Sunday, November 3, 2013

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت - وحيد رزاق مستوئي

سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت
مذاڪري جو اکين ڏٺو احوال
وحيد رزاق مستوئي
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ سميت ايشيا جي اديبن جي وڏي تنظيم آهي. جنهن جي وسيلي سنڌي ادب، ٻولي توڙي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو. جتي مرڪز ۽ ٻيون شاخون پنهنجي وت وس آهر ڪم ڪن پيون، اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو سنڌ ۾ انتهائي سرگرم ۽ متحرڪ شاخ آهي. هن شاخ ۾ ليڪچر پروگرام، رهاڻيون، ڪتابي مهورتون، ڪتابي اڀياس، ورڪشاپ، ادبي ۽ تعليمي ڪانفرنسون، ثقافتي پروگرامن ۽ مذاڪرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول ۾ ڪرايل مذاڪري ۾ ساهتي پرڳڻي جي اديبن سنڌي ادبي سنگت شاخ موري پاران ”سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي اهميت“ جي عنوان هيٺ ٿيل مذاڪري ۾ چيو آهي ته؛
”سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي اهميت مُنڊيءَ جي ٽِڪ وانگر آهي. جديد ڪهاڻي جو تاڃي-پيٽو ڪمزور آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻيءَ جو عروج جهڪو ٿيو آهي. پر ڪهاڻي اڃا مُئي ناهي. ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ تربيت جي ضرورت آهي.“
ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي، نئين ٽهي جي ليکڪ اظفر سعيد ميمڻ چيو ته؛
”ادارا فردن جي حوالي هوندا آهن، پر ٿيندا قومي ملڪيت آهن. ڌاريو ادب نه پڙهڻ ڪري، اسان ڪهاڻيءَ جو تقابلي جائزو وٺي نه ٿا سگهون. اڄ اهي نقاد ناهن، جنهن ڪري ڪهاڻي جي ڇنڊ ڇاڻ نه پئي ٿئي. سينئرن جي ڀيٽ ۾ نوجوانن جي ڪهاڻين ۾ جهول آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته؛
”ڪهاڻيڪار گهڻا آهن، پر قاري ڪونهن. جنهن ڪري کوٽ نظر پئي اچي.“
هن چيو ته؛
”افسانو مختصر ۽ ڪهاڻي ڊيگهاري ٿيندي آهي. افساني ۾ هڪ ئي واقعي کي کڻبو آهي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ زمان مڪان جي ڳالھه هوندي آهي. ڪهاڻيءَ جي ڪردار نگاري ۾ توازن نه ڪبو ته جهول ظاهر ٿيندا. آغاز ۽ انجام به هجي. شروع ۾ ترجما ڪيا ويا. بعد ۾ ڪهاڻي ڪمال جي حد تائين ترقي ڪئي. هاڻي ڪهاڻي جو ٽرينڊ بدليو آهي.“
نامياري محقق پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري چيو ته؛
”ڪهاڻيڪارن، ادب جي خدمت ڪري ان ۾ جان وڌي. پر مطالعي جو شوق گهٽ هجڻ جي ڪري، ان جي اهميت ظاهر نه ٿي آهي. علم ۽ ادب مان شعور ملي ٿو ۽ ذهني سڪون حاصل ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جو اثر نسل ۽ سماج تي پوي ٿو. ان ڪري اهڙي ڪهاڻي جي ضرورت آهي، جيڪا سماج کي فائدو ڏئي.“
هن چيو ته؛
”نوجوان، شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جو مطالعو ڪن. پر ان سان گڏ تاريخ جو علم به پڙهن. ڇاڪاڻ ته هر علم جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي ۽ هر صنف ڪم جي آهي.“
نامياري شاعر منظور شاھ منظور چيو ته؛
”ادب ۽ سماج جو اڻ ٽٽ رشتو آهي ۽ قومون، ٻولين سان سڃاپجن ٿيون. هن وقت ادب ۾ صحتمند سائنسي رُخ وارين ڪهاڻين جي گهرج آهي.“
نامياري نقاد خليق ٻگهيو چيو ته؛
”سنڌي ڪهاڻي زندھ آهي، جيڪا سوچ جو زاويو وڌائي ٿي. پر عالمي سطح جو نثر نٿو لکيو وڃي. اڄ ڪلھه ادب کي شوبز جي دنيا ڪيو ويو آهي. ادب، ماڻهوءَ کي پوڙهو ٿيڻ نه ٿو ڏئي. ان جي خوراڪ؛ مطالعو ۽ لکڻ آهي.“
هن چيو ته؛
”ڪهاڻيڪارن ۾، اڄ جي دور ۾ به وڏا نالا موجود آهن. اسٽڊي سرڪل به نه رهيا آهن. اسان وٽ طارق اشرف جهڙو ايڊيٽر ۽ شيخ اياز جهڙو شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي.“
