Saturday, November 22, 2014

ڳاڙهي ڪنوار - سليم چنا

ڳاڙهي ڪنوار
سليم چنا
ماڪ جا شفاف ڦڙا هن جي ڳلن تي ڪِريل هئا، هن جو مُک مَهڪي رهيو هو. جبلن جي وچ ۾ اڏيل هڪ قديم ۽ تاريخي شهر جي نرڙ تي باک ڦٽي رهي هئي. هوءَ پڌر ۾ کٽ تي سُتل هئي. شهر جي ٿڌڙين هوائن هُن کي گهريءَ ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏيو هو. هُن کي ڪهڙي خبر ته چنڊ آسمان ۾ جڏهن به جوڀن ۾ هوندو آهي، تڏهن هُن جو چهرو چمڻ ضرور ايندو آهي.

Monday, November 3, 2014

ڦوٽ جو نتيجو

ڦوٽ جو نتيجو
(ٻڌيءَ جي طاقت بابت، چيڪوسلواڪيا جي بادشاهه جي نصيحت واري آکاڻي)
اڄ کان تيرهن سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. يورپ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي حڪومت هئي. انهيءَ ۾ موراويه، ٻوهيميه ۽ سلواڪيا جا ملڪ هئا. انهن ملڪن تي جيڪو بادشاهه حڪومت ڪندو هو، ان جو نالو ”سوائو پولڪ“ هو. اهو بادشاهه ڏاڍو سياڻو ۽ بهادر هوندو هو. کيس ٽِن پٽن جو اولاد به هو. اهو هن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو، جو هو انهن ملڪن تي حڪومت ڪندو هو. جڏهن ته بادشاهه پوڙهو ٿي ويو هو ۽ بيمار پڻ رهڻ لڳو هو. تڏهن کيس اچي ڳڻتي ٿي ته مون کان پوءِ هيڏي ساري ملڪ کي ڪير سنڀاليندو؟ هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي ٽنهي پٽن کي پاڻ وٽ سڏايو. ٽئي اچي هن جي بستري وٽ بيٺا. بادشاهه کين چيو؛ ”پُٽ! آءٌ هاڻي پوڙهو ۽ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ ڪجھه ڏينهن جو مهمان آهيان. مون وڏين ڪوششن ۽ محنت سان، هيءَ حڪومت جوڙي آهي. هاڻي اهو وقت تمام ويجهو اچي ويو آهي، جو اوهان کي حڪومت جون واڳون ڏيان. هن حڪومت جا دشمن به گهڻا اَٿوَ، جن جون نظرون هر وقت ان ۾ کُتل آهن. توهان جو فرض آهي ته هن حڪومت کي دشمنن کان بچايو ۽ هن کي قائم رکندا اچو!“

Sunday, November 2, 2014

وڏي ماڻهوءَ جي ناني - پرويز

وڏي ماڻهوءَ جي ناني
پرويز
”بابا “
”جي پٽ“
”اوهان اڄ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
”پٽ، پنهنجي تڪ جي ايم اين اي (ميمبر نيشنل اسيمبلي) جي ناني گذاري ويئي آهي، سو اوڏانهن ٿو وڃان ڪانڌي ٿيڻ.“
”بابا، ان جو ڳوٺ ته الاهي پري آهي. گاڏيءَ کان سواءِ ڪيئن وڃي سگهبو!“
”ها پٽ، گاڏي ته ڀاڙي تي ڪرڻي پوندي. هڪ ته پنڌ گهڻو پري آهي. ٻي ڳالهه ته وڏن ماڻهن وٽ ائين پنڌ ٿو وڃجي (لوڪل ٽرانسپورٽ ذريعي) ته ڪير پڇي به ڪو نه ٿو. تنهن ڪري به گاڏيءَ ۾ وڃڻو پوي ٿو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ ڪير هٿ ڏيئي ڪٿي ويهاري ته سهي!“
”پر بابا، گاڏي به ٻه اڍائي هزار روپيه ته ضرور وٺندي!“
”ها پٽ، ائين ته آهي. مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي. ٻيو ته اڄ سي اين جي گئس به بند آهي. سو ڊرائيور ته پنهنجي من ماني ضرور ڪندا. پر ڇا ڪجي! وڃڻ به ته ضروري آهي نه.

Monday, October 27, 2014

ٻڪرار جي سياڻپ - دوست محمد جوڻو

ٻڪرار جي سياڻپ
دوست محمد جوڻو
ڪنهن زماني جي هڪ بادشاهه جي ڳالهه آهي. بادشاهه جو نالو جان هو. اهو بادشاهه پنهنجي عوام لاءِ وڏو ظالم ۽ حاسد هوندو هو. هو سمجهندو هو ته سڄي ملڪ ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت. هن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو ته ماڻهو هن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي ڳالهه مڃن ٿا ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.

