دعا هوندي هيس ته؛ رب! نانيءَ کي وڏي ڄمار ڏي جيڪڏهن وڏي ڄمار نٿي ملي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجا موڙ ڏسڻ جيتري ته حياتي ڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نانيءَ جي موڪلائڻ کانپوءِ سندس نماز به موڪلائي وئي. پوءِ هن جيئن ئي مصلو ويڙهي رکيو ته اتي ئي پيو رهيو. جنهن تي دز جا تهه ڄمي ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ هو نانيءَ جي کٽ ڀرسان ويهي کيس صحتمند ٿيڻ جو يقين ڏياريندو هو ته ”ناني تون ڏسجان جلدي ٺيڪ ٿي ويندين اڃا ته مون کي موڙ ٻڌڻا اٿيئي.“ پر جڏهن نانيءَ جي هڏائين پڃري ۾ تبديل ٿيل جسم کي ڏسندو هو ته سندس اکين ۾ مايوسي ديرا ڄمائڻ لڳندي هئي ۽ هو هٿ مليندو، پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳندو هو ته لڳي ٿو هن سال به پاڻ گهوڙي نه چڙهنداسين.


پر موت جي ملائڪ کي ڪير روڪي سگهيو آهي. جيڪو جنميو آهي، انهيءَ کي هڪ ڏينهن ضرور واپس وڃڻو آهي. هڪ ڏينهن نما شام جو هو پنهنجي ناني کي دوا پياري رهيو هو ته سندس ناني جي طبيعت خراب ٿي وئي. هن جو پيءُ ملوڪ به انهي جي سيراندي کان بيٺو هو ۽ اهو ئي چوڻ لڳو ته؛ ”ابا نانيهين جو هاڻ آخري وقت اچي ويو آهي.“
هن پنهنجي شادي ملتوي ٿيندي ڏٺي ته هڪدم چيو؛ ”نه بابا وائي ته ڪا چڱي ڪڍ! ائين ڪيئن ٿيندو؟ ناني چڱي ڀلي ٿي ويندي، اهڙي ڳالهه نه آهي.“ هن چپن ئي چپن ۾ دعائون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيون. جيڪي ڪچيون ڦڪيون صورتون ياد هيون سي سڀ زبان تي تري آيون. پر موت جو ملائڪ ته انسان کان ڏاڍو آهي. انهيءَ کي روڪڻ لاءِ نه دنيا ۾ ڪا دري آهي ۽ نه ئي ڪو در. سو نانيءَ نيٺ اکيون پوري ڇڏيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر همراهه جا ٻئي هٿ مٿي اچي ويا. ان ڏينهن هن جي اکين ۾ لڙڪ هئا. هو جام رنو هو پر اهي لڙڪ ناني جي موت بدران سندس وهان ملتوي ٿيڻ جا هئا.
وقت گذريو. نانيءَ جو چاليهو به ٿي ويو پر همراهه جي وهان جو ڪو پتو نه هو. جڏهن وري ڏينهن ويجها ٿيا ته مٿان ڏاڏو هن سان ڏاڍي ڪري ويو ۽ جيڪي پتاشا هن ماڻهن کي ورهائڻ لا وٺي رکيا هئا، اهي ماڻهن جي وات ۾ پهچڻ کان اڳ ئي ماڪوڙن جي پيٽ ۾ لهي ويا. وريل جي شادي تي سندس سنگت شرط به رکي ڇڏيا هئا. اصل ۾ اهي شرط هر نئين تاريخ جي حوالي سان رکيا ويندا هئا. جنهن ۾ هر ڀيري وريام سوڀارو ٿيندو پئي آيو. جيڪو هيستائين پنهنجي سنگت کان ٻه ٻڪريون، هڪ ڍڳو ۽ ٻه عاليشان قسم جا ڪڪڙ کٽي چڪو هو. انهي ڏينهن جڏهن هو ڳوٺ واري هوٽل تي ويٺو سنگت سان چانهن پي رهيو هو ته سندس يار دوست وري ساڳي موضوع تي شروع ويا.
”ها ته چئبو هن ڀيري به تنهنجي وهان جي تاريخ ڏاڏو الهجڙيو کائي ويو.“ وريام هن تي ٽوڪ ڪندي چيو.
”بس يار منهنجي ته آهي ڦٽل، انهي موت جي ملائڪ کي به انهي وقت نازل ٿيڻو هوندو آهي جڏهن منهنجا ڏينهن ٻڌجي ويندا آهن ۽ ڪو نه ڪو مريو وڃي پاڻ اتي جو اتي، گذريل سال ناني جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيم پر رب راضي نه ٿيو.“ هن جواب ڏنو.
