Thursday, January 30, 2014

بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽ - عديل مهر

بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽ
عديل مهر
ٽيھن سالن پڄاڻان وري جي هن ڪهاڻي لکي آهي ته اها هن کان محمد علي پٺاڻ لکرائي آهي ۽ شڪارپور ۾ دوستن جي درميان ويهاري پڙهائي به! بادل جماليءَ جو هيءُ ڄڻ ٻيو ادبي جنم آهي، جيڪو ثميره زرين ۽ شيخ اياز جي شهر ۾ ڪهاڻي لکي پڙهڻ ۽ لڳاتار لکندو رهڻ جي اعلان سان ٿيو. اها هڪ آس هئي جا هڪ ڪهاڻيڪار کي ٻئي ڪهاڻيڪار سان ملائڻ لاءِ وچولي کان اتر وٺي آئي. فون تي رابطن کان پوءِ روبرو بادل ۽ انور شيخ جي اها پهرين ملاقات هئي جيڪا سکر باءِ پاس تي ٿي. هو نيو سعيد آباد کان آيو هو، اسين کيس وٺڻ ويا هئاسين! ڪردار نگار کي ڪردار نگار سان ملائڻ جو ڪريڊٽ محمد علي پٺاڻ جو آهي. جيڪو خود هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، ليڪن پاڻ کان بي نياز هن شخص وٽ جيڪا ٻين جي قدر شناسي آهي، اها کيس ادب جو سچو عاشق ثابت ڪري ٿي. ڪيترن ۾ مون هڪ محمد علي ڏٺو آهي جيڪو انائن کي مات ڏيڻ جي مهم تي نظر اچي ٿو. ٻن اڻ واقف اديبن کي ملائڻ، انهن کان لکائڻ، ڇپائڻ، هر وقت اها اڻ تڻ، سدائين ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪندو، ڪنهن کي ڇنڻ نه ڏيندو، رٺل پيو پرچائيندو رهندو! بادل ۽ انور کي به هن ئي ملايو!

روشنيءَ جو سفر - رضوان گل

روشنيءَ جو سفر
ڪهاڻي
رضوان گل
چوڪيدار جي سيٽي گھٽين ۾ ڇانيل خاموشيءَ کي وقفي وقفي سان ٽوڙي رهي هئي. سياري جي ڊگھي سرد رات جا ٻه وڳا هئا. خالد جون اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کتل هيون. ٻن ڪلاڪن کان مختلف سوچون سندس مٿي ۾ ڪوڪن جيان ٺوڪجي رهيون هيون. ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري تي پاسا ورائي ورائي ٿَڪي پيو هو. بستري تي سُيون چڀي رهيون هيس. ننڊ جا آثار کيس پري پري تائين نظر نه ٿي آيا. عام حالتن ۾ کيس جڏهن ننڊ نه ايندي هئي ته ماضيءَ جا ڪي خوبصورت پل ياد ڪرڻ لڳندو هو ۽ اهي پل ياد ڪندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي، پر اڄ ڪلهه ننڊ سندس نيڻن مان اڏامي ويئي هئي.

Friday, January 17, 2014

وريل جو وهان - اختر حفيظ

وريل جو وهان
ڪهاڻي
اختر حفيظ
هي پنجون ڀيرو هو جو وريل جي شاديءَ لاءِ رکيل پتاشا ماڪوڙا کائي ويا هئا. هن جڏهن به شادي ڪرڻ جو رٿيو ٿئي تڏهن ڪا نه ڪا رنڊڪ ضرور نروار ٿي پوندي هئي ۽ همراهه جو منهن ئي لهي ويندو هو. وري قسمت کي پٽون پاراتا شروع ٿي ويندا هئا. هن جي ڄمار جا سڀ يار دوست پرڻجي ٻارن وارا ٿي ويا هئا پر هن تي قسمت جي ديوي مهربان ٿيڻ کان اصل نابري واري ويٺي هئي. هن ڀيري سندس ڏاڏي برقعو مٽايو هو. وري ڪجهه مهينن لاءِ هن جو وهانءُ دير سان ٿيڻ جا چٽا امڪان ٿي ويا هئا. انهيءَ کان اڳ، جڏهن سندس ناني بيمار ٿي هئي ته هن سندس خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا هئا. نانيءَ جي خدمت هن دل سان ڪئي. بيمار نانيءَ جي کٽ تان اٿيندو ئي ڪو نه هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ هن پنهنجي وجود کي کٽ جي پاڳي سان ٻڌي ڇڏيو هجي. حڪيمن کان ڪشتا، ڊاڪٽرن کان دوائون ۽ درگاهن تان پڙهايل ڪارا ۽ ڳاڙها سڳا به نانيءَ جي ڳچيءَ ۾ انهي اميد سان ٻڌي ڇڏيا ته من موت جي بلا سندس شاديءَ تائين ٽري وڃي. نانيءَ جي طبيعت کي وڌيڪ خراب ٿيندو ڏسي هن نماز به شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ جڏهن نماز کان پوءِ دعا لا هٿ کڄندا هئا ته چپن تي اها ئي دعا هوندي هيس ته؛ رب! نانيءَ کي وڏي ڄمار ڏي جيڪڏهن وڏي ڄمار نٿي ملي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجا موڙ ڏسڻ جيتري ته حياتي ڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نانيءَ جي موڪلائڻ کانپوءِ سندس نماز به موڪلائي وئي. پوءِ هن جيئن ئي مصلو ويڙهي رکيو ته اتي ئي پيو رهيو. جنهن تي دز جا تهه ڄمي ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ هو نانيءَ جي کٽ ڀرسان ويهي کيس صحتمند ٿيڻ جو يقين ڏياريندو هو ته ”ناني تون ڏسجان جلدي ٺيڪ ٿي ويندين اڃا ته مون کي موڙ ٻڌڻا اٿيئي.“ پر جڏهن نانيءَ جي هڏائين پڃري ۾ تبديل ٿيل جسم کي ڏسندو هو ته سندس اکين ۾ مايوسي ديرا ڄمائڻ لڳندي هئي ۽ هو هٿ مليندو، پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳندو هو ته لڳي ٿو هن سال به پاڻ گهوڙي نه چڙهنداسين.