ٻارن جو وڪرو - مقصود گل

ٻارن جو وڪرو
ڪھاڻي
مقصود گل
ڪراچي جي ريگل چوڪ جي فوٽ پاٿ تي پڪي عمر جو هڪ مرد ۽ هڪ عورت، ٻه معصوم ٻارڙا کارن ۾ ويهاريو اڳيان رکيو ويٺا هئا، ۽ هوڪا ڏئي رهيا هئا؛ ”ٻار وٺو! ٻار وٺو!“ عورت جو منهن لٿل ۽ مايوس هو پر مرد پنهنجي مايوسيءَ ۽ درد کي، هٿرادو مرڪ مرڪي، پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو.
ماڻهن جي هجوم مان هڪ گراهڪ ڳالهايو؛ ”گهڻو...... گهڻو!“
مرد وراڻيو؛ ”ٻه ٻه هزار.“
گراهڪ چيو؛ ”نه! هڪ هڪ هزار!“
”ڏي ڀلا!“ مرد هٿ ڊگهو ڪندي چيو.
”نه نه مون کي نه کپن...! بس مون ائين ئي چيو. اگهه پڇڻ لاءِ...!“ گراهڪ چيو.
ٻارن جي ماءُ ڏکوئيندڙ لفظن ۾ چيو؛ ”پئسا نه ڏي! تون ٻار ائين ئي وٺي وڃ! بس منهنجي ٻارن کي ڍَوَ تي ماني کارائجانءِ..!“

ماءُ جون اکيون آبشار ٿي ٽمڻ لڳيون..!

امن، پيار ۽ آزادي - مقصود گل

امن، پيار ۽ آزادي
ڪھاڻي
مقصود گل
قسمت جي ديوي جڏهن اسان تي راضي ٿي هئي، تڏهن هن اسان کي ٽي تحفا ڏنا هئا. ”امن، پيار ۽ آزادي“ امن جو پيارو پکي، پيار جو ڪتاب (شاهه جو رسالو) ۽ آزاديءَ جو انمول هيرو. مٿان وري، انهن ٽنهي شين جي حفاظت جي هدايت به ڪئي هئائين. پر افسوس جو اسان پنهنجي اندروني اختلافن سبب، امن جو پيارو پکي اڏائي ڇڏيو ۽ ذاتي  مصروفيتن سبب پيار جي ڪتاب جو مطالعو به ڇڏي ڏنو آهي.

هاڻي به اسان جيڪڏهن پاڻ نه سنڀاليو ته قسمت جي ديوي اسان کان نالي ماتر آزاديءَ وارو انمول هيرو به کسي وٺندي. ته پوءِ اسان کي کينهوڙي خان وانگر نام نهاد آزادي مارچ يا ملان ماڪوڙي وانگر هروڀرو انقلاب لاءِ ڌرڻا هڻڻا پوندا. پر اسان ايترا ڏوڪڙ ڪٿان آڻينداسين.

ٺيڪو -مقصود گل

ٺيڪو
ڪھاڻي
مقصود گل
فقيرياڻي؛ ”الله جي نالي تي خيرات ڏي، حاجي صاحب! ٻچڙو بيمار آهي، شيشي وٺندس.“
حاجي صاحب، کيسي مان پنج روپيا ڪڍي، فقيرياڻيءَ جي تريءَ تي رکيا.
”حاجي صاحب! شيشي چاليهن روپئين ملندي.“ فقيرياڻي شيشيءَ جو پاٺو ڏيکاريندي، حاجي صاحب کي چيو، ۽ ٻانهون ٻڌي حاجي صاحب کي نيزاري ڪرڻ لڳي.
”مون ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟“ حاجي صاحب ڪاوڙ مان فقيرياڻيءَ جي هٿ کي ڌڪو ڏئي، هڪ پاسي ڪري اڳتي وڌي ويو.

فقيرياڻي ويچاري، حاجي صاحب کي ڏسندي رهجي وئي... ٻارڙي فقيرياڻيءَ جي جهوليءَ ۾ درد کان زوردار ڪيهه ڪئي!!

Friday, October 10, 2014

وري آ پکي واهيري - حسين ڪپري

وري آ پکي واهيري
ڪھاڻي
حسين ڪپري
اڄڪلهه هر ڪو ماڻهو رومانس ۽ مارڌاڙ جون ڪهاڻيون پڙهڻ پسند ڪري ٿو. پکيءَ جي آکاڻيءَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي، جيڪا ڪنهن کي موهي هينئڙو هٿ ڪري سگهي. پر پوءِ به اوهان کي ٻڌائڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي.

Tuesday, October 7, 2014

بادشاهه ۽ ڪاسبي - صائمه سنڌو ڪلوڙ

بادشاهه ۽ ڪاسبي
گجري لوڪ ڪهاڻي
مخحار الدين تبسم /صائمه سنڌو ڪلوڙ
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڪاسبي رهندو هو. سندس هڪ ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو روشني هو. جيڪا چنڊ کان وڌيڪ خوبصورت هئي. ڪاسبي جي زال مري ويئي هئي. گهر ۾ ڌيءَ ۽ پيءُ رهندا هئا. پيءُ کي اها اميد هئي ته هن جي سهڻيءَ ڌيءَ پيريءَ ۾ سندس خدمت ڪندي. هوريان هوريان هوءَ جوان ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن ڌيءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته؛ ”بابا مون ماني پچائي آهي، تون ماني کاءُ ته مان جنهگ مان ڪاٺيون ڪري اچان.“ هن پيءُ کي ماني کارائي. پوءِ ڪهاڙي ۽ رسو کڻي، ڪاٺيون ڪرڻ هلي ويئي.