”اڙي يار تون پاڻ نڀاڳو آهين، وڃي کڙي کي ڏنڀ ڏيار ائين ڪم ڪونه ٿيندو، هو ڏسين ڪونه ٿو رب نواز کي، انهي سان تو جهڙو نڀاڳ چهٽل هو پر همراهه اهو سنئوڻ ڪيو ته اڄ ڏس ٽن ٻارن جو پي ٿيو ويٺو آهي.“ پريان کٽ تي ويٺل علي غلام رڙ ڪئي.
”نه ابا هتي کڙي ڏنڀائڻ کان ڳالهه چڙهيل آهي، همراهه جو ڪم نه ٿيندو، پو جي هن ڀيري به شرط رکڻ لا ڪو راضي هجي ته آئون ته تيار آهيان.“ وريام شرط لا هٿ اڳيان وڌايو.
”نه ٻيلي اسين ته اڳ ۾ ڪيترا شرط هارائي چڪا آهيون، هاڻ وري هن لا شرط رکون ته جيڪي بچيل ٽپڙ آهن سي به وڪڻي ڇڏيون، اسان ته توبهه تائب ٿياسين”. علو نيٺ پنهنجي ماٺ ٽوڙيندي چيو.
انهي ڏينهن همراهه کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي هئي. نيٺ جيئن هوٽل تان موٽيو ته پنهنجي پي سان انهي معاملي تي ڳالهائڻ لڳو.
”بابا ڀلا آئون به ٻارن ٻچن وارو ٿيندس يا ائين ئي ڇڙو مري ويندس.“ هن ڪاوڙ ۾ چيو.
”ڇو ابا اهي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين، تنهنجي شادي وڏي ڌوم ڌام سان ڪرائبي توکي ڳڻتي ڇو آهي.“ سندس پي آٿت ڏيندي چيو.
”ڳڻتي نه ڪريان؟ شادي لا رکيل پتاشا هر ڀيري ماڪوڙا کايو وڃن، وارن ۾ اڇا پئجي ويا آهن، منهنجي ڄمار جا منهنجا سنگتي اڄ نوجوان پٽن جا پي لڳا پيا آهن، پنهنجي ڳوٺ ۾ جن کي اڃا مڇن جي ساوڪ ئي مس آئي آهي انهن ڇوڪرن به موڙ ٻڌي ڇڏيا آهن ۽ آئون آهيان جو اڃا تائين ڇڙو ڇانڊ پيو هلان.“
”نڀاڳا پنهنجي ڏاڏي جو چاليهو ته گذرڻ ڏي آئون پو ڪرائي ڇڏيندس تنهنجو وهان اجاُيو خوار نه ڪر.“
”چاليهي تائين ٻيو ڪير گذاري ويو ته پو مون وارو ڪم وري به لڙهي ويندو نه.“
”اڙي چنڊا وائي ته چڱي ڪڍ، وري ڪير گذاريندو تون خدا کان پڇي آيو آهين ڇا؟“
”ڇو ڪالهه جو تون پاڻ ويو هئين ٻڌائين پيو ته مامي آمنت جي حالت ٺيڪ نٿي رهي، ڪٿي هاڻ انهي جو وارو ته نه آهي.“
”شرم ڪر ڇورا اها ٺيڪ آهي ايتري به بيمار ڪونهي جو هلي چُري ۽ اڃا جوان ويٺو آهين شادي ٿي ويندي، ڪهڙي تڪڙ لڳي اٿيئه.“ سندس پي جواب ڏنو.
هو به پي جي ڏنل آٿت ٻڌي ماٺ ٿي ويو پر همراهه جي دل ۾ وري به اڻتڻ هئي جنهن جي ڪري هن کي اها ئي ڳڻتي لڳي پئي هئي ته وري ڪو اهڙو حادثو ٿيندو جو هن جي شادي وارو معاملو پوئتي رهجي ويندو. ڪيترائي ڀيرا هن کي خيال آيو ته پنهنجي چاچي کي اها دانهن وڃي ڏئي پر پو همت نه ساري سگهيو ۽ ڳوٺاڻن کي ته سندس شادي جو اهڙو ته موضوع ملي ويو جو ٻيو ڪو ذڪر ڳوٺ ۾ هوندو ئي ڪونه هو.