Wednesday, January 15, 2014

نِنڊاکِڙو وجود - فھيم اختر

نِنڊاکِڙو وجود
ڪھاڻي
فھيم اختر
“يار نعيم توکي ان موقعي مان فائدو وٺڻ گھرجي، اهڙا موقعا زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ايندا آهن ادا.” سارنگ نعيم کي سعودي عرب وڃڻ لاء زور ڀري رهيو هو.
“تو واري ڳالهه صحيح آهي، پر الائي ڇو دل نه ٿي مڃي، پهريون ڀيرو گھر کان ايڏو پري، مري ويندس ادا آءٌ!” نعيم وراڻيس. “ٻيو ته اها ڪمپني جنهن ۾ سي وي موڪلڻ لاء تون چئي رهيو آهين، اهي اُتي سعوديء ۾ به انٽرويو وٺندا. جي ان ۾ فيل ٿي پيس ته ڪرايا ڀاڙا سڀ اجايا ويندا. مون وٽ ايتري جمع پونجي به ناهي ۽ هُن هُن کان پِن سِن ڪري پئسا ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ جهڙي خواريءَ کان چڱو آهي ته لالچ ڇڏي ماٺڙي ڪري هت ئي دال مانيءَ تي گذر ڪجي.”

Monday, January 13, 2014

برصغير ۾ جديد سنڌي افساني جي ابتدا - ريحانه نظير

ريحانه نظير
سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا 1953ع ۾ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي جديد تعليم کان متعارف ڪرائڻ لاءِ پڙهيل لکيل سماجي خدمتگارن (جن ۾ گهڻي اڪثريت هندو برادري جي هئي) پنهنجي ذاتي خرچ مان ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ڌرم سنٿائون قائم ڪيون ته جيئن عام ماڻهوءَ کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا جن ۾، درسي ڪتابن سان گڏ ماڻهن جي وندر لاءِ ادبي ڪتاب پڻ ڇپايا ويا. جن ۾ داستان، قصا ۽ شاعري وغيره جا ڪتاب شامل هئا. پر وقت جي تيزرفتاري ۽ صنعتي ترقي ۽ بدلجندڙ سماجي قدرن اندر عام ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪونه هو جو وڏا قصا يا داستان پڙهي سگهن. معاملي جي نزاڪت کي سمجهندي ان وقت جي باشعور ليکڪن ادب ۾ نين صنفن ناول، ڊراما ۽ آکاڻين جا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن پڙهندڙن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. بقول ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو جي ته ”انگريز سرڪار سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ۾ ورهايو: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. جنهنڪري اهي ٽيئي شهر ضلعي هيڊڪواٽر جي حيثيت ملڻ ڪري وڌيڪ ترقي ماڻي سگهيا. نئين تشڪيل ڏنل آئيويٽا کان پوءِ اهي ٽيئي شهر جديد تعليم ۽ ادب ۾ اڳڀرا ٿيڻ لڳا. ڪراچي ۽ حيدرآباد کان علاوه شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾ جيئن پوءِ تيئن نيون رونقون رونما ٿيڻ لڳيون. جديد تعليمي ادارا قائم ٿيڻ سان گڏ اشاعتي ادارا به وجود ۾ اچڻ لڳا. جنهنڪري قلمڪارن جو قلمي پورهيو به شايع ٿيڻ لڳو. ان وقت جي تقاضا موجب ماڻهو روح جي راحت ۽ دل جي وندر لاءِ قصن ۽ داستانن جو مطالعو ڪندا هئا. جنهنڪري اديب، قصن ۽ داستانن جي لکڻ ۽ ڇپائڻ طرف توجهه ڏيڻ لڳا. اڳتي هلي اهي قصا ۽ داستان ئي افسانوي ادب جو بڻياد بڻيا. انگريزن جي دور ۾ ادب جي مختلف صنفن کان سواءِ نثري صنف ڪهاڻي پڻ ترقي ڪئي. قصن ۽ داستانن جي دور ناول، ڪهاڻي ۽ افساني جي دور ۾ پاسو بدلايو.(1)