Sunday, October 5, 2014

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم - نصير سومرو

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم
نصير سومرو
(احساس شاعراڻي انداز ۾ ڳالهائي ٿو. ڪڏهن اڪيلائي ۾ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ڪڏهن ناقداڻي نموني ڪهاڻيءَ جي ساڳيءَ طرح تسلسل ۾ هجڻ تي ويچاري ٿو. ڪڏهن خود ڪهاڻيڪار بڻجي ان ڏٺل غارين ۾ گهڙي پنهنجي شروعات جا نشان ڳولي ٿو. ڪڏهن، ميلي ۾ هلا گلا ڪندي تنهائي کان ڇوٽڪارو وٺي ٿو. ڪڏهن ٻين سان گڏجي، ڪڏهن اڪيلو مشڪري ڪري ٿو. هڪ ڪردار ۾ گهڻا ڪردار سمايل آهن.)
وڪيل: هجوم ۾ گم ٿي ويلن مان انسان کي ڳوليندو آهيان. هو گم ٿي ويو آهي. گمشدگي جو اشتهار هر شخص جي نرڙ تي چنبڙيل آهي.

جيئڻ جو ملهه - صائمه سنڌو ڪلوڙ

جيئڻ جو ملهه
ڪھاڻي
صائمه سنڌو ڪلوڙ
ويچاري پٽيوالي کي پوليس ايڏي ته مار ڏني جو هو صفا ساڻو ٿي ويو. پر پوءِ به پوليس کي هن جي هيڻي حال تي ڪو رحم ڪو نه آيو، پر اچي به ڇو! هنن ته هر حال ۾ هن کان پنجاهه هزار رپيا موٽائڻ ٿي چاهيا. تنهن ڪري پوليس وڌيڪ ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو. پوليس وارا پٽيوالي کان پڇا ڪري ڪري ٿڪجي پيا. رکي رکي کيس ڏاڍي مار ڏيندا رهيا. پر هن ڏوهه نه باسيو. پوليس جو هن کان اڳ شايد ئي ڪنهن اهڙي پڪي ڏوهاريءَ سان واسطو پيو هجي. نيٺ مجبور ٿي سب انسپيڪٽر کيس وارن کان جهلي ڪاوڙ مان ڏند ڀڪوڙيندي چيو ته ”ياد رک، جيڪڏهن تون مري به وئين ته تو کي قبر مان ڪڍي به تو کان ڏوهه باسرائيندس!“

Sunday, September 7, 2014

حويلي جا راز - ماڻڪ

حويلي جا راز
ماڻڪ
ٻنپهرن جي مهل هئي، آئون حڪيم خير محمد جي حيدري شفاخاني ڏانهن وڃي رهيو هوس. پري کان ئي ڏٺم ته حڪيم صاحب پراڻي ڪاٺ جي صندل تي پلٿي ماريو، کرل ۾ ڪنهن دوا جو سفوف ڪري رهيو هو. معمول پٽاندر سندس مٿيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ هيٺيون چپ ٻاهر ڊولو ٿي نڪتل هو. مونکي پري کان ئي ڏسي، کرل کي پري ريڙهي هٿ گوڏ سان اگهيائين. جڏهن حيدري شفاخاني جي چانئٺ اڪري، پير اندر رکيم ته حڪيم اٿي، اڳتي وڌي، اڪير مان ڀاڪر پائي، پنهنجو وات منهنجي ساڄي ڪن تي آڻي چيو، “ڪجهه ٻڌو اٿئي؟” مون اتي ئي ڪنڌ سان ناڪار ڪري چيو، “نه.” پو هندن جي زماني واري هڪ ڇڳل موڙي کي ريڙهي مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيو. آئون ويهي رهيس. هن چوڌاري رازدارانه نموني نظر ڦيرائي ۽ منهنجي ويجهو اچي آواز کي تمام هلڪو ڪري چيائين، “ڪجهه به نه ٻڌو اٿئي؟”

Friday, August 22, 2014

جوابدار ڪير - اياز قادري

جوابدار ڪير
اياز قادري
هن جي تقرير، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾ ختم ٿي. هن کي هار وڌا ويا. ايتري قدر جو سندس منهن به گلن جي وچ ۾ نظر نٿي آيو. اڄ هر ڪنهن جي وات ۾ هن جي واکاڻ هئي. هو قوم جو صحيح ترجمان هو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن جي دلين ۾ هن جي لاءِ بيحد عزت هئي، پيار هو. اڄ به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي جمع ٿيا هئا. هڪ ٻئي مٿان ڳاهٽ پئي ٿيا. ميدان ۾ پير پائڻ جي به جاءِ نه هئي. پبلڪ پارڪ سڄو ماڻهن سان سٿيو پيو هو. اونهاري جي سخت گرميءَ ۾ ماڻهن جو دم پئي گهٽيو. ماڻهو پگهر ۾ شل ٿي ٿيا. مگر جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ وئي ٿي وڌندي. سندس تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ، ٻن چئن هنڌن ڌڪا مڪي به ٿي، مگر وري سانت ٿي وئي.

Saturday, August 2, 2014

روپوش - حليم بروهي

روپوش
حليم بروهي
مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻه سؤ کان وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منهنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ روپوش هجن، تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي هئا، يا نااهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿيس.منهنجي وک تکي هئي، تنهنڪري اردلي ڊڪندو منهنجي اڳيان هليو.

Sunday, June 15, 2014

سروي حفيظ ڪنڀر

سروي
حفيظ ڪنڀر
هو پنهنجي شعبي جي ڪنهن Assignment جي لاءِ سروي ڪري رهيو هو ۽ ڪيترين ئي ڇوڪرين سان رات جو گڏ سمهي چڪو هو. ڪچهريون ڪري، نخرا ڪري، ناز ڏسي، طعنا سهي چڪو هو.
هڪڙي ڇوڪري پنهنجي پرس مان چيمپيئنزي جو شرارتي پوز ڪڍي ڏيکاريندي کيس ڀولڙي ڇاپ چيو هو ۽ هن جي چماٽ ڇوڪري جي ڳل تي ٺڪاءُ ٿي وئي هئي پر ڪلاڪ کان پو هو ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ هو ۽ سڄي رات کانئس معافي به وٺندو رهيو. صبح جو وڃڻ وقت هن ڇوڪريءَ کي ٻه سئو رپيا ٿي ڏنا، جيڪي هن واري منهن تي هنيا.