ڪجهه ڏينهن کان پو جڏهن سندس ڏاڏي جو چاليهو خيرن سان ٿي گذريو ته هن جي پي ملوڪ کي به ياد آيو ته هاڻ دير نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڀا ڏانهن هليو ويو ته هاڻ ڇوڪري جي واهر ڪجي، آخر کٽ جي ٻنهي پاسن کان ڪيترو وقت لهندو ۽ چڙهندو. بهرحال ڳالهيون ٿيون ڏينهن چٽا ٿي ويا، سڄي ڳوٺ ۾ هُل هلي ويو ته وريل هن ڀيري ضرور موڙ ٻڌندو، گهوڙي چڙهندو ۽ ڳوٺ ۾ ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀت کائڻ لا ملندو. وڏي وقت کان ڳوٺ ۾ وهان نه ٿيو هو سو هاڻ جن ماڻهن جو گذارو دال ماني تي هو انهن جون اکيون وريل جي وهان واري ڀت ۾ هيون. بهرحال شادي جون تياريون زورن تي هيون، وريل پاڻ کي شادي لا تيار ڪري ڇڏيو، نوان ڪپڙا، جوتا، پٽڪو مطلب ته شادي لا جيڪي به ضرورتون هيون اهي هن پوريون ڪري ڇڏيون، وارن ۽ ڏاڙهي جي سنوارت به ڪرائي ڇڏي هئي. ارهياڻ ٿيڻ جي حامي به سندس هڪ دوست ڀري هئي. همراهه کي شادي جي ايڏي خوشي هئي جو ڏند ڀيڙا ئي نٿي ٿيا. سندس مرضي هئي ته اڄ شادي ٿئي ته سڀاڻي ٻيو ڏينهن ٿئي. پر وريام اڃا به انهي ڳالهه تي ضد ڪري بيٺو هو ته شرط رکو پر سنگت انهي سان شرط رکڻ لا انهي ڪري به تيار نه هئي جو انهي کي اڳيان ڌڪ ساريا پيا هئا سو ڪنهن به انهي ڳالهه تي راضپو نه ڏيکاريو ۽ ماٺ ڪري شادي واري ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳا.
شادي جا ڏينهن اوريان ايندا ويا، وريل جي اندر جي آنڌ مانڌ به وئي پئي وڌندي. پر جيئن چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي رب جي من ۾ ٻي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي پي کي اچي هيضي جي بيماري لڳي همراهه الٽين ۽ جلابن ۾ وٺجي ويو. جسم جو پاڻي سڪڻ لڳو ۽ صفا بي حال ٿي پيو. ماني ته اندر ۾ ٽڪي ئي نٿي جيڪڏهن اندر ڪجهه ويو به ٿئي ته سڀ ڪجهه الٽي ۾ ٻاهر نڪري ٿي ويو. هن وري دل ۾ سوچيو لڳي ٿو پاڻ وري به گهُوڙي نه چڙهنداسين. هن جا هٿ دعا لا کڄندا رهيا ۽ اکيون اڀ ۾ هيون. ڳوٺ جي حڪيم جي ڪنهن به ڦڪي فرق نه ڪيو، نيٺ يارن دوستن صلاح ڏني ته شهر هلي اسپتال ڀيڙو ڪجي. بيماري ڪا وڏي به نه هئي پر جهڙي ريت موت جو ملائڪ وريل جي گهر تي مهربان هو سو هن کي به ائين لڳو ته سندس بابو هاڻ پيالو ڪندو. پر سڀن جي صلاح سان جڏهن شهر جي اسپتال پهتا ته ڊاڪٽر کين آٿت ڏني ته سڀ خير آهي ڪا به گهٻرائڻ جي ڳالهه نه آهي تڏهن وڃي وريل کي ساهه پيو.

پر هن ته اسپتال جي ڀر واري مسجد ۾ وڃي پي جي حياتي ۽ پنهنجي شادي جا پتاشا ماڻهن ۾ ورهائڻ لاءِ دعائون گهريون، نيٺ سندس پي چاڪ ٿي ويو. ڳوٺ واپس موٽيا. ٻن ٽن ڏينهن ۾ هن موڙ ٻڌا ۽ هن ڀيري پتاشا ماڪوڙن جي پيٽ ۾ وڃڻ کان بچي ويا. هاڻ هو ڪنهن مائي جو گهر وارو ٿي ويو آهي، شادي جي جيڪا سد هئي سا پوري ٿي ويس. هن جي چهري تي هاڻ اها مرڪ نه آهي جيڪا شادي کان اڳ هوندي هئي. سندس اکين جي چمڪ به غائب ٿي وئي آهي. مرڪ ڇا هوندي آهي اها سندس چپن کان وسري وئي. هاڻ هو پنهنجي يارن دوستن کان پڇندو آهي ته انهن کيس شادي ڪرڻ کان روڪيو ڇو ڪو نه ۽ جڏهن سندس پي بيمار ٿيو هو ته هن سندس حياتي لا دعائون ڇو گهريون هيون.

No comments:

Post a Comment