اديب ليکڪ رضا ايوب لانگاھ چيو ته؛
”شاعريءَ ۾ به ڪهاڻي آهي ۽ شاعر به ڪهاڻيڪار آهن. اصل ۾ ڪهاڻيءَ ۾ مقصد هجي ته جدت ايندي. نوجوان مطالعو گهٽ ٿا ڪن، ان ڪري ڪهاڻيءَ سان انصاف نه ٿا ڪري سگهون.“
هن چيو ته؛
”سال ۱۹۸۰ع کانپوءِ، ڪهاڻي لکڻ جو عمل جهڪو ٿيو آهي. پر ڪهاڻي مري وڃڻ وارو الزام غلط آهي.“
بابر مقدر ميمڻ چيو ته؛
”ڪهاڻي نثر جو حصو آهي. اڪثر رسالا نثر سان ڀريل آهن. ان جي ڀيٽ ۾، نظم گهٽ آهي. ڪهاڻيءَ جو رس چس پنهنجو آهي.“
هن چيو ته:
”امرجليل جي اها ڳالھه وزنائتي آهي ته لکڻ جا ۳۶ ٿيم آهن، جن تي هزارين ڪهاڻيون لکجن پيون. امر جليل ۽ علي بابا اڄ به لکن پيا.“
نوجوان شاعر امداد سولنگي چيو ته؛
”تخليق ڪار جا ٽارگيٽ مختلف آهن. ڪهاڻيءَ ۾ نوان تجربا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪهاڻيءَ ۾ طنز، ڀوگنا ۽ مزاح جو پيغام هوندو آهي. جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو تاڃي-پيٽو ڪمزور آهي.“
اسلم عباسي چيو ته؛
”ڪهاڻيڪار، سماج جي ڪردارن کي ڪمال جي حد تائين کڻي اچي ٿو. ان ڪري ڪهاڻيءَ بابت ڄاڻ ۽ تربيت جي ضرورت آهي.“
هن چيو ته؛
”نجم عباسي، ساهتيءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار هو. جنهن غربت، مفلسي، بک بدحالي ۽ سماج جي هر طرح جي ڪهاڻين ۾ عڪاسي ڪئي آهي. اسان کي اهڙو ماحول جوڙڻو پوندو، جو ڪتاب هٿو هٿ وڪامي وڃن. پر ان کان اڳ ۾ ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ سيکارڻ لاءِ، تربيت ڪرڻي پوندي.“
سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ شيخ چيو ته؛
”ڪهاڻي جي لکڻ لاءِ، اتساھ پيدا ڪرڻ کپي. پر پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ وارن جو حلقو پيدا ڪرڻ کپي. ليڪچر ٿئي، جنهن کانپوءِ، ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن ڪردارن جي چونڊ ڪئي وڃي، جيڪي سماج ۾ تبديلي آڻڻ جا اهڃاڻ هجن.“
وزير فرهاد سولنگي چيو ته؛
”سنڌي ادب ۾ دور دور جي گهرج مطابق، ڪهاڻي لکي وئي. عروج جهڪو ٿيو آهي پر زوال نه آيو آهي.“
هن چيو ته؛
”ورهاڱي کانپوءِ ۱۹۸۰ع تائين، ڪهاڻيءَ جو عروج هيو، جيڪو بعد ۾ گهٽيو آهي.“
سڪندر ڪورائي چيو ته؛
”جن ڀوڳيو آهي، انهن ئي لکيو آهي. ڪهاڻيءَ کي ٻڌڻ واري سگھه کٽي وئي آهي. ڪهاڻي اڄ جي ڪردران تي لکڻ کپي. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي اها ئي اهميت آهي. اڄ هن موضوع کي اسان پاڻي ۾ پٿر هڻڻ سمجهون ٿا.“
اعجاز دونگھه چيو ته:
”ڄمڻ کان وٺي، ڪهاڻيءَ جو سفر شروع ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جي ايتري اهميت آهي، جيتري بکايل کي مانيءَ جي ۽ اڃايل کي پاڻي جي ضرورت آهي.“
سڪندر جروار چيو ته؛
”ڪهاڻي اڄ به زندھ آهي. ادب جا سڀ پاسا بهتر آهن. پر جائزي وٺڻ وارو عمل نه رهيو آهي.“
سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي سيڪريٽري رزاق مستوئي چيو ته؛
”سنڌي ادب ۾، ڪهاڻيءَ جي اهميت مُنڊيءَ جي ٽِڪ وانگر آهي. اسان وٽ مطالعي جي گهٽتائي جي ڪري فِڪري سوچ ڪمزور ٿي وئي آهي. ان ڪري اڄ جي گهرج مطابق هي مذاڪراتي بحث نوان گس ۽ ڪهاڻي لکڻ جا پلاٽ مهيا ڪندا.“

مذاڪري ۾ مٿين کان علاوه احمد ظفر خاصخيلي، وحيد رزاق مستوئي، الطاف سومرو، ڪاشف شاھ ۽ ٻين پڻ پنهنجا رايا پيش ڪيا. جڏهن ته نامياري فنڪار ماسٽر محمد حنيف چانڊيو کان لطيف جي وائي ڳارائي هن مذاڪري جي شروعات ڪئي وئي ۽ بعد ۾ پڻ هن پنهنجي مڌر آواز سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

No comments:

Post a Comment