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘ - منصور

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘
ڪھاڻي
منصور
اِئين قطع ڪو نه هو ته ڪو هُن مٿان درسي ڪتابن ۾ ايمانداريءَ متعلق ڏنل سبقن جو اثر هو، نه ئي ڪنهن پير فقير ايماندار ٿيڻ جو مٿس ڦيڻو رکيو هو. پر زندگيءَ جي مشاهدي، هن جي اندر ۾ صحيح ۽ غلط جي اهڙي دري کولي ڇڏي هُئي جو لوڪ لهوارو، اسين اوڀارا جيئن، هُن حالتن جي اُبتڙ هلڻ شروع ڪيو هو. اُنهيءَ ۾ کيس ڪيتريون تڪليفون پهچن ٿيون، ڪيترا اهنج رسن ٿا، تنهن جي پرواهه ڪرڻ سواءِ، هُو پنهنجي فيصلي تي اٽل هجي ٿو. پر ڪالهه جڏهن اُڀ ساهيءَ سان گهر رسيو ته آڏي پُڇا مان گذرڻو پيس؛ ”وري ڪنهن کان مار کايو پيو اچين! تو کي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته شينهن جي وات ۾ هٿ نه وجهندو ڪَرِ! هيءُ زمانو هاڻ شينهن ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ڪو به سڌو ماڻهو سڌيءَ ريت جيئي نٿو سگهي. پر تون آهين جو اُصولن جو بُخار لهڻ ئي نٿو ڏين؟“ سندس وني ڪروڌ سان گڏ، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، ڏانهس وڌايو.

Saturday, June 14, 2014

وڏو ماڻهو - دليپ رتناڻي

وڏو ماڻهو
دليپ رتناڻي
اڄ صبح جو مون واري پراڻي سنگتي ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي فون آئي. مون فون کنئي ته آواز سُڃاتم. چيائين ته؛ ”يار! وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، فون ئي نٿو ڪرين.“
مون کيس چيو ته؛ ”ڇا وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو فون نه ڪري يا فون دير سان ڪري؟“
چيائين ته؛ ”وڏو ماڻهو اهو آهي جيڪو لفٽ نه ڪرائي ۽ فون اٽينڊ نه ڪري. جنهن سان ملڻ لاءِ سفارشي هٿ ڪجن ۽ پوءِ به ملاقات لاءِ راضي نه ٿئي ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته؛ ”اهي نشانيون ته ٽه پتائي قسم جي ماڻهوءَ جون آهن.“

Tuesday, April 15, 2014

هوءَ اڪيلي نه هئي - عبدالواحد سومرو

هوءَ اڪيلي نه هئي
مختصر ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
هڪ بنگلو آهي، صاف سڙو ماحول اٿس، گهر هڪ مرد فريد هلائيندو آهي، اڪثر ڪري فريد، ملڪ کان ٻاهر ڪاروبار سبب اچ وڃ ڪندو رهندو آهي. اهو اچ وڃ جو سلسلو گذريل ڇهن ستن سالن کان اٿس.
اهو گهر هڪ ڪالوني ۾ آهي. ان ڪالوني ۾ ان گهر جي ڀرسان واري گهر ۾ وڃي مان به رهندو آهيان. شام جو ڪڏهن پل تي ته ڪڏهن سوسائٽي ۾ ته ڪڏهن ڦاٽڪ تي ته ڪڏهن وري گارڊ سان گپ شپ، خاص ڪري تڏهن جڏهن بجلي بند ٿي ويندي آهي اهو گارڊ دنيا جهان جون خبرون چارون ڪندو آهي جن ۾ موبائيل تي فوٽيج به ڏيکارڻ شامل هوندو آهي.

آڇ - مٺل جسڪاڻي

آڇ
مختصر ڪهاڻي
مٺل جسڪاڻي
آئون پنهنجي ڪم ۾ مشعول هئس. هو خبر نه آهي ڇو اچي ڪنڌ ۾ پيو ۽ مون کان هڪ اشتهار لکرائي ويو. سندس اشتهار جو متن هن ريت هو:
”ٽنڊوڄام ٽول پلازا وارا ڪجهه ماڻهن ۽ انهن جي چمچن کان ٽول ٽيڪس نه وٺندا آهن. آئون اهڙو ماڻهو نه آهيان، جو بنا ٽيڪس اتان لنگهي سگهان، البت اهو ممڪن آهي، ته مون کي ڪير پنهنجو چمچو قبول ڪري، ته جيئن آئون به ٽيڪس کان بچي سگهان.

Friday, February 28, 2014

استاد بِدنَ - شريف الدين ميمڻ ڏيپلائي

استاد بِدنَ
شريف الدين ميمڻ ڏيپلائي
ٿر جا ماڻهو انتهائي سٻاجهڙا آهن. سادگي جي انتها آهي. پر لڪڙ تاڙ، سڄي ملڪ جي رکندا آهن. گهر ۾ ڀلي ڪو سڄو ٺڪر نه هجي. بي بي سي ٻڌڻ لاءِ هڪ عدد ريڊيو ضرور هوندو. دنيا جو ٻيو ڪو به ڪم ڪن يا نه پر شام جو ۵ وڳي واريون مڪاني خبرون ضرور ٻڌندا آهن. اهڙو ئي سادگي وارو ديس واسي آهي ”استاد بِدنَ“. هر ڪم جي لاءِ فٽ. ڪٿي جي ڪو مزدور نه هوندو ته چوندس؛ ”يار استاد وارو ڪر، ٻن ٽن ٻورين کي ڪلهو ته ڏيار.“ ٿوري واکاڻ ٻڌڻ سان اُهي ٻوريون ڀلي ۲۰۰ هجن پر استاد بدن ۲۰۰ ٻوريون لاهي پوءِ پڇندو؛ ”بس، ٻوريون ختم ٿيون.“ شل نه ڪٿي ٻڌي ڪي چار ماڻهو ڪچري پيا ڪن. اتي چانهه جو ٿرماس ڀرائي ضرور پهچندو. پوءِ ڀلي کڻي آمريڪا جي صدر جي معاشقي جو موضوع هجي يا دبئي جي عربن جي شڪار جي ڳالهه هجي يا نواز شريف ۽ مشرف جي جنگ هجي، عمران خان جو ڌرڻو هجي يا قومپرستن جو سنڌ لاءِ ڪردار هجي. جيڪڏهن وارو مليو ته ٻن سؤ ٻورين کڻڻ وانگر ڳالهائڻ ۾ دير نه ڪندو. پوءِ ان ۾ پنهنجو مؤقف رکڻ ۾ به دير نه لڳائيندو. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي هي ته ڪو لکيل پڙهيل Ph.D آهي.

Wednesday, February 19, 2014

نِڪمو - رضوان گل

نِڪمو
رضوان گل

”ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ... ٺَڪ ٺَڪ ٺَڪ...“
”ڪير آ؟“ ننڊاکڙو آواز.
”مان آهيان امان، دروازو کوليو.“ دروازي ٻاهران وسيم جو ڊنل آواز. دروازو کُليو.
”ڪير آ؟“ کٽ تي ليٽيل وسيم جي پيءُ پاسو ورائيندي پڇيو.
”وسيم آ.“ جوڻس جواب ڏنو.
”ڪاٿي هئين هن وقت تائين، نواب جا پُٽَ!؟“
”بابا! ٻاهر هوٽل تي دوستن سان ويٺو هيس.“
”ڌوڙ پئي آ توکي به ته تنهنجي آواره دوستن کي به.“
وسـيـم خـامـوش! ڪنڌ هيٺ ڪري ماءُ جي پيرانديءَ کان ويهي رهيو.
”اڙي تون ڀلا اڃا ڪڏهن سڌرندين؟! هي ٽائيم آ گھر اچڻ جو!؟ نڀاڳا... نِڪَما...“
خاموشي...

دک جا ٿوهر - رضوان گل

دک جا ٿوهر
رضوان گل


ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪوچ تيار بيٺي هئي. جيئن ئي ڪوچ ۾ چڙهيس ته سامهون ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏسي ڇرڪ ڀرجي ويو. ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. مئل قدم کڻندي وڃي سيٽ تي ويٺس. مٿو چڪرائجڻ لڳو. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مان خوش ٿيو هوس يا پريشان ٿي ويو هوس! بس عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي ان پل. هوءَ به شايد ڇرڪي پئي هئي. من ئي من ۾ سوچڻ لڳس زندگي به ڪيڏي نه عجيب شيءِ آهي، هر روز ڪيڏا نه عجيب موڙ اچي وڃن ٿا، هر روز انسان کي ڪيترن نه ڪٺن امتحانن مان ٿو گذرڻو پوي، هر روز ڪيڏا نه حادثا ٿين ٿا! اهڙا حادثا جن ۾ بظاهر ته ڪو به زخمي نه ٿو ٿئي، ڪابه شيءِ نه ٿي ٽُٽي ۽ نه ئي وري ڪنهن شيءِ جي ٽُٽڻ جو آواز ئي ٿئي ٿو، پر اهڙن حادثن ۾ اندر ئي اندر ۾ انسان زخمي به ٿئي ٿو، ته ٽٽي ڀُري ۽ ڀڄي به پوي ٿو. ها! اهڙا حادثا بس صرف پنهنجي ذات ۾ ئي محسوس ڪري سگھبا آهن. ڀلا ڪنهن کي دل ڪڍي ڪيئن ڏيکاربي!

مايوسيءَ جي خاڪ - رضوان گل

مايوسيءَ جي خاڪ
رضوان گل

هوءَ شهر جي هڪ مصروف روڊ جي فُٽ پاٿ تي بيٺل هئي. سندس اکيون نقاب جي پويان پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن گُھوري رهيون هيون. ٺهندڙ قد بت ۽ گوري چٽي رنگ واري نوجوان ڇوڪريءَ کي اڪيلو بيٺل ڏسي ڪيترائي ماڻهو سندس اردگرد لامارا ڏئي رهيا هئا. مان فٽ پاٿ جي سامهون هڪ سپر اسٽور جي شيشن واري دروازي مان اهو منظر ڏسي رهيو هوس. ٻه نوجوان موٽر سائيڪل جي ايڪسيليٽر جا زوردار آواز ڪندي سندس آڏو اچي بيهي رهيا. مون خريد ڪيل سامان پيڪ ڪرائي جلدي جلدي ان ڇوڪريءَ طرف وڃڻ ٿي چاهيو. دل ۾ خيال آيو، کانئس وڃي پڇان ته تون هتي اڪيلي ڇو بيٺي آهين ۽ ايڏي پريشان ۽ هراسان ڇالاءِ آهين!

Monday, February 10, 2014

گونگي - وفا اسلم شيخ

گونگي
(ڪهاڻي)
وفا اسلم شيخ

پنهنجي پنهنجي ڪچن، ڪکائن ۽ خيمي نما گھرن ۾ مصروف ماڻهن جون نگاهون ان رڙيون ڪندڙ عورت طرف متوجه ٿيون . ڪافي ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا.
”هيءَ ته گونگي آ، ڇا هيءَ ڳا لهائي به سگهي ٿي.!“ سوال اٿندا رهيا پر جواب لاءِ  ڪنهن کي وقت ئي نه هيو، ڳا لهه ئي ڪجهه اهڙي هئي ان خيمي ۾ ڪوئي مري ويو هيو.. عورت روئيندي خيمي اندر هلي وئي ان ننڍڙي وسنديءَ جا چند مرد ۽ عورتون هن جي پويان پهچندا ويا.
هيءَ هڪ  ننڍڙي آباد وسندي هئي تقريبا ۱۰۰ جي لڳ ڀڳ ڪچا،ڪکاوان ۽ ڪپڙي جي خيمن جا ننڍا وڏا گھر موجود هئا. سنڌوءَ ڪناري نارا ڪئنال جي ڀرسان اينگرو پلانٽ جي بلڪل پويان ڇُهارا منڊيءَ جي اوڀر ۾ موجود ان وسنديءَ جا ماڻهو سنڌوءَ ڪناري پوکي راهي ڪرڻ ۽ کجيءَ جي موسم ۾ ڇهارن جون پيٽيون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪم ڪار جو آغاز فجر سان ئي ٿي ويندو هيو. هر ڪوئي پنهنجي ذميوارين ۾ مصروف ٿي ويندو هيو.. ڪجھ مهينا ٿيندا جو وسنديءَ جي ڪجھ مفاصلي تي هڪ ٻيو خيمو لڳو.. جنهن جي چوڌاري ڪانڊيرن جو لوڙهو لڳل هيو. صرف اچڻ وڃڻ لاءِ ٿورو رستو ڇڏيل هيو. هيءُ خاندان چئن ماڻهن تي مشتمل هيو، هڪ اڌڙوٽ مرد هڪ جوان عورت ۽ ٻه ننڍڙا ٻارڙا چئن پنجن سالن جا. هنن جو خيمو ايترو وڏو به ڪونه هيو، ان ۾ ٻه کٽون هيون کٽن جي سيرانديءَ کان گھر جو ڪجھ سامان ۽ ٻه پيٽيون جڏهن ته کٽن جي پاسن کان ڇيڻا ۽ ڪاٺيون جيڪي ٻارڻ لاءِ ڪم اينديون آهن ۽ هڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ ۽ ٻيا ڪجهه ضرورت جا ٿانو رکيل هيا.

هريل هٿ - مٺل جسڪاڻي

هريل هٿ
مختصر ڪهاڻي
مٺل جسڪاڻي
صبح جو سيءُ هوندي به ڪمپيوٽر تي ويٺي ڪجهه ڪم ڪيم يا شايد وقت پاس ڪيم. اوچتو ڪڙو وڳو.
منهنجي من ۾ آيو ته فلاڻو، فلاڻي ڪم سان آيو هوندو، ۽ مون کي اهو به اندازو هو ته ٻيا سڀ ستل آهن يا رڳو سيءُ سبب هنڌ (بستري) ۾ نٽايو، ليٽيا پيا آهن، ان ڪري آئون تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃي دروازي تي پهتس.

Saturday, February 1, 2014

ڇولين جو ماتم -رضوان گل

ڇولين جو ماتم
ڪهاڻي
رضوان گل
”شهزاد! هڪڙي ڳالهه ڪَنَ کولي ٻڌي ڇڏ جيڪڏهن تون ان ڇوڪريءَ سان پنهنجي شاديءَ جو تصور به ڪيو ته اهو ڏينهن هِن گھر ۾ تنهنجو آخري ڏينهن هوندو. تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجي مڱڻي منهنجي ڀاڻيجي تانيا سان ٿيل آهي ۽ توکي شادي به ان سان ئي ڪرڻي پوندي. اهو منهنجو آخري فيصلو آهي، بس مان ٻي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. آيئي ڳالهه سمجھ ۾!“ بابا جو ڳورو آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. سندس چيل جملا بار بار سماعتن سان ٽڪرائجي منهنجون لوندڙيون ڦاڙي رهيا هئا.
اِرم جو عشق منهنجي لاءِ زندگيءَ جو ٻيو نالو بڻجي چڪو هو. هن سان ڪيل واعدا مون کي ڏينڀوءَ جيان ڏنگي رهيا هئا. هن منهنجي لاءِ پنهنجي والدين کي آماده ڪري ورتو هو، ڇو ته نه صرف مون پر اِرم به مون سان شديد محبت ڪئي هئي. هوءَ مون کان سواءِ مري ويندي ۽ مان به ڪنهن ٻيءَ سان زندگي گھاري نه سگھندس... پر اها ڳالهه بابا کي ڪير سمجھائي؟! سوچي سوچي ٿڪجي پيو هوس. دماغ جون رڳون ڌنوِين رهيون هيون. دريءَ مان ٻاهر نِهاريم ته يادن جي دريءَ جا تاڪ به کُلي پيا. اهو ڏينهن ياد اچڻ لڳو جڏهن مون کي اِرم پهريون ڀيرو ملي هئي...
..........

Thursday, January 30, 2014

بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽ - عديل مهر

بادل جماليءَ جي ڪهاڻيءَ ڏانهن موٽ
عديل مهر
ٽيھن سالن پڄاڻان وري جي هن ڪهاڻي لکي آهي ته اها هن کان محمد علي پٺاڻ لکرائي آهي ۽ شڪارپور ۾ دوستن جي درميان ويهاري پڙهائي به! بادل جماليءَ جو هيءُ ڄڻ ٻيو ادبي جنم آهي، جيڪو ثميره زرين ۽ شيخ اياز جي شهر ۾ ڪهاڻي لکي پڙهڻ ۽ لڳاتار لکندو رهڻ جي اعلان سان ٿيو. اها هڪ آس هئي جا هڪ ڪهاڻيڪار کي ٻئي ڪهاڻيڪار سان ملائڻ لاءِ وچولي کان اتر وٺي آئي. فون تي رابطن کان پوءِ روبرو بادل ۽ انور شيخ جي اها پهرين ملاقات هئي جيڪا سکر باءِ پاس تي ٿي. هو نيو سعيد آباد کان آيو هو، اسين کيس وٺڻ ويا هئاسين! ڪردار نگار کي ڪردار نگار سان ملائڻ جو ڪريڊٽ محمد علي پٺاڻ جو آهي. جيڪو خود هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، ليڪن پاڻ کان بي نياز هن شخص وٽ جيڪا ٻين جي قدر شناسي آهي، اها کيس ادب جو سچو عاشق ثابت ڪري ٿي. ڪيترن ۾ مون هڪ محمد علي ڏٺو آهي جيڪو انائن کي مات ڏيڻ جي مهم تي نظر اچي ٿو. ٻن اڻ واقف اديبن کي ملائڻ، انهن کان لکائڻ، ڇپائڻ، هر وقت اها اڻ تڻ، سدائين ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪندو، ڪنهن کي ڇنڻ نه ڏيندو، رٺل پيو پرچائيندو رهندو! بادل ۽ انور کي به هن ئي ملايو!

روشنيءَ جو سفر - رضوان گل

روشنيءَ جو سفر
ڪهاڻي
رضوان گل
چوڪيدار جي سيٽي گھٽين ۾ ڇانيل خاموشيءَ کي وقفي وقفي سان ٽوڙي رهي هئي. سياري جي ڊگھي سرد رات جا ٻه وڳا هئا. خالد جون اکيون ڪمري جي ڇت ۾ کتل هيون. ٻن ڪلاڪن کان مختلف سوچون سندس مٿي ۾ ڪوڪن جيان ٺوڪجي رهيون هيون. ننڊ ڪرڻ لاءِ بستري تي پاسا ورائي ورائي ٿَڪي پيو هو. بستري تي سُيون چڀي رهيون هيس. ننڊ جا آثار کيس پري پري تائين نظر نه ٿي آيا. عام حالتن ۾ کيس جڏهن ننڊ نه ايندي هئي ته ماضيءَ جا ڪي خوبصورت پل ياد ڪرڻ لڳندو هو ۽ اهي پل ياد ڪندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي، پر اڄ ڪلهه ننڊ سندس نيڻن مان اڏامي ويئي هئي.

Friday, January 17, 2014

وريل جو وهان - اختر حفيظ

وريل جو وهان
ڪهاڻي
اختر حفيظ
هي پنجون ڀيرو هو جو وريل جي شاديءَ لاءِ رکيل پتاشا ماڪوڙا کائي ويا هئا. هن جڏهن به شادي ڪرڻ جو رٿيو ٿئي تڏهن ڪا نه ڪا رنڊڪ ضرور نروار ٿي پوندي هئي ۽ همراهه جو منهن ئي لهي ويندو هو. وري قسمت کي پٽون پاراتا شروع ٿي ويندا هئا. هن جي ڄمار جا سڀ يار دوست پرڻجي ٻارن وارا ٿي ويا هئا پر هن تي قسمت جي ديوي مهربان ٿيڻ کان اصل نابري واري ويٺي هئي. هن ڀيري سندس ڏاڏي برقعو مٽايو هو. وري ڪجهه مهينن لاءِ هن جو وهانءُ دير سان ٿيڻ جا چٽا امڪان ٿي ويا هئا. انهيءَ کان اڳ، جڏهن سندس ناني بيمار ٿي هئي ته هن سندس خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا هئا. نانيءَ جي خدمت هن دل سان ڪئي. بيمار نانيءَ جي کٽ تان اٿيندو ئي ڪو نه هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ هن پنهنجي وجود کي کٽ جي پاڳي سان ٻڌي ڇڏيو هجي. حڪيمن کان ڪشتا، ڊاڪٽرن کان دوائون ۽ درگاهن تان پڙهايل ڪارا ۽ ڳاڙها سڳا به نانيءَ جي ڳچيءَ ۾ انهي اميد سان ٻڌي ڇڏيا ته من موت جي بلا سندس شاديءَ تائين ٽري وڃي. نانيءَ جي طبيعت کي وڌيڪ خراب ٿيندو ڏسي هن نماز به شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ جڏهن نماز کان پوءِ دعا لا هٿ کڄندا هئا ته چپن تي اها ئي دعا هوندي هيس ته؛ رب! نانيءَ کي وڏي ڄمار ڏي جيڪڏهن وڏي ڄمار نٿي ملي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجا موڙ ڏسڻ جيتري ته حياتي ڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نانيءَ جي موڪلائڻ کانپوءِ سندس نماز به موڪلائي وئي. پوءِ هن جيئن ئي مصلو ويڙهي رکيو ته اتي ئي پيو رهيو. جنهن تي دز جا تهه ڄمي ويا هئا. انهن ڏينهن ۾ هو نانيءَ جي کٽ ڀرسان ويهي کيس صحتمند ٿيڻ جو يقين ڏياريندو هو ته ”ناني تون ڏسجان جلدي ٺيڪ ٿي ويندين اڃا ته مون کي موڙ ٻڌڻا اٿيئي.“ پر جڏهن نانيءَ جي هڏائين پڃري ۾ تبديل ٿيل جسم کي ڏسندو هو ته سندس اکين ۾ مايوسي ديرا ڄمائڻ لڳندي هئي ۽ هو هٿ مليندو، پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳندو هو ته لڳي ٿو هن سال به پاڻ گهوڙي نه چڙهنداسين.

Wednesday, January 15, 2014

نِنڊاکِڙو وجود - فھيم اختر

نِنڊاکِڙو وجود
ڪھاڻي
فھيم اختر
“يار نعيم توکي ان موقعي مان فائدو وٺڻ گھرجي، اهڙا موقعا زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ايندا آهن ادا.” سارنگ نعيم کي سعودي عرب وڃڻ لاء زور ڀري رهيو هو.
“تو واري ڳالهه صحيح آهي، پر الائي ڇو دل نه ٿي مڃي، پهريون ڀيرو گھر کان ايڏو پري، مري ويندس ادا آءٌ!” نعيم وراڻيس. “ٻيو ته اها ڪمپني جنهن ۾ سي وي موڪلڻ لاء تون چئي رهيو آهين، اهي اُتي سعوديء ۾ به انٽرويو وٺندا. جي ان ۾ فيل ٿي پيس ته ڪرايا ڀاڙا سڀ اجايا ويندا. مون وٽ ايتري جمع پونجي به ناهي ۽ هُن هُن کان پِن سِن ڪري پئسا ڏوڪڙ هٿ ڪرڻ جهڙي خواريءَ کان چڱو آهي ته لالچ ڇڏي ماٺڙي ڪري هت ئي دال مانيءَ تي گذر ڪجي.”

Monday, January 13, 2014

برصغير ۾ جديد سنڌي افساني جي ابتدا - ريحانه نظير

ريحانه نظير
سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا 1953ع ۾ ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي جديد تعليم کان متعارف ڪرائڻ لاءِ پڙهيل لکيل سماجي خدمتگارن (جن ۾ گهڻي اڪثريت هندو برادري جي هئي) پنهنجي ذاتي خرچ مان ڪيترائي اسڪول، ڪاليج ڌرم سنٿائون قائم ڪيون ته جيئن عام ماڻهوءَ کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا جن ۾، درسي ڪتابن سان گڏ ماڻهن جي وندر لاءِ ادبي ڪتاب پڻ ڇپايا ويا. جن ۾ داستان، قصا ۽ شاعري وغيره جا ڪتاب شامل هئا. پر وقت جي تيزرفتاري ۽ صنعتي ترقي ۽ بدلجندڙ سماجي قدرن اندر عام ماڻهن وٽ ايترو وقت ڪونه هو جو وڏا قصا يا داستان پڙهي سگهن. معاملي جي نزاڪت کي سمجهندي ان وقت جي باشعور ليکڪن ادب ۾ نين صنفن ناول، ڊراما ۽ آکاڻين جا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن پڙهندڙن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. بقول ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو جي ته ”انگريز سرڪار سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ۾ ورهايو: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. جنهنڪري اهي ٽيئي شهر ضلعي هيڊڪواٽر جي حيثيت ملڻ ڪري وڌيڪ ترقي ماڻي سگهيا. نئين تشڪيل ڏنل آئيويٽا کان پوءِ اهي ٽيئي شهر جديد تعليم ۽ ادب ۾ اڳڀرا ٿيڻ لڳا. ڪراچي ۽ حيدرآباد کان علاوه شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾ جيئن پوءِ تيئن نيون رونقون رونما ٿيڻ لڳيون. جديد تعليمي ادارا قائم ٿيڻ سان گڏ اشاعتي ادارا به وجود ۾ اچڻ لڳا. جنهنڪري قلمڪارن جو قلمي پورهيو به شايع ٿيڻ لڳو. ان وقت جي تقاضا موجب ماڻهو روح جي راحت ۽ دل جي وندر لاءِ قصن ۽ داستانن جو مطالعو ڪندا هئا. جنهنڪري اديب، قصن ۽ داستانن جي لکڻ ۽ ڇپائڻ طرف توجهه ڏيڻ لڳا. اڳتي هلي اهي قصا ۽ داستان ئي افسانوي ادب جو بڻياد بڻيا. انگريزن جي دور ۾ ادب جي مختلف صنفن کان سواءِ نثري صنف ڪهاڻي پڻ ترقي ڪئي. قصن ۽ داستانن جي دور ناول، ڪهاڻي ۽ افساني جي دور ۾ پاسو بدلايو.(1)